اليڪشن مهم دوران محسن داوڙ جي قافلي تي حملو

0
85
اليڪشن مهم دوران محسن داوڙ جي قافلي تي حملو
اليڪشن مهم دوران محسن داوڙ جي قافلي تي حملو

ميرانشاهه (م ڊ) اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه جي ڳوٺ تپي ۾ اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر ۽ اين ڊي ايم جي چيئرمين محسن داوڙ جي قافلي تي حملو ٿيو آهي

پوليس موجب محسن داوڙ اليڪشن مهم جي لاءِ تپي وڃي رهيو هو ته ان دوران ان جي قافلي تي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني

پوليس موجب اين ڊي ايم چيئرمين جي گاڏي جي فرنٽ ۽ سائيڊ شيشن تي گوليون لڳيون، محسن داوڙ بلٽ پروف گاڏي جي ڪري حملي ۾ محفوظ رهيو

پوليس موجب محسن داوڙ حملي ۾ محفوظ آهي ۽ هُن کي ويجهي محفوظ مقام تي منتقل ڪيو ويو آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته پوليس جي نفري موقعي تي پهچي وئي، جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي