افغانستان ۾ حالتون خراب آهن، دنيا مدد نه ڪئي ته انساني الميو جنم وٺندو: وزير اعظم

0
288
تڪرارن جي حل لاءِ هميشه ڳالهين

اسلام آباد: وزير اعظم عمران خان او آءِ سي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو آهي، سندس چوڻ آهي ته افغانستان چئن ڏهاڪن کان گهرو ويڙهه جو شڪار آهي، گهرو ويڙهه سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا آهن، صورتحال تي دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي

هن چيو ته دنيا کي افغانستان صورتحال تي سنجيدگي ڏيکارڻي پوندي، جيڪڏهن اڃا به صورتحال تي اکيون بند ڪيون ويون ته انساني الميو جنم وٺندو

وزير اعظم عمران خان چيو ته افغانستان ۾ گهرو ويڙهه کانپوءِ لکين ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گهاري رهيا آهن.

عمران خان چيو ته افغانستان جي حالتن سبب سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڪستان کي ٿيو، ڪنهن به ملڪ افغانستان جهڙي حالتن کي منهن ناهي ڏنو

هن چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ افغانستان کان وڌيڪ مسئلا ناهن ڏٺا، افغانستان جي مدد ڪرڻ اسان جو مذهبي فرض آهي

ھي به پڙھندا

افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ مسلمان ملڪ ڪردار ادا ڪن: شاھ محمود قريشي