نارٿ سائونڊ(اسپورٽس نيوز) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي مئچ ۾ انگلينڊ نميبيا کي ڊي ايل سي ميٿڊ تحت 41 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. 126 رنسن جي هدف ۾ نميبيا جي ٽيم 10 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 84 رنسون ٺاهي سگهي. گروپ بي ۾ شامل ٽيمون نارٿ سائوٿ ۾ مد مقابل ٿيون، جتي نميبيا ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. برسات سبب مئچ کي 11-11 اوورز تائين محدود ڪيو ويو هو، پر مئچ دوران برسات سبب في اننگ ڏهن اوورن تائين محدود ڪئي وئي. انگلينڊ مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون اسڪون ڪيون، پر ڊي ايل ايس ميٿڊ تحت نميبيا کي 126 رنسن جو هدف مليو. انگلينڊ طرفان هيري بروڪ 47 رنسن جي سٺي اننگ کيڏي، جوني بيريسٽو 31، معين علي 16 ۽ ليام ليونگسٽون 13 رنسون ٺاهي سگهيا. هدف جو پيڇو ڪندي نميبيا جي ٽيم 10 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 84 رنسون ٺاهي سگهي، وين لنگين 33، ڊيوڊ ويزي 27 ۽ نڪولس ڊيون 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.