افغانستان آڻ نه مڃيندڙ ڌرتي

0
251

افغانستان تي طالبان حڪومت جي اچڻ تي ٽي وي فوٽيجز کي ڏسي ايئن پيو لڳي ته اسان جو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏاڍو خوش آهي. سبب ڇا لکجن سڀني کي معلوم آهن پر ڪو وقت هو جڏهن ملا عمر جي قيادت ۾ پوري افغانستان تي طالبانن جو قبضو ۽ راڄ هو ۽ پاڪستان جا ان حڪومت سان اندروني توڙي بيروني لڳ لاڳاپا تمام گهڻا گهرائي وارا هئا ۽ پاڪستاني حڪومت جو طالبان حڪومت تي سٺو اثر رسوخ هلندڙ هو. اهوئي سبب هو جو طالبانن روس جهڙي مها طاقت سان ڪيترائي سال جنگ ۾ رهندي ان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. هن جنگ ۾ ڏوڪڙ ۽ حڪمت عملي آمريڪا جي هئي، تربيت ۽ زمين پاڪستان جي استعمال ٿي ۽ ويڙهه جنهن کي هڪ عالمي ۽ مقامي حڪمت عملي تحت “جهاد” جو نالو ڏنو ويو هو ان ۾ اسان جي مذهبي  سياسي تنظيمن جي انهن ڪارڪنن ۽ کيپ کي جنت ۽ حورن جا خواب ڏيکاري ميدان تي لاٿو ويو هو جن جي عمر 18 کان 25 سالن جي وچ ۾ هئي.

روس سان طالبانن جي اها جنگ جڏهن جهاد جي نالي ۾ وڙهي پئي وئي ته اهي ٻار جن کي تربيت ئي مرڻ جي ڏني وئي هئي انهن روس جهڙي طاقت کي ٽوٽا چٻائي ڇڏيا. هن جنگ جي دوران افغانستان ۾ گهرو ويڙهه به هلندي رهي ۽ هي ملڪ غيرمستحڪم ٿيندو رهيو، پوءِ جتي جيڪو ڏاڍو هو اهو ان علائقي جو لارڊ بڻجي ويهي رهيو. جنگ جي سبب لکن جي تعداد ۾ افغاني عوام پنهنجي ٻارن ٻچن سميت پاڙيسري ملڪن ڏانهن هليو آيو ۽ پاڪستان جي حصي ۾ “پناهه” جي نالي ۾ لکين افغاني پهريان ڪيمپن ۾، بعد ۾ روزگار سانگي ڪيمپن کي ويجهن شهرن ۾ ۽ ان کانپوءِ جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو ڪيمپن ۾ رهندڙ اهي لکين افغاني پاڪستانين سان رشتيداري ڪرڻ جي نتيجي ۾ پاڪستان جي وڏن شهرن اندر ڪاهي آيا ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي هتي ملڪيتون وٺي پنهنجن ٻين مٽن مائٽن کي گهرائيندا ويا. حالت وڃي هي بيٺي جو پنهنجي ملڪ جي غيرمستحڪم حيثيت جو فائدو وٺي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ڏانهن ڌڪجي آيا.

طالبانن جڏهن روس کي شڪست ڏني ۽ هنن جي جڏهن افغانستان ۾ هڪ منظم حڪومت قائم ٿي وئي ته دنيا جي ڪجهه ملڪن خاص طور تي اسلامي دنيا جي ملڪن ۽ ٻيا اهي ملڪ جيڪي آمريڪا مخالف هئا هنن جي حڪومت کي تسليم ڪيو ۽ هنن سان حڪومتي سطح تي رابطن کي وسيع ڪندا رهيا. اختيار ۽ خزانو جڏهن به جنهن به ماڻهو وٽ اچي ٿو ته ان جو مٿو خراب نه ٿئي اهو ٿي نٿو سگهي. طالبانن جي روس مان جند آجي ٿي ته هنن مسلمانن جي خلاف آمريڪي پاليسين جي خلاف جهاد شروع ڪيو.  هنن اعلان ڪيو ته اهي آمريڪا کي سبق سيکاريندا! هنن آمريڪا خلاف جهاد ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا جي اسلامي ملڪن مان انتها پرست ماڻهو گهرائڻ شروع ڪيا، انهن کي جهاد جي تربيت واري چڪي مان پارڪندا رهيا ۽ گڏ وگڏ پنهنجي حڪومت به هلائيندا رهيا. اهڙي طرح سندن خواهش مطابق اهو ڏينهن به اچي ويو جو سندن جي ڇانوَ ۾ پلجندڙ هڪ جهادي تنظيم القائدا آمريڪا ۾، 2001 ۾، 9/11 جو واقعو ڪيو جنهن آمريڪا کي ته تپائي باهه ڪري ڇڏيو پر دنيا ۾ جيڪي ملڪ طالبان حڪومت جا حمايتي هئا اهي به هوريان هوريان ٿي ڪري هنن کان کسڪڻ لڳا.

آمريڪا 9/11 جي آڙ وٺي هڪ اهڙي خطرناڪ نظريي کي تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جيڪو نظريو “تهذيبن جي ٺڪراءُ” سان 100سيڪڙو ٺهڪندڙ هو. هن اسلامي دهشت گردي جهڙو خطرناڪ اصطلاح جوڙي نه صرف حڪومتي سطح تي پر سفارتي سطح سان گڏ و گڏ ميڊيا جي ذريعي اهڙو ته ڦهلايو جو دنيا حقيقت ۾ نظرين جي بنياد تي ٻن حصن ۾ ورهائجي وئي ايتري تائين جو اسان جا اسلامي ملڪ به آمريڪي نظريي جي حمايت جي لاءِ ميدان تي لهي آيا ۽ رات و رات پنهنجي انهن مڙني پاليسين تان هٿ کڻي ڇڏيو جن پاليسين تحت آمريڪا جي آشيرواد سان هنن روس جي خلاف طالبان تيار ڪيا ۽ انهن کي جهاد جا سبق پڙهايا هئا. 9/11 ۾ وڏي جاني ۽ مالي نقصان سبب آمريڪا افغانستان تي حملو ڪيو ۽ سال سوا هلندڙ آمريڪا  طالبان جي وچ ۾ هن جنگ ۾ طالبان پوئتي هٽي ويا ۽ آمريڪا نواز افغاني اڳيان اچي ويا ۽ پنهنجي حڪومت قائم ڪري آمريڪا کان طالبانن جي خوف جي آڙ ۾ کربين آمريڪي ڊالر افغانستان جي ترقي ۽ فوجي تربيت جي بهاني وٺندا رهيا. آمريڪا به هن خوشفهمي ۾ مبتلا رهيو ته اهو هاڻي بهتر ۽ مستحڪم افغانستان افغانين جي حوالي ڪري ويندو جڏهن هو پنهنجين فوجين کي هتان واپس پنهنجي ملڪ وٺي ويندو.

20 سال ڪو گهٽ عرصو ڪونه آهي پر طالبان  هن سال يعني 2021ع جي وچ ڌاري آمريڪا کي به پنهنجي ڪامياب ۽ تيز سفارتڪاري جي ذريعي قطر معاهدي جي شڪل ۾ جيڪو هنن گذريل سال جي فيبروري مهيني ۾ ڪيو هو آمريڪا کي پنهنجي ملڪ مان تڙڻ ۾ نه صرف ڪامياب ٿي ويا پر اڄ اهي ڪابل ۾ صدارتي محل اندر موجود پنهنجي حڪومت کي قائم ۽ ملڪ کي مستحڪم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن. دنيا حيران ٿي وئي آهي ته آمريڪا جيڪو ڪنهن به ملڪ کي گاهه نه وجهندو آهي ۽ جنهن ملڪ جي سڄي دنيا ۾ اڪيلي سپر پاور جي حيثيت هجي اهو هڪ معاهدي جي شڪل ۾ طالبانن هٿان هار کائي سڪتي ۾ اچي ويو آهي. گهڻن ماڻهن جي خيال ۾ طالبانن کي آڻڻ ۾ آمريڪا جو پنهنجو  هٿ آهي ڇاڪاڻ جو هن خطي ۾ موجود ٻه طاقتون روس ۽ چين هن لاءِ اکين جو ڪنڊو رهنديون آيون آهن.

ماڻهن جي خيال ۾ گهڻو ممڪن آهي ته آمريڪا طالبانن کي سڀ کان پهريان تسليم ڪندو، هنن سان حڪومتي ۽ سفارتي سطح تي لاڳاپا قائم ڪندو ۽ وڏي ڪوشش ڪندو ته هو هنن کي پنهنجو ڪري هنن  مان پنهنجو سياسي مفاد حاصل ڪندو رهندو. ڇاڪاڻ جو ڀلا هن حقيقت کان ڪير انڪار ڪندو ته پيسو ئي سڀ ڪم ڪري ٿو. افغانستان مڃيوسين طالبانن جي هٿ وس اچي چڪو آهي پر آمريڪا جي سياسي، معاشي ۽ فوجي قوت جي آڏو بهرحال ڪمزور هڪ ڪمزور ملڪ آهي. سو اسان جي پرڏيهي وزير کي به خوش نه ٿيڻ گهرجي ته افغانستان مان آمريڪا ۽ ڀارت نواز  حڪومت جو خاتمو اچي چڪو آهي ۽ اتي هاڻي سندن جو پاسو کڻندڙن جي حڪومت اچي رهي آهي ۽ اهي پاڪستان ۾ علحدگي پسند تحريڪن جي نه حمايت ڪندا نه انهن کي پنهنجي ملڪ ۾ پناهه ڏيندا ۽ نه ئي وري افغانستان جي سرزمين ڪنهن پاڙيسري يا ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندا. پاڪستان به افغانستان جي نئين اٿل پٿل کي عالمي سياسي تناظر ۾ پرکي رهيو آهي ڇاڪاڻ جو شاهه محمود قريشي جو اهو بيان رڪارڊ تي موجود آهي ته “افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي تشڪيل ٿيڻ بعد ان کي تسليم ڪرڻ ۾ ڪابه جلد بازي ڪونه ڪبي پر زميني حقيقتن کي به سامهون رکيو ويندو.”

ڪهنن جي خواب ڏسڻ تي پابندي ڪانه آهي پر زميني حقيقتون چڱن ڀلن جا وات گودا ڪري ڇڏين ٿيون. هن وقت ته افغانستان جون زمينون حقيقتون پاڪستان جي حق ۾ وڃي رهيون آهن پر وقت ڦرندي دير ناهي لڳندي.  طالبانن جي بيانن مان محسوس ٿئي ٿو ته اهي به وڙهي وڙهي هاڻي ڍانگا ٿي چڪا آهن ۽ جهاد، جنگ ۽ ڦڏن ۾ رهڻ سان گڏ اهي سفارتڪاري ۾ به مهارت حاصل ڪري چڪا آهن. سندن جي ڪابل تي چڙهائي ان ڪامياب سفارتڪاري جو هڪ وڏو نتيجو آهي. سو لڳي ايئن ٿو ته اهي پنهنجي ماضي جي تجربي جي بنياد ۽ سبق سبب هاڻي هو پنهنجي حڪومت جون پاليسيون شايد مذهبي گهٽ پر زميني حقيقتن کي آڏو رکي هر مسئلي جو حل سياست (لٺ به چٺ به) ۾ ڳولين ۽ عالمي دنيا سان بهتر رابطا رکڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏين. ان جو ثبوت سندن ترجمان جو اهو بيان آهي ته ماڻهو خوف جو شڪار نه ٿين، ملڪ ڇڏي نه وڃن، ۽ طالبان کان ڪنهن به قسم جي خوف کي دل مان ڪڍي ڇڏين، هاڻي اهي هڪ بهتر افغانستان جي اڏاوت ڪندا جنهن  ۾ عوام خاص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري ڪئي ويندي.

عالمي نشرياتي ادارن جي رپورٽن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ بعد ۽ ڪابل تي قبضي کي ڪجهه ڏينهن گذرڻ جي باوجود افغانستان ۾ ڪو ايڏي وڏي انساني ۽ سياسي الميي جو پيدا نه ٿيڻ هن ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته طالبان مذهبي هجڻ کان وڌيڪ سياسي ٿي ويا آهن. اهي بي پردا عورتن کي ٽي وي تي انٽرويو ڏئي رهيا آهن، دنيا کي پنهنجي موقف تي آگاهي ڏيڻ سان گڏ سهڪار جي لاءِ يقين ڏياري رهيا آهن. ڪابل ۾ مارڪيٽ کلي ويا آهن، اسپتالن، ٽريفڪ ۽ پوليس جو نظام بحال آهي، ڪابل هوائي اڏي پنهنجون اڏامون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ اتان جي عوام ۾ طالبانن تي اعتماد ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ٿي رهي آهي. هاڻي دنيا جيڪڏهن آمريڪا تي افغانستان مان فوجون ڪڍڻ تي ڇوهه ڇنڊي رهي آهي يا آمريڪي صدر جو بائيڊن پنهنجي عمل کي جواز بخشيندي وري افغانستان جي ان فوج ۽ حڪومت تي ڇوهه ڇنڊي رهيو آهي ته: “اسان جي هيڏي وڏي سيڙپ، تربيت، ۽ سهڪار جي باوجود اتان جي سياسي قيادت طالبانن جي آڏو ڍير ٿي وئي ۽ فوج هٿيار ڦٽا ڪيا آهن ته اسان کي ڪهڙو لاچار آهي جو هنن جي مدد ڪيون”، اصل ۾ پنهنجي ناڪامين تي پردو وجهڻ ۽ جواز بخشڻ جا دليل آهن. گهرائي سان جيڪڏهن غور و فڪر ڪيو وڃي ته افغاني اسان سڀني کان وڌيڪ قومپرست ثابت ٿيا آهن. افغاني قيادت طالبانن سان وڙهڻ جي بدلي پوئتي هٽڻ کي ترجيح ڏني. فوج به ايئن ڪيو ڇاڪاڻ جو فوج به شايد انهيءَ انتظار ۾ هئي ته ڪڏهن ٿا طالبان اچن ۽ هنن کي آمريڪا بهادر جي غلامي مان آزاد ڪرائين.