افغانستان ۾ ٻوڏ جي تباهي، 20 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

0
387
افغانستان ۾ ٻوڏ جي

ڪراچي (ويب ڊيڪ) افغانستان ۾ طوفاني برساتن سبب آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب افغانستان جي 10 صوبن ۾ طوفاني برساتن سبب ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي

افغانستان جا صوبا جيڪي سخت برسات سبن متاثر ٿيا آهن انهن ۾ قنڌار، هلمند، هرات، بدخشان، تخار، پروان، قندوز، ميدان وردڪ، بغلان، فارياب ۽ جوزان شامل آهن

ميڊيا رپورٽن موجب تيز برساتن سبب مختلف حادثن ۾ 20 ڄڻا فوت ۽ 30 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مواصلاتي نظام پڻ سخت متاثر ٿيو آهي

افغانستان جي قدرتي آفتن جي انتظام لاءِ وقتي نائب وزير مالوي شرف الدين مسلم چيو آهي ته ٻوڏ ۾ درجنين گهر تباهه ۽ 100 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويا آهن