حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قومپرستن، ترقي پسندن، دانشورن ۽ ليکڪن چيو آھي ته انتھاپسندي ۽ دھشتگردي ختم ڪرڻي آھي ته دھشتگردن ۽ انتھاپسندن کي تحفظ ڏيڻ بند ڪرڻو پوندو. انھن کي ھٿيار طور استعمال ڪرڻ واري سوچ کي ختم ڪرڻو پوندو، سٺو ۽ خراب طالبان يا دھشتگرد وارو اصطلاح استعمال نه ڪيو وڃي. اھڙو اظھار ھنن گذريل ڏينهن سنڌ ميوزيم حيدرآباد ۾ رواداري تحريڪ پاران ھڪ ڏينھن واري رواداري فيسٽيول ۾ ”انتھاپسندي ۽ دھشتگردي“ واري موضوع تي ٿيل ويھڪ دوران ڳالھائيندي ڪيو. جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جو سيڪيولر ۽ قومپرست طبقو انتهاپسندي ۽ دهشتگردي سان مهاڏو اٽڪائيندو رهيو آهي. پاڪستان ۾ مذهبي انتهاپسندي ان ڪري وڌائي وئي ته جيئن مظلوم قومن جي ملڪيت، وسيلن ۽ زمين تي آساني سان قبضو ڪري سگهجي. هن چيو ته سنڌ ۾ مدرسن جي انڊسٽري ٺاهي وئي آهي. ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ان ڪري به ناهي ته هتي انتهاپسندن کي کليل ڇوٽ مليل آهي. ھتي جي عدالت ۾ رنڪل روئي چوي ٿي ته آئون مائٽن وٽ وڃڻ چاهيان ٿي ته ان کي مائٽن بجاءِ ميان مٺوءَ حوالي ڪيو وڃي ٿو. عوامي تحريڪ جي نائب صدر ايڊووڪيٽ سجاد احمد چانڊيو چيو ته جسٽس منير کانپوءِ عدالتن ۾ جسٽس منير جو روح نئين شڪل ۾ ايندو رهيو آهي. ڇا جج ڪنهن صوبي جي زمين جي قيمت مقرر ڪري سگھي ٿو؟ ڊيم جي لاءِ فنڊ جمع ڪري ٿو سگھي؟ هن چيو ته رياست انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ختم نٿي ڪرڻ چاهي. جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته هتي سياسي مشڪريون ڪرڻ سان گڏ هر ڳالهه ۾ مذهب کي شامل ڪيو ويندو آهي. هن ملڪ جو آئين به مذهبي آهي. رواداري ڪانفرنسون پنجاب ۾ ڪيون وڃن سنڌي باءِ برٿ سيڪيولر آهن، هن چيو ته اسان گو افغاني گو چئون ٿا ته هتي شيما ڪرماني سامهون اچي ٿي وڃي. عوامي ورڪرز پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ بخشل ٿلهو چيو ته رياست انتهاپسندي ۽ دهشتگردي ختم ڪرڻ چاهي ئي نٿي ان ڪري ئي دهشتگردي ۽ انتهاپسندي ختم نٿي ٿئي. کاٻي ڌر جي اڳوڻي شاگرد اڳواڻ پروفيسر امداد چانڊيو چيو ته ترقي پسند ۽ انسان دوست قوتن جي اها ڪوشش رهي آهي ته مختلف مذهب ۽ فرقا رکندڙ ماڻهو گڏجي رهن. اسان وٽ انتهاپسندي ۽ تشدد جو سڀ کان وڌيڪ نشانو مذهبي ٿورائي ۾ رهندڙ ماڻهو بڻجي رهيا آهن. ليکڪ جامي چانڊيو چيو ته اڄ جي پاڪستان جي معاشري ۾ انتهاپسندي، دهشتگردي، فاشزم ۽ عدم برداشت رياستي بيانيي جو نتيجو آهي. ھن چيو ته صوفين جي سنڌ به انتهاپسندي باهه ۾ وڪوڙجي وئي آهي. انتھاپسندي ۽ دھشتگردي جو سبب پاڪستان جو غير سيڪيولر هجڻ آهي. پورهيت مزاحمت تحريڪ جي صدر مسرور شاهه چيو ته پاڪستان جيئن هڪ قوم ناهي تيئن هڪ معاشرو به ناهي. هتي مذهب جي خاص تشريح مڙهي قومن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ آفتاب خانزادو چيو ته اڄ يقين ٿيو آهي ته سيڪيولر سوچ کي ڪو به ختم نٿو ڪري سگهي. راڳي سيف سميجو چيو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ لاهوتي ميلو ڪرڻ جي اجازت ناهي. سنڌ جي درگاهن کي به شاهه ۽ سيد پرستي کان پاڪ ڪرڻو پوندو. سنڌ جي درگاھن کي نيوٽرل ڪرڻ جي ضرورت آھي. روادري تحريڪ جي چيئرمين سيمسن سلامت چيو ته اسان جي ڪانفرنس انهن لاءِ هڪ پيغام آهي جيڪي ملڪ ۾ دهشتگردي پکيڙين ٿا ۽ ملڪ کي خوش ڏسڻ نٿا چاهين. رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنهل ساريو چيو ته رواداري تحريڪ امن ۽ پيار جي تحريڪ آهي. ھن وقت ملڪ ۾ مذهبي رواداري نظر نٿي اچي، دهشتگردي سبب 80 هزار ماڻهو مارايا ويا آهن، اڃا تائين به دهشتگردي جاري آهي. رنڪل ڪماري ۽ ٻين نياڻين جو جبري مذهب تبديل ڪرائي شاديون ڪرايون ويون. ان موقعي تي ايڊووڪيٽ رميش گپتا ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.