انجلينا جولي آمريڪا جي افغانستان ۾ ناڪامي تي ڪاوڙيل

0
237

واشنگٽن (شوبز نيوز) آمريڪا جي نڪرڻ کانپوءِ افغانستان جي صورتحال تي جڳ مشهور اداڪارا انجلينا جولي چيو آهي ته افغانستان ۾ جاري جنگ تي توهان جا جيڪي به خيال هجن پر اسان سڀ هڪ ڳالهه تي متفق آهيون ته افغان جنگ جو خاتمو ائين نه ٿيڻ گهربو هو، ايترن سالن کان جاري رتوڇاڻ، قربانين ۽ جدوجهد کانپوءِ آمريڪا اقتدار کي منظم انداز ۾ منتقل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، اهو سولو نه هو پر اقتدار جي منتقلي وڌيڪ بهتر ۽ محفوظ انداز سان ٿي پئي سگهي .هن چيو ته آمريڪا جهڙي ريت افغانستان ڇڏي ويو، مان آمريڪي شهري جي حيثيت سان شرمنده آهيان ۽ ان سان اسان جي اهميت وڌيڪ گهٽجي وئي آهي، آمريڪا ايترن سالن کانپوءِ به پنهنجي اتحادين کي افراتفري ۾ ڇڏي ويو، جيڪا ڳالهه سمجهه کان ٻاهر ۽ دوکو آهي .انجلينا جولي چيو آهي ته افغان سول سوسائٽي سميت اتان جي عورتن کي سپورٽ ۽ مانيٽر ڪرڻ لاءِ اسان وٽ ڪا حڪمت عملي ناهي، جڏهن ته آمريڪا جي نڪرڻ سبب افغان پناهگيرن جي آبادڪاري جو نئون بحران جنم وٺندو.