اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن عمران خان کي پارٽي سربراهي تان هٽائڻ جي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، تفصيل موجب اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ درخواست ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن عمران خان کي پارٽي عهدي تان هٽائڻ واري درخواست تي 13 ڊسمبر تي ٻڌڻي ڪندي، درخواست ۾ عمران خان خلاف توشا خانه ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي بنياد بڻائي پارٽي عهدي تان هٽائڻ جي درخواست ڪئي وئي آھي. اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نوٽيس جاري ڪيو آهي،  تحريڪ انصاف نوٽيس جاري ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي،  تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل اسد عمر جو چيف اليڪشن ڪمشنر کي خط لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پي ٽي آءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته اليڪشن ڪميشن کان پڇيو ويندو ته عمران خان کي نوٽيس ڇو جاريڪيو ويو آهي؟ اليڪشن ڪميشن لکت ۾ ٻڌائي ته 13 ڊسمبر تي ڇو طلب ڪيو ويو آهي؟ ڪهڙي بنياد تي اليڪشن ڪميشن پارٽي سربراهي تان هٽائڻ لاءِ پاڻ ڪارروائي ڪري سگهي ٿي؟. فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان جي بطور چيئرمين نا اهلي جي ڪارروائي جو ڪو به بنياد ناهي، عمران خان پاڪستان ۾ عوام ۽ جمهوريت جو استعارو آهي، عمران کانسواءِ سياسي منظرنامو ئي مڪمل ناهي.