اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر خان چيو آهي ته اُميد ته انصاف جي تارازي جا پلڙا برابر هوندا، سپريم ڪورٽ بيٽ جو نشان بحال ڪندي ۽ جمهوريت کي ڊِي ريل ٿيڻ نه  ڏيندي، سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي بئرسٽر گوهر خان چيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ ٻه عينڪون آهن، پي ٽي آءِ کي ڌار ڏٺو ويو، ڪڏهن ڪنهن پارٽي جو چوند نشان انٽرا پارٽي چونڊن جي بنياد تي واپس نه ورتو ويو آهي، شفاف چونڊن لاءِ پي ٽي آءِ کي بيٽ جو نشان ملڻ گهرجي، هن چيو ته 850 مان 835 سيٽن تي اُميدوارن کي ٽڪيٽس جاري ڪري ڇڏيون آهن، هڪ سوال جي جواب ۾ بئرسٽر گوهر چيو ته جسٽس اعجاز الاحسن قابل جج هو، اُن جي ائين وڃڻ تي افسوس ٿيو.