اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته ڪنهن پارٽيءَ کي چونڊن کان ٻاهر ڪري: سپريم ڪورٽ

0
12
اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته ڪنهن پارٽيءَ کي چونڊن کان ٻاهر ڪري: سپريم ڪورٽ
اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته ڪنهن پارٽيءَ کي چونڊن کان ٻاهر ڪري: سپريم ڪورٽ

جسٽس اطهر من الله مخصوص سيٽن واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته اليڪشن ڪميشن کي اختيار ناهي ته ڪنهن پارٽيءَ کي چونڊن کان ٻاهر ڪري، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ کي چونڊن کان ٻاهر ڪري ڇڏيو هو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پاران ٻڌڻي پهرين جولاءِ تائين ملتوي ڪئي وئي

 جسٽس منيب اختر رمارڪس ۾ چيو ته اليڪشن ڪميشن اميدوار کي آزاد بڻايو ۽ هو اليڪشن وڙهيو، اليڪشن وڙهڻ بعد هو پنهنجي جماعت سان ڳنڍجڻ چاهي ٿو ته اليڪشن ڪميشن ان تي چٿر ڪندي چوي ٿي ته ڪيئن شامل ٿي سگهو ٿا؟

جسٽس منيب اختر اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي چيو ته توهان سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين کي پاڻ آزاد ڊڪليئر ڪيو، توهان جي آزاد ڊڪليئر ڪرڻ تي هو ڪامياب ٿي پنهنجي ئي جماعت ۾ شامل ٿيو، هاڻي توهان چئو ٿا ته چيئرمين پاڻ ڪيئن پنهنجي جماعت ۾ شامل ٿيو؟

 عدالت اليڪشن ڪميشن جي وڪيل کي مخصوص سيٽن جي لسٽ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي