افغانستان کي مات ڏيڻ جو مشن: شاهين اڄ افغان اليون خلاف ميدان تي لهندا

0
207

دبئي (اسپورٽس نيوز) ڀارت ۽ نيوزيلينڊ کي هارائڻ بعد افغانستان کي مات ڏيڻ جو مشن، شاهين اڄ افغان اليون خلاف ميدان تي لهندا. پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ 2 ميچز کيڏيون آهن، جن ۾ ڪاميابي ماڻي، شاهينن ڀارت ۽ نيوزيلينڊ کي تاريخي شڪست ڏني. افغانستان به ورلڊ ڪپ جي مضبوط ٽيم  آهي، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ اڄ شام ستين وڳي ميچ کيڏي ويندي، تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. پاڪستاني ٽيم ۾ ڪابه تبديلي نه ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي

بابر اعظم پاڪستاني اسڪواڊ جي قيادت ڪندو، محمد رضوان، فخر زمان، بابر اعظم، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، آصف علي، شاداب خان، عماد وسيم، حسن علي، شاهين شاهه آفريدي ۽ حارث رئوف افغانستان خلاف ميدان تي لهندا. افغان ٽيم پوائنٽس ٽيبل تي بهترين پوزيشن تي آهي، ٻئي ٽيمون بالنگ ۽ بيٽنگ اٽيڪ ۾ خطرناڪ آهن، ڪرڪيٽ جي شوقينن کي دلچسپ مقابلو ڏسڻ ۾ ملندو.