خيرپور (رپورٽر)”امام حسين عليه السلام اسلام جي حرمت ۽ قانون جي حفاظت لاءِ پنهنجي جان ۽ پنهنجي بيگناهه معصوم ٻچڙن جون جانيون قربان ڪيون، اهڙن خيالن جو اظهار وڏي وزير جي مذهبي معاملن بابت صوبائي صلاحڪار پير سيد محمد بچل شاهه پنهنجي رهائشگاهه خيرپور هائوس تي صحافين  سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته   امام حسين عليه السلام انسانيت جو حقيقي نمائندو آهي ۽ سندن شهادت عالمي ضمير لاءِ هڪ عظيم پيغام آهي ته انسان کي پنهنجي جان قربان ڪرڻ گهرجي پر ڪنهن ظالم ۽ آمر جي آڏو جهڪڻ نه گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته  امام حسين عليه السلام حق، عدل ۽ صداقت جي علامت آهي، جڏهن ته يزيد ناانصافي، نفرت، ظلم ۽ برائي جي علامت آهي.