افغانين جي سنڌ تي حملن جي تاريخ

0
151
افغانين جي سنڌ تي حملن جي تاريخ

 افغاني جيئن ته پشتو ڳالهائيندڙ آهن، جن کي پٺاڻ سڏجي ٿو. پٺاڻ اصل ۾ “بتان” لفظ جي بگڙيل صورت آهي. پٺاڻن کي جبل ۾ رهڻ جي ڪري “روهيلا” به چئبو آهي. روهه= جبل + رلا= رولاڪ. اهي افغاني سنڌ ۾ وڏي تعداد ۾ وسي رهيا آهن، جن کي ملڪ جي سرحدن کان ٻاهر ڪڍڻ هڪ وڏو چئلينج آهي.

                 تاريخ تي نظر ڦيرائجي ته انهن افغاني پٺاڻن ماضي ۾ هند ۽ سنڌ ۾ جيڪا قتل و غارتگري ڪئي، جيڪي ظالمانه حملا ڪيا، جيڪو ڌنُ ۽ دولت لٽي، جيڪي تاوانُ طور ماڻهو يرغمال ڪيا، تنهن بيرحمانه عمل جا مثال تاريخ جي صفحن تي ٽڙيا پکڙيا پيا آهن. هنن 1739ع ۾ نادر شاهه “افشار” جي سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ سان سمورا پنڌ ۽ پيچرا ڏسي ورتا هئا. نادر شاهه سنڌ کي ويرانيءَ جي ور چاڙهي، سنڌ کي تقسيم ڪري، 20 لک تاوان مقرر ڪري لاڙڪاڻي ۾ فتح جا جشن ملهائي، ايران پهتو ته تنبوءَ کان ٻاهر تلوار سان سندس سِر قلم ڪيو ويو. احمد شاهه ابدالي افغانستان ۾ پنهنجي حڪمراني قائم ڪئي ۽ ترت سنڌ تي ڪاهه ڪري تاوان جي تقاضا ڪئي، جيڪا سنڌي قوم کي ادا ڪرڻي پئي ۽ هند ۾ وڃي ڪوس ڪيو. آخرڪار هيءُ به ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا ٿي مري ويو. ان کانپوءِ سندس موڀي فرزند تيمور شاهه ملڪ جو بادشاهه بڻيو، جنهن مدد خان پٺاڻ کي سنڌ ڏانهن لُٽ ڦُر لاءِ چاڙهي موڪليو. جنهن جي قهري ڪاررواين کان ڪير واقف نه آهي! ايتريقدر جو سنڌي ماڻهو “گهوڙا گهوڙا” جون آڪاش ڏاڙيندڙ صدائون بلند ڪندا ڀٽڪندا رهيا. هن جا بي لغام گهوڙا اُتر ۽ لاڙ جي سڀني شاهوڪار مرڪزي شهرن کي اُجاڙي لٽي ڦري ڀڙڀانگ ڪري رمندا رهيا. مردن توڙي عورتن کي جان پناهيءَ جي چڪر ۾ رت جا رشتا به وسري ويا. ڄڻ محشر جو وقت بپا ٿي ويو. سنڌ تي بُک، بيروزگاري ۽ ڏولائي جا ڏينهن اچي ويا. هن ظالم دولت ۽ ڌنُ لٽڻ تي اڪتفا نه ڪيو، پر ويندي ويندي مفلسن جي جهوپڙين کي به آتش سان جلائي ڀسم ڪيو. نوجوان ۽ پيرس هن سفاڪ جي خوف کان دوچار ٿي پيرين اگهاڙا ڊڄندا، ساهه بچائڻ خاطر لڪندا رهيا. اهو سمورو زمانو تيمور شاهه پٺاڻ جو هو، اهو وقت ياد ڪري دل سيني ۾ رتو رت ٿيو وڃي. آخر اهو به 20 يا 22 سال کان مٿي حيات ماڻي نه سگهيو. ان جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ زمان شاهه سنڌ تي ڪاهي آيو، پر ڪجهه به نصيب نه ٿيس، ڇو ته سندس غير حاضريءَ ۾ سندس ڀائرن اقتدار جي مسند تي قبضو پئي ڪيو. آخرڪار افغانستان جو اقتدار شاهه شجاع جي هٿ ۾ آيو، جنهن ايندي شرط پنهنجو ڪشڪول سنڌ جي قدمن تي رکيو ته بابي ڏاڏي وارو تاوان تريءَ تي رکو، ٻي صورت ۾ جنگ جي نوبت اچي سگهي ٿي. سنڌ جا حاڪم، جن وٽ دفاعي قوت نه هجڻ سبب سدائين پٺاڻن جا تاوانُ (ڏنُ) ڀريندا رهيا، تن جي مجبوريءَ مان هن خوب جاوا ڪيا.

آخرڪار شاهه شجاع به افغانستان ۾ اندروني اختلافن سبب اقتدار وڃائي، اچي شڪارپور سنڌ ۾ خيما کوڙيا. هي سدائين “پرائي مال تي، ٽوپي نراڙ تي” داداگيري ۽ زور زبردستيءَ سان لٽ ڦر ڪندو رهيو. سنڌ هن لاءِ سڻڀو گرهه هئي. هن سنڌ جو ڌن دولت ته لٽيو، پر سنڌ جون نياڻيون شادي ڪرڻ وقت، گهوٽن کان ڦري پهرين پنهنجي بستري حوالي ڪيون. هن جي ظلم و ستم جي داستانن تي “تازن معرڪن جي تاريخ” عمدو دليل آهي. شاهه عبداللطيف  جي دوررس نگاهه ريڊار وارو ڪم ڪندي گهڻو وقت اڳ ڪيڏو نه سٺو سمجهايو آهي ته :

پيم پٺاڻن سين، ٻولي جي نه ٻُجهن،

آئون سعيو ڪريان سنڌيءَ جو، هو پارسيون پڇن،

مون ملا تن، سرتيون سور پرائيا.

آئون سوچيان پيو ته ايترين سارين حقيقتن ۽ تاريخي گواهين هوندي به، هنن افغانين کي سمجهي نه سگهيا آهيون ته پوءِ ڪڏهن سمجهڻ جي لائق ٿينداسين. اسان ماضيءَ ۾ ٿيل عقوبتن مان ڪوبه سبق حاصل نه ڪيو آهي ته پوءِ يقينن اهڙا اگرا نتيجا سامهون نه ايندا ته ٻيو ڇا ٿيندو. هاڻ ته نگران حڪومت به تسليم پئي ڪري ته: “افغان پناهگير پاڪستان لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهن”. سنڌ جي دانشورن اڳ ۾ ئي واويلا ڪئي ته، هنن روهيلن کي اسانجي صوبي ۾ آباد نه ڪريو، پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به ڪانه سُري. اڄ جڏهن پوري ملڪ  اندر هنن جي ڪري دهشت انگيز ماحول پيدا ٿيو آهي ته، اقتدار اعلى جي ڪرسيءَ تي براجمان فردن ڪن سرلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن ته، هي بارود، پيٽرول، موتمار هٿيارن جي ڪاري ڌنڌي ۾ گهڻو اڳڀرا آهن.اسان کي اهو يقين ڪرڻ گهرجي ته هنن افغان پناهگيرن جي اڪثريت عام شهرين کي موت جي ننڊ ۾ سمهارڻ سان گڏ، ڌاڙيلن کي هٿيارن جي رسائي سميت، ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آهي. ڪراچي سميت پوري سنڌ، ايتريقدر جو لاڙ جي پٽيءَ ۾ سامونڊي ڪنارن سان رهائش پذير افغانين جا ڪٽڪ پهتل آهن، جن اسان جي سنڌ جو معاشي ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي. هاڻ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته حڪومت تڪڙا قدم کڻي، انهن جي سنڌ سميت پاڪستان مان نيڪاليءَ واري سرگرميءَ کي تيز ڪري، نه ته هنن روهيلن جي رهڻ سان خطرناڪ نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا، جنهن سببان امن پسند سنڌ جي شعوري، اخلاقي توڙي معاشي زندگي مفلوج بڻجي سگهي ٿي.