اقتدار جي جهيڙي ۾ وسري ويل ٻوڏ متاثر

0
165
عمران کي خطرو.جيل ڀريو تحريڪ ۽ چونڊن جو سوال

 برساتي ٻوڏ سبب متاثر ٿيل 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آھن? واري سوال تي نه ميڊيا ۾ بحث ٿيندي نظر اچي رهيو آھي نه ئي  ٻوڏ متاثرن جي بربادي جا منظر حڪمرانن کي  ستائيندي نظر اچي رهيا آھن، ٻوڏ متاثرن لاء عمران خان پاران گڏ ڪيل چندي جي رقم ڪٿي تقسيم ٿي سگهي آھي بابت نه ڪنهن کي ڄاڻ آھي نه ئي اها رقم ڪيستائين تقسيم ٿيندي بابت ئي ڪنهن کي ڪو علم آھي اها بي حسي جي صورتحال يقينن ٻوڏ سبب سڀ ڪجھ وڃائي ويهندڙ متاثرن جي دردن کي ٻيڻو ڪري رهي هوندي، کين سياري جي سختي ستائيندي هوندي وسيلن جي اڻهوند سندن بي وسي جي ڪيفيت کي پل پل تازو ڪري رهي هوندي پر ٻوڏ متاثرن کي هر پل اها اميد ۽ آسرو هوندو ته وفاقي يا صوبائي سرڪار سندن ڪا نه ڪا واهر ۽ مدد ضرور ڪندي پر ٻوڏ متاثر لکين گهراڻن کي اهو ڪيئن ٻڌائجي ته وس وارن مان احساس موڪلائي ويو آھي ۽  سنڌي ٻولي جي مشهور شاعر سائين اياز  گل چواڻي احساس بنا ماڻهو اخبار پراڻي وانگر هوندو آھي. ٻوڏ متاثر کي اهو به  ڪيئن ٻڌائجي ته اوهان جي وڏڙن ۽ پنهنجي عمر ڀر جو پورهيو ٻوڏ جي بي رحم لهرن ۽ حالتن ۾ لڙهي وڃڻ وڃڻ جي درد کان وڌيڪ اسان جي حڪمرانن کي پنهنجي اقتدار ڪمزور ٿيڻ جو خوف وڌيڪ ستائي رهيو آھي، نه رڳو حڪمرانن کي پر اقتدار مان تازو اپوزيشن ۾ آيل عمران خان کي به اقتدار کان ٿيل دوري اهڙو ته پل پل ستائي رهي آھي جو هو ڏينهن رات اهو سوچي رهيو آھي ته ڪهڙي حڪمت عملي، انداز ۽ حربو استعمال ڪيان جنهن سان عام چونڊن جو اعلان اٺ مهينا بعد نه پر هاڻي ٿي وڃي ته جيئن مقبوليت کي ڀرپور ڪيش ڪرائي وري اقتدار ۾ اچي وڃان. ٻوڏ متاثرن کي اهو ڪير سمجهائي ته جنهن حڪومت کي اوهان جي زخمن تي مرهم رکڻو آھي اها به ڏينهن رات انهي سوچ ۽ رٿابندي ۾ لڳل آھي ته عمران خان جي وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ جي حڪمت عملي ڪامياب نه ٿيڻ ڏيڻي آھي. انهي سوچ ملڪ اندر اهڙي صورتحال قائم ڪري ڇڏي آھي جنهن صورتحال ۾ هر روز نيا افواهه ۽ داء پيج منظر تي اچن ٿا جن تي سڄو ڏينهن ۽ رات بحث ٿئي ٿو، صبح جو ڪو نئون ممڻ مچائڻ واري چال سامهون اچي ٿي ۽ وري ان جي هر رخ تي بحث ٿيڻ لڳي ٿو ۽ اها صورتحال هر وقت  ڪنهن فلم جي آخري سين جي سسپينس وانگر صورت اختيار ڪري وٺي ٿي. سڀني جو ڌيان هر روز  سنسني ڦهلائيندڙ سياسي ماحول طرف هجي ٿو. ڪنهن کي عمران خان جون سياسي چالون حڪومت لاء ڪو رستو باقي نه ڇڏيندڙ محسوس ٿين ٿيون ڪن کي عمران خان جو هر حربو ناڪام ٿيندي محسوس ٿئي ٿو، ڪنهن کي معاشي طور ملڪ جو ڏيوالو ٿيندي محسوس ٿئي ٿو ته ڪنهن کي ٽيڪنيڪلي ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويل محسوس ٿئي ٿو. ملڪ جون موجوده معاشي حالتون ڪنهن کي عمران خان جي چار سالن جي حڪمراني جو سبب لڳن ٿيون ڪن کي معاشي حالتن جي خرابي ۾ موجوده حڪومت جي نااهلي سبب لڳي رهي آھي ڪنهن کي پنجاب ۽ ڪي پي اسيمبلي عمران خان جي اعلان تحت ٽٽندي محسوس ٿي رهي آھي ته ڪنهن کي اسيمبليون ٽوڙڻ واري اعلان ۾ به فوري طور عمران خان ڪامياب ٿيندي نظر نٿو اچي. عمران خان ۽ ان جي پارٽي وارن کي لڳي رهيو آھي ته عمران خان کي ايندڙ چونڊن کان اڳ نااهل ڪيو ويندو ته حڪمرانن کي لڳي رهيو آھي ته عمران خان ادارن تي دٻاء وجهڻ چاهي ٿو. حڪمرانن کي هر روز عمران خان خلاف بيان ڏيڻ انتهائي ضروري عمل لڳي ٿو ڪو چوي ٿو. ڪنهن کي توشا خاني ڪيس ۾ عمران خان ڦاسندي نظر اچي رهيو آھي ته ڪنهن کي ٽيريان جو ڪيس عمران خان لاء وڌيڪ خطرو محسوس ٿي رهيو آھي. ٻوڏ متاثرن کي اهو ڪير ٻڌائي ته سياسي سنسني ۾ انهن جي دردن جو سياسي ۽ اقتداري ڌرين سوڌو ميڊيا کي ڪو اونو نه کائي رهيو آھي. حڪمرانن کي اونو ۽ پريشاني تڏهن ئي ٿيندي آھي جڏهن انهن جي اقتدار جي ڪرسي لوڏي ۾ ايندي آھي. تازو حڪمران اتحاد ۾ شامل بلوچستان سان تعلق رکندڙ پارٽين رڪوڊڪ بل جي منظوري خلاف ڪاوڙ جو اظهار ڪري حڪومت مان نڪري وڃڻ جي ڌمڪي ڏني ته اقتدار جي ڪرسي بچائڻ لاء ڏينهن ۾ انهن سان ٿيل ڳالهين جي نتيجي ۾ نه رڳو ترميمي بل جو ڊرافٽ تيار ٿيو پر اهو ڪالھ جمعي ڏينهن سينيٽ ۾ پيش به ٿي ويو. حڪومت کي لڳو ته ان سان  اتحادين جي ناراضگي متان نه ٿي سگهي ان ڪري حڪومت ڪالھ جمعي ڏينهن ئي اهو رڪوڊڪ بابت بل پيش ڪرڻ بعد ان کي ڪنهن ڪاميٽي ڏي غور لاء موڪلڻ نه ڏنو. شايد اهو انداز اختيار ڪري حڪومت اتحادين کي اهو باور ڪرائڻ پئي چاهي ته توهان اسان لاء ڪيترا اهم آھيو جو اوهان جي مطالبي تي جمعي ڏينهن نه رڳو بل پيش ڪيو ويو پر اهو فوري طور تي سينيٽ مان منظور نه ڪرايو ويو آھي. ٻوڏ متاثرن کي اهو پاڻ کان سوال ڪرڻ گهرجي ته ٽي ڪروڙ 30 لک متاثرن جي تعداد مٿان قومي اسيمبلي ۾ پنج سيٽون رکندڙ ڇو اهم آھن. منهنجي نظر ۾ اهي حڪومت لاء اهم ان ڪري آھن جو انهن پنج سيٽن سان اقتداري گاڏي پنچر ٿي سگهي ٿي. ان ڪري انهن جي مطالبن کي هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي مان ڪڍڻ وارو انداز نٿو اختيار ڪري سگهجي. اهو ئي سبب آھي ته ٻوڏ متاثر علائقن جا دورا ڪرڻ، ٻوڏ  متاثر علائقن جا فضائي جائزا وٺڻ، نقصانن جا تخمينا ڏسڻ باوجود انهن طرف اتحادين جيترو به ڌيان ڏيڻ جي  حڪومت فوري ضرورت ان ڪري محسوس نٿي ڪري جو ٻوڏ متاثرن جي ناراضگي کين فوري متاثر نٿي ڪري سگهي. ٻوڏ متاثرن جي ڏک ۽ پريشاني  کي جيڪي  محسوس ڪري سگهن ٿا اهي حڪمرانن کي شرمائي ته سگهن ٿا منهنجي  حڪمران چوڻ جو مقصد بلڪل به رڳو وفاقي حڪومت نه آھي پر وفاقي حڪومت سان گڏ سنڌ، بلوچستان، ڪي پي ۽ پنجاب ۾ حڪومتون ڪندڙ سمورين پارٽين جا حڪمران مقصد آھي. هن وقت لڳ ڀڳ سموريون پارٽيون اقتدار ۾ آھن ۽ سموريون پارٽيون ٻوڏ متاثرن طرف بي ڌياني جو مظاهرو ڪندي بي حسي جي تصوير بڻيل آھن. اختيار ڌڻي جڏهن بي حسي جي تصوير بڻيل هجن تڏهن بي وسي جي تصوير بڻيل ٻوڏ متاثرن جي بي وسي درد ڪٿا ئي بڻيل رهندي.

ڪالھ جڏهن هي ڪالم لکي رهيو هيس ته ان وقت اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي ۽ بني گالا جي نگران انعام خان جي توشا خاني جي تحفن جي حوالي سان هڪ وڌيڪ آڊيو ليڪ منظر تي آئي، جنهن فوري طور تي ٽي وي اسڪرينن کي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو. سامهون آيل انهي آڊيو ليڪ ۾ بشرا بي بي توشا خانه جي تحفن جون تصويرون ڪڍڻ تي بني گالا جي انچارج انعام تي نه رڳو ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي آھي پر ان کان بار بار اهو پڇي رهي آھي ته تصويرون ڇو ڪڍيون اٿئو ۽ آخر ۾ اهو به فيصلو ٻڌائي ٿي ته اڄ کانپوء تون گهر اندر نه ايندين. جيتريون آڊيو ليڪ هن ٽن چئن سالن ۾ اقتدار ۾ رهندڙ ڌرين جون سامهون آيون آھن اوتريون شايد ئي ڪنهن دور ۾ سامهون آيون هجن. توشا خاني جي تحفن جي حوالي سان جيڪي شيون مسلسل سامهون اچي رهيون آھن انهن سان هر ڪنهن کي اندازو ٿيندو پيو وڃي ته توشا خاني جي تحفن تي ڪيتري بي رحمي سان هٿ صاف ڪيا ويا آھن پر جيڪي توشا خاني جي تحفن جي حوالي سان اسلام آباد ۾ سرگوشيون ٻڌڻ لاء ملي رهيون آھن اهي به انهن کان به وڌيڪ خطرناڪ آھن. ماڻهن کي اهو چوندي ٻڌو پيو وڃي ته توشا خاني ۾ تحفا جمع ڪرائڻ کان اڳ وڪرو ڪيا ويا ڪجهه تحفا توشا خاني مان پهريان پنهنجي گهر جو مال سمجهي کڻي وڪرو ڪرڻ بعد انهن جي معمولي رقم جمع ڪرائي وئي. ڪجهه ماڻهو ته اهو به چوندي ٻڌا پيا وڃن ته ڪجھه تحفا ته جعلي به رکرايا ويا. خير اهو مامرو “بات نڪلي گي تو ڦر دور تلڪ جائي گي “واري  شعر وانگر لڳي رهيو آھي جنهن نموني مامرا سامهون اچي رهيا آھن ان سان سنسني ۾ به اضافو ٿي رهيو آھي ته سياسي ڇڪتاڻ ۾ به اضافو ٿي رهيو آھي، جنهن سان اصل مسئلن تان ڌيان هٽي رهيو آھي. جيئن ٻوڏ متاثرن تان ڌيان هٽيل آھي، ڪنهن کي ڪو احساس نه آھي ته جن جا اجها ٻوڏ سبب نه رهيا آھن انهن جا ننڍا ٻچا ۽ بزرگ ڪيئن بنا ڇت جي گذارو ڪندا. انهن مٿان هن وقت بي وسي جي ڪيفت ۾ ڇا گذري رهي هوندي.