لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي ترجمان پي ٽي آءِ جي سينيٽر اعجاز چوڌري جي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اعجاز چوڌري احسان فراموش ماڻهو آهي کيس چوڌري پرويز الاهي ئي سينيٽر بڻايو هو. جيڪڏهن پرويز الاهي بندوبست نه ڪري ها ته پوءِ اعجاز چوڌري سينيٽر به بڻجي نه سگهي ها.