امان هن دنيا ۾ هجي ها ته پهريون ڀيرو ناني بڻجي ها: بختاور جي جذباتي پوسٽ

0
467

ڪراچي(م ڊ) پاڪستان جي پهرين عورت وزيراعظم شهيد بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي جي موقعي تي سندس وڏي ڌيءَ بختاور ڀٽو هڪ جذباتي پوسٽ شيئر ڪئي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو پاران پنهنجي والده لاءِ شيئر ڪيل اسپيشل پوسٽ تي بختاور رد عمل ڏيندي لکيو ته منهنجي امڙ محترمه بينظير ڀٽو هاڻي اڳ کان وڌيڪ ياد ايندي آهي

هن لکيو ته جڏهن مان ڪاليج ۾ گريجوئيشن دوران پنهنجا گريڊ حاصل ڪيا ۽ جڏهن مان پنهنجي شادي جي منصوبابندي ڪري رهي هيس يا جڏهن منهنجي شادي ٿي رهي هئي، ماءُ بڻجڻ جي ڏينهن ۾ ۽ هاڻ منهنجي نئين ڄاول ٻار سان گڏ منهنجي ماءُ جي گهڻي ياد آئي

بختاور لکيو ته جيڪڏهن منهنجي ماءُ هن دنيا ۾ هجي ها ته هن سال پهريون ڀيرو ناني بڻجي ها

واضح رهي ته پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم محترمه بينظير ڀٽو جي 14هين ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي، 2007ع ۾ جلاوطني بعد بينظير ڀٽو جڏهن ڪراچي واپس آئي ته شاهراه فيصل تي سندس قافلي تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ درجنين ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته بينظير ڀٽو حملي ۾ بچي وئي، پر 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ  ۾ قاتلاڻي حملي ۾  هوءَ شهيد ٿي وئي