نيويارڪ (م ڊ) صحت جي عالمي اداري ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن ڊبليو ايچ او چيو آهي ته امير ملڪ ٻارن جي ويڪسينيشن کان اڳ غريب ملڪن کي ويڪسين عطيو ڪن. ترقي ڪيل ملڪن کي ڪوويڪس پروگرام ۾ ڪورونا ويڪسين جي خوراڪ عطيو ڪن. عالمي اداري جي سربراهه اڌانوم جو چوڻ آهي ته امير ملڪ هاڻي ٻارن ۽ ٽين ايجرز کي ڪورونا ويڪسينيشن ڪري رهيا آهن، جڏهن ته غريب ملڪ مشڪل سان طبي عملي ۽ غير محفوظ ماڻهن لاءِ ڪورونا ويڪسينيشن شروع ڪري سگھيا آهن. امير ملڪن کي نوجوان ۽ صحت مند ماڻهن جي ويڪسينيشن ڪرڻ بدران ڪوويڪس گلوبل ويڪسين شيئرنگ کي ڪورونا خوراڪون عطيو ڪرڻ گھرجن ته جيئن سمورن ملڪن ۾ ضرورتمند ماڻهن کي تحفظ ڏئي سگھجي.