اليڪشن 2024: اميدوارن جي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جو ٻيو ڏينهن

0
70

اليڪشن 2024 جي اميدوارن جي نامزدگي فارمن جي ڇنڊڇاڻ جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري آهي

لاڙڪاڻي جي قومي تڪ اين اي 194 تان بلاول ڀٽو زرداري جي مقابلي ۾ بيٺل جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو جا نامزدگي فارم بحال ٿي ويا آهن

آر او پاران بجلي جا بل ادا نه ڪرڻ جو سبب ڄاڻائي اڄ راشد محمود سومرو ۽ سندس ڀاءُ ۽ ڪورنگ اميدوار ناصر محمود کي گهرايو ويو

راشد محمود سومرو چيو ته اسان واپڊا وارن کي مهلت ڏني ته هو ثابت ڪن ته ادا نه ڪيل بل اسان جا آهن، واپڊا وارن جي نه اچڻ سبب آر او راشد محمود سومرو ۽ سندس ڀاءُ جا نامزدگي فارم بحال ڪري ڇڏيا

قاضي احمد جي قومي تڪ اين اي 208 تان پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم اين اي غلام مصطفيٰ شاهه جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيا ويا آهن

ساڳئي تڪ تان ايس يو پي جي اڳواڻ سيد زين شاهه جا نامزدگي فارم به منظور ٿي ويا آهن

مٽياري جي صوبائي تڪ پي ايس 57 تان پ پ اڳواڻ سيد جاني شاهه جا نامزدگي فارم منظور ڪيا ويا آهن