اهو مرد شريف آهي جنهن کي موقعو ناهي مليو: ندا ياسر

0
157

اهو مرد شريف آهي جنهن کي موقعو ناهي مليو: ندا ياسر

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ميزبان ندا ياسر چيو آهي ته مرد رڳو اهو شريف آهي جنهن کي موقعي ناهي مليو

پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ندا ياسر کان ميزبان سوال ڪيو ته هو مڙس ياسر نواز جو موبائل فون چيڪ ڪندي آهي؟ جنهن جي جواب ۾ ندا حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا ياسر مون کي ٽري ۾ رکي پنهنجي موبائل ڏئي ڇڏيندو؟

پوءِ هن پاڻ ئي جواب ڏنو ته ايئن ڪڏهن به نٿو ٿي سگھي، آئون اڄ تائين پنهنجي مڙس جو موبائل چيڪ ناهي ڪيو ۽ آئون سندس موبائل چيڪ به نٿي ڪري سگهان ڇو جو مون کي ان جي ڪوڊ جي خبر ناهي

ميزبان سوال ڪيو ته ياسر جي موبائل جو ڪوڊ ٻارن کي ته خبر هوندو جنهن تي ندا ياسر ٻڌايو ته ٻارن کي خبر هوندو تڏهن به اهي مون کي نه ٻڌائيندا ڇو جو اهي ڊڄندا آهن ته جيڪڏهن هنن مون کي ڪوڊ ڏنو ۽ ياسر جي موبائل مان ڪجهه نڪري آيو ته اسان جو جهيڙو ٿي ويندو

ندا ياسر جي جواب تي ميزبان سوال ڪيو ته ڇا اوهان کي خطرو آهي ته ياسر جي موبائل مان ڪجهه نڪري سگھي ٿو. جنهن جي جواب ۾ ندا ٿڌو ساهه کڻندي چيو ته مرد اهو شريف آهي جنهن کي موقعو ناهي مليو