افغانستان جي اها ٽيم جنهن تي ڪلهه تائين ڪنهن جي اک نه ٻڏندي هئي، اڄ اها هڪ اهڙي مضبوط ٽيم ٿي اڀري آهي جيڪا دنيا جي ڪنهن به ٽيم کي هارائي سگهي ٿي. اها ٽيم جنهن وٽ نه ڪي گرائونڊ آهن، نه ڊوميسٽڪ نيٽ ورڪ، نه اسپانسر ته اهو عروج ان ڪيئن حاصل ڪيو؟ ان ۾ ڪا گهڻي راڪيٽ سائنس ڪانهي، هنن وٽ لابي سسٽم ڪونهي، سفارش ڪونهي، هو هڪٻئي جون ڄنگهون ڇڪڻ بدران هڪٻئي کي سپورٽ ڪن ٿا، ٽيم يونٽ ٿي کيڏن ٿا، پنهنجي سئو سيڪڙو راند ڏين ٿا، آخري بال تائين وڙهن ٿا. هوريان هوريان سکي، مختلف ليگز ۾ حصو وٺي هو تجربو حاصل ڪن ٿا، سندن ڪنڌ ۾ اسان وارن رانديگرن جهڙي ڪلي ناهي. هنن جو مضبوط هٿيار بالنگ يونٽ آهي پر اپر آرڊر ۾ به گرباز ۽ زدران جهڙا بيٽر دنيا جي ڪنهن به خطرناڪ بالر کي منهن ڏيئي سگهن ٿا. بي خوف ٿي کيڏن ۽ غلطين مان سکن ٿا، سندن باڊي لينگويج آخر تائين پرجوش رهي ٿي. هارائي به مايوس نٿا ٿين. جيڪڏهن هاڻي ورلڊ ڪپ ۾ هو سيمي فائنل نه به کٽن ٿا ته ايستائين پهچڻ ئي سندن وڏي ڪاميابي آهي. پاڪستاني ٽيم ٻيو ڪجهه نه ته افغانستان مان ئي سکي وٺي ته ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏبي آهي!! ۽ ها نه وساريو ته پاڪستاني ٽيم جي ڪپتان جي ماهوار پگهار 46 لک، افغان ڪپتان جي پگهار رڳو 6 لک ماهوار آهي… (فيس بوڪ تان ورتل)

۽ افغانستان ڪري ڏيکاريو…سرمد ادل سولنگي

مونکي ياد آهي جڏهن افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم 2010ع واري ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ھو تڏهن ڪجهه دوستن اهو چيو هو ته اهڙيون ٽيمون ھهڙن وڏن ايونٽن کي بور ۽ بيزار بڻائين ٿيون پر مون تڏهن به کين اهو چيو هو ته هي ٽيم ايندڙ سالن ۾ هڪ بهترين ٽيم بڻجي اُڀرندي، ڇاڪاڻ ته مان ان وقت نيروز منگل جي اڳواڻي ۾ کيڏندڙ ان افغان ٽيم کي ڏٺو هو جنهن وٽ عالمي ڪرڪيٽ جو ايترو گهڻو تجربو ته نه هو پر ان باوجود به اها ٽيم آخري بال تائين مقابلو ڪرڻ تي يقين رکي پئي. ھي افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي محنت جو ئي نتيجو آهي جو هو اڄ عالمي ڪرڪيٽ جي وڏين ٽيمن کي نه رڳو شڪست ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي پر هو پنهنجي ملڪ جي سڃاڻپ تبديل ڪرڻ لاءِ پڻ پتوڙي رھي آھي. جنگ سٽيل ۽ دهشتگردي جي شڪار ملڪ جي ٽيم جيڪا پنهنجي ملڪ ۾ ڪرڪيٽ سهولتون نه هئڻ باوجود عالمي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي سڃاڻپ ٺاهڻ چاهي ٿي، جنهن ٽيم ۾ فطري صلاحيتون آهن جيڪا ٽيم انهن صلاحيتن کي ڀرپور نموني استعمال ڪرڻ ۾ مهارت رکي ٿي. اڄ دنيا کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ ان ديس جي انهن نوجوانن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي جيڪي اڪيلي سر ان سفر تي هليا آهن، جيڪي امن جي منزل جا ڳولائو آهن، جيڪي افغانستان کي هڪ نئين سڃاڻپ ڏيڻ چاهين ٿا…. (فيس بوڪ تان ورتل)