انجو کانپوءِ آمريڪي عورت به دير جي عباس جي محبت ۾ پاڪستان پهچي وئي

0
306
انجو کانپوءِ آمريڪي عورت به دير جي عباس جي محبت ۾ پاڪستان پهچي وئي
انجو کانپوءِ آمريڪي عورت به دير جي عباس جي محبت ۾ پاڪستان پهچي وئي

دير (م ڊ) انجو کانپوءِ آمريڪي عورت به دير جي عباس جي محبت ۾ پاڪستان پهچي وئي آهي، نصر الله جي محبت ۾ ڀارت کان پاڪستان پهتل ناري انجو کانپوءِ 53 ورهين جي ڪمبرلي ڊان به عباس جي محبت ۾ لوئر دير پهچي وئي آهي

53 سالن جي ڪمبرل ڊان نالي آمريڪي عورت پاڪستاني نوجوان عباس جي محبت ۾ لوئر دير جي تعلقي ترنائو اسبنڙ پهچي وئي آهي

خابرو اداري جي رپورٽ موجب ترنائو اسبنڙ سان تعلق رکندڙ عباس يونيورسٽي جو شاگرد آهي جنهن جو رابطو آمريڪي عورت ڪمبرلي سان سوشل ميڊيا ويب سائيٽ فيس بوڪ تي ٿيو

ان وقت انهن ٻنهي اهو سوچيو به نه هو ته هو ڪڏهن ازدواجي زندگي ۾ منسلڪ ٿي ويندا، ان بعد ٻنهي جي دوست جلد ئي محبت ۾ تبدي ٿي وئي

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پاڪستان مان سيما حيدر سچن جي محبت ۾ چار ٻارن سميت هندستان هلي وئي، ڀارت مان انجو نصرالله جي محبت ۾ پاڪستان پهتي، هاڻ وري آمريڪي عورت عباس جي محبت ۾ پاڪستان پهتي آهي