انساني اسمگلنگ جو الزام: عدالت ٻارن صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد

0
25
انساني اسمگلنگ جو الزام: عدالت ٻارن صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد
انساني اسمگلنگ جو الزام: عدالت ٻارن صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد

ڪراچي جي عدالت ٻارن جي اسمگلنگ جي الزام هيٺ گرفتار صارم برني جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر ضمانت جي مخالفت ڪندي چيو ته جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو ته هو ثبوتن سان ڇيڙڇاڙ ڪري سگهي ٿو، جوابدار لاڳيتو ڪوڙ جو سهارو وٺي رهيو آهي

ايف آءِ اي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته صارم برني خلاف جاچ دوران وڌيڪ انڪشاف سامهون آيا آهن، حيا نالي ٻارڙيءَ جي امڙ افشين جو بيان آهي ته صارم برني کان ڌيءَ واپس وٺڻ لاءِ رابطو ڪيو ته هن ڌيءُ واپس ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

صارم برني تي الزام آهي ته هن ڪيترن ئي ٻارن کي آمريڪا اسمگل ڪيو، صارم برني حيا نالي ٻارڙيءَ کي به لاوارث قرار ڏنو، صارم برني پنهنجي مٿان لڳل سمورن الزامن جي ترديد ڪري چڪو آهي