اهو عظيم الشان جلسو، جيڪو ٿي نه سگهيو

0
320
محرم راز .. اچو! اڄ آزادي جي تحريڪ جي هڪ هيرو کي ياد ڪيون

اڄ کان 14 سال پهرئين 18 آڪٽوبر 2007ع  تي ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار جي سامهون هڪ عظيم الشان جلسو ٿيڻو هو، جيڪو ٿيڻ نه ڏنو ويو. جيڪڏهن انهي ڏينهن اهو جلسو ڪرڻ ڏنو وڃي ها ته آسمان هڪ ڀيرو ٻيهر اهو منظر ڏسي ها جيڪو انساني تاريخ جو رخ موڙي ڇڏيندو آهي. اڄ پاڪستان جو سياسي منظر نامو به هي نه هجي ها جيڪو اڄ آهي. 7 سال پهرئين 18 آڪٽوبر 2014ع تي پاڪستان پيپلز پارٽي انهي هنڌ تي اهو جلسو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، جلسو ته ٿي ويو پر اهڙو نه ٿيو جهڙو 2007ع  ۾ ٿيڻو هو، پوءِ هر سال 18 آڪٽوبر تي انهي هنڌ تي جلسو ڪيو ويندو آهي. اڄ 17آڪٽوبر 2021ع تي انهي هنڌ اٺون جلسو ٿي رهيو آهي، ڇا اسان اهو منظر ڏسي سگهنداسين، جيڪو 2007 ع ۾ نه ڏسي سگهيا هئاسين. محترمه بينظير ڀٽو شهيد 8  سالن جي جلاوطني کانپوءِ 18 آڪٽوبر 2007ع  تي جڏهن وطن واپس آئي ته انهي جي استقبال لاءِ ڪراچي ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو هو.ڪراچي ايئرپورٽ چئني پاسن کان سڀني شاهراهن ۽ رستن تي ميلن تائين رڳو ماڻهو ئي ماڻهو  نظر اچي رهيا هئا. ملڪ جي ٻين حصن مان ايندڙ استقبالي قافلن  کي ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾  داخل ٿيڻ لاءِ رستا نه پئي مليا. هڪ پاسي ٺٽي تائين، ٻئي طرف حيدرآباد تائين ۽ ٽئين طرف حب بلوچستان تائين گاڏين جا قافلا بيٺا هئا.  انهن سڀني قافلن کي مزار قائد پهچڻو هو اتي ئي عام جلسو ٿيڻوهو. دنيا اهو ڏسڻ پئي چاهي ته مزار قائد جي چوڌاري رستن تي ماڻهو ڪيئن ماپجي سگهندا.؟اهو ئي اندازو لڳايو پئي ويو ته جلسي  جي چئني پاسن ميلن تائين ماڻهو ئي ماڻهو هوندا پر اهو جلسو ٿيڻ نه ڏنو ويو. ڪراچي جي شاهراهه فيصل تي ڪارساز جي هنڌ تي دهشتگردن استقبالي قافلن تي حملو ڪري ڏنو هو، جنهن ۾ 179 ماڻهو شهيد ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي  ٿي ويا هئا.ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهن جو اهو سمنڊ اکين کان اوجهل ٿي ويو.

عوامي طاقت جي پرامن مظاهري کي دهشتگردي ۽ بمن ذريعي روڪيو ويو. عوام دشمن طاقتون عوام جي روڊن تي اچڻ کان هميشه ڊنل هونديون آهن، ڇو ته انهي سان انهن جي رياست ۽ سياست تي پڪڙ ڍري ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن عوامي طاقت جو مظاهرو تمام گهڻو وڏو هجي ته اها پڪڙ ختم به ٿي ويندي آهي. تاريخ ۾ دنيا  جا وڏا انقلاب عوامي طاقت جي وڏن مظاهرن سان آيا آهن. ڪنهن هڪ جاءِ تي لکين ماڻهو گڏ  ٿيندا آهن ۽ انهي جاءِکان  ڪيترائي ميل پري اقتدار ۽ طاقت جا ايوان لڏي ويند آهن ۽ انهن ايوانن ۾ رهندڙ ڀڄي ويندا آهن.  18 آڪٽوبر 2007ع تي عوامي طاقت جو مظاهرو اهڙو ئي هو، انهي جا نتيجا ڪنهن جي هٿ ۾ نه هئا. عوام جو طوفان جيئن جيئن اڳتي وڌي رهيو هو، اقتدار  ۽ طاقت جي ايوانن ۾ تيئن تيئن ڀونچال وڌي رهيو هو، انهي لاءِ عوام دشمن قوتن انهي کي روڪڻ  لاءِ وحشاڻو قم کنيو،   انهي لاءِ غير رياستي عنصرن کي استعمال ڪيو ويو. محترمه بينيظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب “ مفاهمت” ۾ لکي ٿي “ته جڏهن جنرل پرويز مشرف  تي واضح ٿي ويو ته مان پنهنجي واپسي ملتوي نه ڪنديس ته هن منهنجي  اسٽاف ذريعي پيغام موڪلرايو ته مان ڪو عوامي مظاهرو ۽ ميڙاڪو نه ڪيان ۽ ايئرپورٽ کان هيلي ڪاپٽر ذيعي سڌو ڪراچي ۾ بلاول هائوس تي لهان.”  انهي پيغام مان خبر پئي ٿي ته غير جمهور طاقتون عوامي طاقت کان ڪيترو ڊنل هونديون آهن،

 18 آڪٽوبر 2007 ع واري جلسي جي رٿيل هنڌ تي پيپلز پارٽي اڄ اٺون جلسو ڪرڻ وڃي رهي آهي، پر اهڙو جلسو شايد پوءِ به نه ٿي سگهندو.  18 آڪٽوبر 2007 ع جو جلسو پاڪستانين تي تاريخ جو قرض آهي، جيڪڏهن اهو جلسو ٿي وڃي ته پاڪستان ۾ هڪ پرامن انقلاب اچي سگهي ٿو. عوام دشمن ۽ غير جمهوري قوتن جي پڪڙ جو  خاتمو ڪري سگهجي ٿو ۽ پاڪستان کي سياسي طور حقيقي آزادي ڏياري سگهجي ٿي. 18 آڪٽوبر 2007ع جي عوامي ميڙ جون ڪيتريون ئي انقلابي خوبيون هيون. هڪ ته انهي ميڙ ۾ ماڻهن جو وڏو تعداد شريڪ هو، جيڪو پرامن انقلاب جي بنيادي گهرج هوندي آهي.پاڪستان يعني وادي سنڌ جي هر علائقي جا ماڻهو انهي ۾ موجود هئا. ٻي خوبي اها هئي ته ماڻهو پر جوش هئا ۽ فضا دما دم مست قلندر جي نعرن سان گونجي رهي هئي.  ماڻهو آمريت سان نفرت ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ آيا هئا.

انهي ميڙ جي ٽين خوبي پاڪستان جي عوام جي اتحاد جو عملي مظاهرو هو. نسل پرستي، فرقه پرستي، تنگ نظر ۽بالڪنائيزيشن(Balkanization) يعني ورهائڻ جي سياست دم ٽوڙي رهي هئي، جيڪو آمراڻي قوتن جو هٿيار آهي.

انهي ڏينهن جيڪڏهن عوامي طوفان وڌيڪ ڪجهه ڪلاڪ پنهنجو سفر جاري رکي ها ۽ مزار قائد تي  جلسو ٿي وڃي ها  ته پاڪستان ۾ عوام دشمن طاقتون گهڻو ڪمزرو ٿي وڃن ها. پاڪستان جي سياست ۾ انهن جي مداخلت گهڻي گهٽجي وڃي ها،   انتهاپسندي جي سياست گهڻي حد تائين غير موثر ٿي  وڃي ها ۽ پاڪستان جو سياسي منظر نامو ٻيو هجي ها. گهٽ ۾ گهٽ سليڪٽيڊ ۽ سليڪٽر جي سياسي راند نه ٿي رهي هجي ها.  18 آڪٽوبر 2007ع  جو عوامي طوفان آڻڻ جي سزا محترمه بينيظير ڀٽو کي 27 ڊسمبر 2007ع تي شهيد ڪري ڏني وئي.  اڄ وارو پيپلز پارٽي جو جلسو 18 آڪٽوبر 2007ع جي شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جو جلسو ته ٿي سگهي ٿو پر پاڪستان کي حقيقي سياسي آزادي ڏيارڻ لاءِ 18 آڪٽوبر 2007ع  جي جلسي جو تاريخي قرض انهي وقت تائين رهندو، جيستائين اسان اهو نه ٿا لاهيون.  قتل گاهن مان جهنڊا چونڊي عاشقن جا قافلا ڪڍڻ لاءِ مفاهمت سان گڏوگڏ مزاحمت جي واٽ لازمي طور اختيار ڪرڻي پوندي.