پي ٽي آءِ چيئرمين پارٽي جي چيئرمين شپ تان هٿ کڻي ويو، انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين جي عهدي لاءِ نئين نالي جو فيصلو هو پاڻ ڪندو

0
220
عمران خلاف سائفر ڪيس جي اِن ڪيميرا ٻڌڻي جو فيصلو: پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون هلائڻ تي پابندي
عمران خلاف سائفر ڪيس جي اِن ڪيميرا ٻڌڻي جو فيصلو: پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي خبرون هلائڻ تي پابندي

 پي ٽي آءِ چيئرمين پارٽي جي چيئرمين شپ تان هٿ کڻي ويو، انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين جي عهدي لاءِ نئين نالي جو فيصلو هو پاڻ ڪندو، پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل مان پارٽي جي ڪور ڪميٽي ڏانهن نياپو اُماڻيو، هُن نياپو ڏنو ته انٽرا پارٽي چونڊن ۾ پارٽي جي چيئرمين طور اُميدوار نه هوندو، توشه خانه ڪيس ۾ سزا سبب انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين لاءِ نئون اُميدوار هوندو، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ٻين عهدن تي انٽرا پارٽي چونڊون ڪرايون وينديون، سزا ختم ٿيڻ تي پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ چيئرمين جي حيثيت سان انٽرا پارٽي چونڊن ۾ حصو وٺندو، پارٽي ۾ نيُن شموليتن ۽ ٽڪيٽس سوڌو سمورا فيصلا پي ٽي آءِ چيئرمين ئي ڪندو، وڪيل شير افضل مروت انٽرا پارٽي چونڊن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين پاران حصو نه وٺڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

هن کي به پڙهندا

پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن ۾ چيئرمين جي عهدي لاءِ بئريسٽر گوهر کي نامزد ڪرڻ جا امڪان