مٺي (رپورٽ: ممتاز نهڙيو) ٿر ڪول بلاڪ1 تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيءَ جي سيفٽي آفيسر انجنيئر هريش ميگهواڙ جي پرسرار موت جي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي لاءِ گذريل ڏينهن وارثن پاران مٺيءَ جي ڪشمير چوڪ تي ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي، روڊ بلاڪ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. واضح هجي ته ٿر ڪول بلاڪ 1 ۾ مقرر سيفٽي آفيسر انجنيئر هريش ميگهواڙ ڪجهه ڏينهن اڳ ڊيوٽي دوران طبيعت خراب ٿيڻ بعد ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين اسپتال نه پهچائڻ سب پرسرار طور فوت ٿي ويو هو. وارثن ٿر ڪول ڪمپني انتظاميا کي نوجوان جي موت جو ذميوار قرار ڏيندي معاملي جي جاچ لاءِ احتجاجي مظاهري بعد ڪشمير چوڪ تي نٽهڻ اس ۾ ڪيترائي ڪلاڪ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا. مٺي شهر جي مين چوڪ تي ڌرڻي سبب ٽرئفڪ معطل ٿي ويئي. پ پ پ ٿرپارڪر جو ضلعي انفارميشن سيڪريٽري نندلال مالهي، عوامي تحريڪ اڳواڻ اوڀايو جوڻيجو، قومي عوامي تحريڪ جي دانش پرمار سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پڻ يڪجهتي طور شرڪت ڪئي ۽ معاملي جي عدالتي جاچ ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو. انجنيئر هريش ڪمار جي ڀاءُ وجئه ڪمار ميگهواڙ ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ٿر ڪول بلاڪ هڪ ۾ مقرر سيفٽي آفيسر انجنيئر هريش ميگهواڙ جي طبيعت پاروٿو کاڌو کائڻ سبب خراب ٿي. ڪمپنيءَ انتظاميا جي بيحسي ۽ نااهليءَ سبب وقت سر اسپتال نه پهچائڻ ڪري هو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو. نوجوان جي موت جي ذميوار ڪمپني انتظاميا آھي. هنن چيو ته ٿر ڪول ايريا ۾ ڪم ڪندڙ مقامي ملازم نڌڻڪا ۽ لاوارث بڻيل آھن. انجنيئر هريش ميگهواڙ جي موت جي شفاف جاچ ڪري ڪارروائي نه ٿي ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته معاملي جو نوٽيس نه ورتو ويو ته ڇنڇر تي (اڄ) ٿر ڪول بلاڪ هڪ پهچي لاڳاپيل ڪول ڪمپني جي سائيٽ آفيس جي مک دروازي تي ڌرڻون هنيو ويندو جيڪو اڻ اعلانيل مدي تائين جاري رهندو.