اعجاز جکراڻي جي پٽ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون آهن: مليحه ملڪ

0
566
اعجاز جکراڻي جي پٽ

سکر: وفاقي وزير ميان محمد سومرو جي ڀيڻ ۽ ڀائيٽيو عدالت پهچي ويا، جتي هنن احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي چيو آهي ته مولابخش سومرو ۽ مون کي اعجاز جکراڻي جي ماڻهن پاران مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آهن

مليحا ملڪ چيو ته اعجاز جکراڻي جي پٽ مونکي مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آهن. اعجاز جکراڻي جي پٽ پاران ڌمڪيون ڏيڻ جا وڊيو ثبوت موجود آهن. هن چيو ته ڌمڪين جي خوف کان عوام جا پئسا کائڻ نه ڏينداسين. اعجاز جکراڻي ۽ سندس ماڻهن جيڪب آباد جي ترقي جي نالي تي اربين رپيا خرچ ڪري ڇڏيا آهن. اسان ٽن سالن کان سندس خلاف ثبوتن سان عدالتن جا چڪر لڳائي رهيا آهيون