ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني ماڊل ۽ ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا سنييئر اداڪاره بشريٰ انصاري جي تنقيد تي سخت رد عمل جو اظهار ڪري ڇڏيو، سوشل ميڊيا تي اسٽوري شيئر ڪندي سينيئر اداڪاره کي جواب ڏيندي چيو ته امان جي! توهان ڪجهه به ڄاڻڻ کان اڳ ڪنهن کي نٿا پرکي سگهو، مان توهان جي گهڻي عزت ڪندي آهيان پر توهان حقيقت ڄاڻڻ کانسواءِ ڪنهن کي بدنام نٿا ڪري سگهو، هن بشريٰ انصاري سان مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته اسلام جي ڳالهه توهان ڪيئين ڪري سگهو ٿا آنٽي، توهان ڪوئي تبليغي جماعت نه پيا هلايو، توهان پاڻ گلوڪاري ڪندا آهيو، ڊانس ڪندا آهيو، ايوارڊ شو ۾ توهان پاڻ ڊانس ڪيو ۽ اڄ ٻين تي تنقيد واهه، اڄ احساس ٿيو ته واقعي توهان وٽ دل ئي نه آهي، هن وڌيڪ لکيو ته مان بس ايترو چونديس ته ڪنهن تي تنقيد ڪرڻ کان اڳ پهرين پنهنجي ڇاتي ۾ جهاتي ضرور پائيندا ڪيو، ڪڏهن ڪنهن تي لعنت ۽ ڪڏهن کي بد دعا الله ڪري تو مري وڃي هي سڀ ٺيڪ نه آهي، وقت ڪڍي پهرين حقيقت ڄاڻيو پوءِ تنقيد ڪجو.