اليڪشن ڪميشن فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

0
58
اليڪشن ڪميشن فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي
اليڪشن ڪميشن فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن نگران وفاقي وزير فواد حسن فواد کي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي  آهي

 اليڪشن ڪميشن محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائيندي چيو ته فواد حسن فواد نجڪاري جو وزير آهي، نجڪاري جو هڪ وزير چونڊ عمل تي ڪيئن اثر انداز ٿي سگهي ٿو، فواد حسن فواد وزير برقرار رهندو

 درخواست گذار سيد عزيز الدين ڪاڪا خيل پنهنجي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته فواد حسن فواد نوازليگ جو ماڻهو آهي، نگران وفاقي وزير طور هو چونڊ عمل تي اثر انداز ٿي سگهي ٿو، اليڪشن ڪميشن درخواست رد ڪري ڇڏي

 ساڳئي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي حڪم تي نگران وزيراعظم جو صلاحڪار احد چيما برطرف ٿي چڪو آهي