اقليتن جي عبادت گاهن جي حفاظت لاءِ اسپيشل فورس قائم: 2970 سپاهي ڀرتي ٿيندا

0
267
اقليتن جي عبادت گاهن جي حفاظت لاءِ اسپيشل فورس قائم: 2970 سپاهي ڀرتي ٿيندا
اقليتن جي عبادت گاهن جي حفاظت لاءِ اسپيشل فورس قائم: 2970 سپاهي ڀرتي ٿيندا

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ پوليس صوبي ۾ پهريون ڀيرو هندوبرادري،  عيسائين،سکن  سميت ٻين اقليتن جي عبادتگاهن جي تحفظ لاءِ اسپيشل پوليس فورس جي نالي  سان الڳ يونٽ ٺاهي ورتو، يونٽ ۾ ليڊي اهلڪارن سميت 2970 سپاهي ڀرتي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سنڌ جي مختلف شهرن ۾ مندرن، گرجا گهرن( چرچن)، گرودوارن، مڙهين  سميت اقليتن جي مختلف عبادتگاهن تي ٿيندڙ حملن کي نظر ۾ رکندي سنڌ پوليس هڪ اهم قدم کنيو آهي. سنڌ پوليس صوبائي حڪومت جي منظوري سان اسپيشل پوليس فورس جي نالي سان الڳ يونٽ ٺاهي ورتو آهي. هن يونٽ جو ڪم مندرن، چرچن سميت اقليتن جي ٻين عبادتگاهن جو تحفظ ڪرڻ هوندو. پوليس اختيارين موجب نيئن يونٽ جا اهلڪار رڳو اقليتن جي عبادتگاهن تي مقرر ڪيا ويندا. پهرين مرحلي ۾ ضلعي سطح تي ڀرتيون ڪيون وينديون، جن لاءِ اقليتن ۽ عورتن جي ڪوٽا به رکي وئي آهي.

پوليس اختيارين موجب اقليتن جي عبادتگاهن کي ٿريٽ آهن، انهي ڪري صوبائي حڪومت جي منظوري سان الڳ يونٽ ٺاهيو ويو آهي ته جيئن عبادتگاهن تي پوليس اهلڪارن جي مقرري کي يقيني بڻائي سگھجي. يونٽ جون  2680 سيٽون جنرل ميرٽ ۽ 141 سيٽون اقليتي ڪوٽا تحت ڀريون وينديون. اهڙي ريت ليڊي اهلڪارن جي 141 سيٽن تي جنرل ميرٽ تي ڀرتيون ٿينديون، جڏهن ته باقي  8 سيٽون اقليتن جي مخصوص ڪوٽا تحت ڀريون وينديون. سنڌ پوليس طرفان جاري ڪيل اشتهار موجب ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ جنرل ميرٽ تحت 1142 سيٽن تي ڀرتيون ٿينديون، اقليتن جي مخصوص ڪوٽا تحت 60، عورتن جي مخصوص ڪوٽا تحت60 ۽ اقليتي ڪوٽا تحت عورتن جون 3 سيٽون رکيون ويون آهن. جن تي ڀرتيون ٿينديون.

اهڙي ريت حيدرآباد ۾ ڪانسٽيبلز جون 63 سيٽن تي ڀرتيون ٿينديون، جن ۾ اقليتن جون 3، عورتن جون 3 ۽ هڪ عورت اقليت جي سيٽ شامل آهي. ڄامشوري ۾ 62، بدين ۾ 62، ٽنڊي الهيار ۾ 62، دادو ۾ 62، ٽنڊي الهيار ۾ 62، مٽياري ۾ 62، ٽنڊي محمد خان ۾ 62 ۽ سجاول ۾ 62 سيٽن تي ڪانسٽيبلز جون ڀرتيون ٿينديون، جن ۾ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص ڪوٽا به شامل آهي.  اهڙي ريت سکر ۾ 50، خيرپور ۾ 158، گھوٽڪي ۾ 126 سيٽن تي ڀرتيون ٿينديون، جن ۾ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص ڪوٽا به شامل آهي. اشتهار موجب لاڙڪاڻي ۾ 99، قمبر ۾ 32، شڪارپور ۾ 83، جيڪب آباد ۾ 79، بينظيرآباد ۾ 26، نوشهري فيروز ۾ 16، سانگھڙ ۾ 80، ميرپورخاص ۾ 84،  ٿرپارڪر ۾ 143 ۽ عمرڪوٽ ۾ 84 سيٽن تي ڀرتيون ٿينديون، جن ۾ عورتن ۽ اقليتن جي مخصوص ڪوٽا به شامل آهي. درخواست جمع ڪرائڻ جي اڄ آخري تاريخ آهي. پوليس اختيارين موجب نئين يونٽ ٺهڻ سان اقليتن جي عبادتگاهن جو تحفظ يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي.