انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي دورن لاءِ قومي ٽيم جو هلندڙ هفتي اعلان جو امڪان

0
417

لاهور: (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ۽ ويسٽ انڊيز جي دوري لاءِ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم جو اعلان هلندڙ هفتي ڪيو ويندو. ذريعن موجب چيف سليڪٽر محمد وسيم، سليڪشن ڪاميٽي سان صلاح مشوري کان پوءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪندو ۽ قومي ٽيم پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 6 جي اختتام تي انگيلنڊ رواني ٿي ويندي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم متحده عرب امارات(يو اي اي) 25 جون تي انگيلنڊ جي لاءِ رواني ٿيندي. ذريعن موجب انگيلنڊ جي دوري ۾ 3 ون ڊي ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون وينديون. جڏهن ته ويسٽ انڊيز جي دوري ۾ 5 ٽي ٽوئنٽي ۽ 2 ٽيسٽ ميچون ٿينديون.