اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم سنڌ کانسواءِ باقي ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪري ڇڏيو، عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾  غلامي جون زنجيرون ٽوڙيون ويون آهن پر ذهني غلامي واري سوچ ختم ناهي ٿي سگهي، ذهني غلامي ختم ٿيڻ تائين دنيا جي ڪابه قوم اڳٿي نٿي وڌي سگهي، انگريز کان آزادي بعد ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نظام نه آڻي ظلم ڪيو ويو. سنڌ کانسواءِ باقي ملڪ ۾ هڪ جهڙو تعليمي نصاب لاڳو ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اصل غلامي کان وڏي ذهني غلامي هوندي آهي، هڪ غلام ڪڏهن به وڏو ڪم نه ٿو ڪري سگهي. هن چيو ته انگريزن کان آزادي بعد ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب نه آڻي ظلم ڪيو ويو، دنيا ۾ صرف اوريجنل سوچ ويندي آهي، اسان انگلش ٻولي ناهيون سکندا پر پوري انگريز ڪلچر اختيار ڪري وٺندا آهيون، ڇاڪاڻ اسان سمجهندا آهيون ته هو اسان کان بهتر آهن. هن چيو ته 25 ورهين کان خواهش هئي ته ملڪ ۾ هڪجهڙو تعليمي نصاب هجي پر مونکي ماڻهو چوندا هئا ته اهو  ناممڪن آهي، انگريزن حڪمراني جي لاءِ 2 طبقا ٺاهيا هئا، اسان وٽ ٽي تعليمي نظام آهن، انگريزي، اردو ۽ مدرسي جو نصاب هڪ جهڙو ناهي، هائر ايجوڪيشن لاءِ انگريزي سکڻ ضروي آهي پر ڪنهن ٻئي جي نقل ڪري اسان سٺا غلام بڻجي سگهون ٿا پر اڳتي نٿا وڌي سگهون، تعليم سان گڏ اخلاقيات هجڻ به ضڙوري آهي، هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته اٺين کان ڏهين جماعت تائين سيرت النبي صلعم پڙهائي ويندي، جنهن بابت ڪم جلد ئي مڪمل ڪيو ويندو، هن تعليم جي وزير شفقت محمود کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان ان لاءِ مدو 24-2023ع رکيو آهي، جيڪو ڊگهو آهي، اوهان هن کي پنجن کان 6 مهينن ۾ ڳالهيون ڪري فوري طور تي لاڳو ڪرايو. هن چيو ته ڪوبه ملڪ پنهنجي ملڪ اندر ورڇ نه ڪندوآهي، اسان جي ملڪ ۾ 8 لک ٻارڙا انگلش ميڊيم، سوا 3 ڪروڙ اردو ميڊيم ۽ 26 لک مدرسن ۾ پڙهن ٿا، ٽنهي تعليمي نظامن جي سوچ ۽ ڪلچر مختلف آهي، ڄڻ ٽي ڌار قومون ٺهي رهيون آهن، مون کي معلوم هو ته هڪ ئي تعليمي نظام آڻڻ اڳيان مشڪلاتون اينديون ڇو ته جڏهن اشرافيا هڪ نظام مان فائدو کڻندو آهي ته اهو نه چاهيندو آهي ته تبديلي اچي، يورپ، انگلينڊ ۽ ٻين ترقي يافته ملڪن ۾ هر هنڌ هڪ جهڙو تعليمي نصاب هلي رهيو آهي، هن تعليم جي وزير شفقت محمود سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ذهن ۾ رکي ڇڏيو ته توهان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، اسٽيٽسڪو جا ماڻهو توهان کي اهو ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندا ته هي ڪم مشڪل آهي، ناممڪن آهي، ان سان تعليمي نظام تباهه ٿي رهيو آهي پر انسان جڏهن وڏي سوچ رکي قدم کڻندو آهي ته ڪامياب ٿيندو آهي.