اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 اڪثريت سان منظور ڪري ورتو، بل تحت اليڪشن ٽربيونلز ۾ رٽائرڊ ججز  کي مقرر ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ٽربيونلز جي قيام جو اختيار آئين موجب اليڪشن ڪميشن وٽ آهي، اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي رٿ قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ پيش ڪئي، سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرز پاران اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل جي مخالفت ڪندي ايوان اندر نعريبازي ڪئي وئي.