واشنگٽن (م ڊ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل چيو آهي ته افغانستان ۾ تشدد فوري طور ختم ڪيو وڃي، ڳالهيون ڪري سمورين ڌرين تي ٻڌل نئين افغان حڪومت قائم ڪئي وڃي، جيڪا عورتن سميت سمورن گروپن جي نمائنده هجي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو اجلاس ڀارت جي صدارت هيٺ ٿيو ، ڀارت افغانستان صورتحال تي پاڪستان جي نمائندي کي خطاب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني، سلامتي ڪائونسل افغانستان جي بگڙجندڙ صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن خطاب ڪندي چيو آهي ته طالبان کي افغانستان ۾ انساني حقن جو احترام ڪرڻو پوندو، اميد آهي ته افغانستان ۾ جلد عبوري حڪومت قائم ٿيندي، عالمي برادري کي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، افغان مسئلي جو حل پرامن، سياسي حل ڳالهين سان ئي ممڪن ٿي سگهندو، طالبان کي القاعدا سان لاڳاپا ختم ڪرڻا پوندا، ٻئي طرف گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم هڪ بيان ۾ چيو ته ڀارتي رويو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي ميمبرشپ جو اهل ناهي، هن چيو ته پاڪستان سمورن افغان ڌڙن تي انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي پاسداري لاءِ زور ڀري ٿو، پاڪستان ڪابل ۾ ڦاٿل پرڏيهين کي ڪڍڻ ۾ ڀرپور تعاون ڪري رهيو آهي، پاڪستان سمجهي ٿو ته افغانستان مسئلي لاءِ ڳالهين جو مناسب وقت تڏهن هو جڏهن اتحادي فوج اتي موجود هئي.