اهو اوهان پاڻ پڙھجو!

0
150
اهو اوهان پاڻ پڙھجو!

 علي پور ڪا ايلي” اُھو ڪتاب آھي، جنهن کي مُون رات ڏينهن هڪ ڪري بنان ڪنهن ساهيءَ جي پڙھيو آھي. 933 صفحن تي مُشتمل هي ناول مُون کي مانيءَ کان وڌيڪ وڻيو آھي. هن ڪتابُ کي مُون پڙھيو گهٽ ۽ محسوس وڌيڪ ڪيو آھي. هن ناول جي نائڪ ۾ مُون پنهنجو پاڻ محسوس ڪيو آھي. هي ناول پڙھندي مُون کي پنهنجو پهريون پيار ياد اچي ويو. هي اهو ناول آھي جنهن کي مُون اکين سان انڊر لائين ڪيو آھي. “علي پور ڪا ايلي” پڙھڻ کان پوءِ پتو پيو ته عورت هزار ڀيرا بي وفا هُوندي به وڏي وفادار هُوندي آھي، جيڪا ڇهن ٻارن جي ماءُ هُوندي به محبُوب سان گڏُ گهران ٽن ڪپڙن ۾ نڪري وڃي ٿي. عورت جنهن وٽ عزت کان مٿي ٻي ڪا به دولت ناهي هُوندي، اُھا پيار لاءِ سڀ ڪجهه داءُ تي لڳائڻ واري جُرئت عورت ئي ڪري سگهي ٿي، اُھا به علي پور ڪا ايلي جي نائڪا.

                 هي اُردو جي ماياناز اديب ممتاز مُفتيءَ جي آپ بيتي آھي، جنهن کي هن ناول جي رُوپ ۾ لکيو آھي. هي اُھو ناول آھي جنهن کي اُردُو ادب ۾ ناولن جو گُرو گرنٿ چيو وڃي ٿو. هي جيڏو ضخيم آھي، ايڏو ئي تجسس سان ڀرپُور آھي. صفحه اول کان وٺي صفحه انتم تائين ماڻهو پڙھڻ تي مجبور ٿيو وڃي. هن ناول جي وڏي خُوبي اها آھي جو هن جو تخليقڪار ڪردار ۽ منظر اهڙي ڪمال ڪاريگريءَ سان گڏُ کڻي هلي ٿو، جو ماڻهوءَ کي افساني تي گُمان ٿئي ٿو ڄڻ حقيقت هُجي. ايليءَ جي ڏاڏي کيس هر وقت ڏڍُ ڏيندي چوندي آھي، ڪُجهه ناهي ٿيو، ڪُجهه به ته نه.. ۽ جڏھن اُھا مري ويندي آهي تڏھن ايلي علي پور ۾ ناهي هوندو. ان کي تار ملندي آھي. اُتي کيس ڏاڏيءَ جا اُھي گفتا ياد ايندا آھن؛ “ڪُجهه ناهي ٿيو، ڪُجهه به ته نه”. ڪيڏي نه ڪمال ڪاريگريءَ سان منظر ۽ مڪالما گڏُ کڻي هليو آھي ممتاز مُفتي!

هي اُھو ڪتاب آھي جنهن جي مُنڍ ۾ لکيل آھي ته، “مُنهنجو پهرين مشورو اهو آھي ته توهان هي ڪتاب نه پڙھو. برباد ٿي ويندؤ، خُوار ٿي ويندؤ. توهان سوچيندؤ ته اھا ڳالهه ته بلڪل ائين آھي جيئن سگريٽن جو خوبصُورت اشتهار ڏيکاري بعد ۾ چيو ويندو آھي ته، خبردار! تمباڪو نوشيءَ صحت جي لاءِ هاڃيڪار آھي، پر ماڻهو ان چيتاوڻيءَ جي باوجود سگريٽ نوشيءَ کان نٿا مُڙن. بلڪل اهڙي ريت ماڻهو ‘علي پور ڪا ايلي’ پڙھڻ کان به نٿا مُڙن.“

هن ناول جو تخليقڪار ممتاز مُفتيءَ لکي ٿو ته، ”هي روئدادِ حيات آھي هڪ اهڙي ماڻهوءَ جي، جنهن جو تعليم ڪُجهه نه بگاڙي سگهي. جنهن تجربي مان ڪُجهه نه سکيو. جنهن جو ذھن ۽ دل هڪٻئي کان اڻواقف رهيا. جيڪو پروان چڙھيو ۽ پيءُ بڻجڻ جي باوجود ٻار ئي رهيو. جنهن ڪيئي مُحبتون ڪيون، پر مُحبت نه ڪري سگهيو. جنهن مُحبت جُون ڦُول جهڙيون پنهنجي انا جي تسڪين خاطر هلايون پر پاڻ ارپڻ واري جذبي کان محروم ئي رهيو ۽ شعلا جوالا پيدا نه ڪري سگهيو.

هن ناول جو نائڪ الياس آھي، جنهن کي ايلي چوندا آھن. ايلي انتهائي شريف النفس انسان هوندو آھي. جنهن کي سندس راست گوئي ڪٿي جو نه ڇڏيو. هُو پنهنجي پيءُ جي رنگين مزاجيءَ کان سخت نفرت ڪندو آھي. هُو ڪؤر کان به نفرت ڪندو آھي. ڪؤر هڪڙي هندُو ڇوڪري  آھي، جيڪا هن جي پيءُ وٽ پنهنجي ڀاءُ آسا جي نوڪري جي سفارش ڪرائڻ لاءِ ايندي آھي. ايلي ڪؤر سان نفرت ڇو ڪندو آھي ۽ آسا ڪهڙي بي واجبي ڪندو آھي؟ اهو توهان پاڻ پڙھجو. هن ڪتاب جو سارا صبوره وارو بابُ به انتهائي ڇرڪائيندڙ آھي، جنهن کي پڙھي ماڻهوءَ جا وار ڪانڊارجي ويندا آھن. اهو ڇرڪائيندڙ ڇو آھي، ڪئين آھي، اهو اوهان پاڻ پڙھجو. آئون ٻُڌائيندس ته پوءِ تجسس نه رهندو ۽ تجسس نه رهيو ته پوءِ هيڏو ضخيم ناول پڙھبو ڪونه. سارا صبورا کان سواءِ اينڪر اينڊي مابائون واريون مستيون ۽ هڪوري ڊڪوري ڏسڻ واريون آوارگيون پڻ قابل داد آھن. اينڪر اينڊي مابائون ۽ هڪوري ڊڪوري واري راند ڪندڙ ايلي جو دوست ارجمند جڏھن بيمار ٿئي ٿو، تڏھن ايلي پنهنجي دوست رضا سان گڏُ کيس ڏسڻ وڃي ٿو؛

”ايلي غور سان ارجمند ڏانهن يڪ ٽڪ نهاري رهيو هو. پوءِ هن جي نگاھ اُن ميز تي پيئي، جيڪا ارجمند جي سيراندي پيئي هُئي. ميز تي هڪڙي ٿُلهي ڪاپي پيئي هُئي، جنهن جي سرورق تي خوبصُورت خطاطيءَ ۾ اينڪر اينڊي مابائون لکيل هو. هڪڙي طرف بانسري ديوار سان لڳل پيئي هُئي ۽ ان جي نزديڪ سستي عطر جُون ڪُجهه شيشيون پيون هُيون. شاعريءَ جا ڪيئي ننڍا ننڍا ڪتاب پيل هُئا. پنهنجي اينڪر اينڊي مابائون، پريم سنديس، پريم پتر ۽ پونم ٽوڻا کان بي نياز ۽ بي خبر گوگل جي بن جو اُھو ڪنهيو اکيون پُوري بي حس ليٽيو پيو هو، ڄڻ هن ۾ چُرپُر جي شڪتي نه هُئي. هن منظر کي ڏسي ايلي جي دل چيو ٿي ته دانهون ڪري روئي.“

هن ناول جي نائڪا شهزاد هُوندي آھي. شهزاد هڪڙي شادي شده عورت آھي. جيڪا ڇهن ٻارن جي ماءُ هُوندي به هن سان بي انتها مُحبت ڪندي آھي. ائين سمجهو شهزاد وارو ڪردار هن ناول جي جان آھي. شهزاد سان ايلي والهانه مُحبت ڪري ٿو. هن جي محبت ۾ ايڏو گرفتار ٿئي ٿو جو نيٺ شهزاد کي ڀڄائي وڃي ٿو. ڀڄائڻ کان پوءِ هنن جي زندگيءَ ۾ ڪٿي به سُک نظر نٿو اچي. رڳو ڏُک ئي ڏُک. شهزاد جي بيماريءَ ايليءَ جا لاھ ڪڍي ٿي ڇڏي ۽ پوءِ هڪڙو ڏينهن پاڻ ۾ ايڏا ڪاوڙجي وڃن ٿا جو جُدائي ٿي وڃي ٿي. جُدائي ڇو ٿئي ٿي، اهو توهان پاڻ پڙھجو. شهزاد جي محبت هئڻ جي وچ ۾ هن کي سادي ملي ٿي. سادي هن جي زندگيءَ ۾ ائين اچي ٿي جيئن اماس ۾ اچانڪ چَنڊُ جو پرتوو پئجي وڃي. جئين ست جُھڙيءَ ۾ ڪٿان سجُ ظاهر ٿي پوي. سادي اچانڪ ڇو وڇڙي وڃي ٿي؟ اهو تجسس رهڻ ٿا ڏيون. شهزاد جڏھن وڇڙي وري ملي ٿي، تڏھن ڪمال جي ڪيفيت هوندي آھي. شهزاد جي لک بي وفائين جي باوجود ايلي هن سان ايڏي مُحبت ڪري ٿو جو هن جي ڪُلهي تي ڪنڌ رکي بي تحاشا روئي ٿو. تڏھن شهزاد کيس چوي ٿي هاڻي روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هاڻي ته پاڻي پار لنگهي چُڪو آھي. هاڻي ڪهاڻي ئي ختم ٿي ويئي. تڏھن ايلي چوندو آھي ته، “اڄُ به مُنهنجي لاءِ تُون اها ئي شھزاد آھين جيڪا پهرين هُئينءَ، اُھا ئي سائي ڳٺڙي”.

شھزاد جي مرڻ کان پوءِ ائين لڳي ٿو ڄڻ ناول جو انت اچي ويو. پويان هڪڙو باب رهي ٿو پر ان ۾ ڪوبه تجسس ناهي هُوندو.. شهزاد جي مرڻ سان هن ناول مان جان نڪري وڃي ٿي. ناول مان ڇا، پڙھندڙ مان به نڪري وڃي ٿي. ڇا ته درد بيان ڪيو اٿس..توهان کي وقت ۽ بخت اجازت ڏئي ته اهو ناول ضرور پڙھجو.