اشو آف دي ڊي ڪوڙي خبر تي 5 سال سزا، ڪوڙن واعدن تي 5 سال اقتدار

0
121
اشو آف دي ڊي ڪوڙي خبر تي 5 سال سزا، ڪوڙن واعدن تي 5 سال اقتدار

پيڪا ترميمي آرڊيننس ذريعي ڪوڙي خبر تي پنج سالن جي سزا مقرر ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ان قانون کي رد ڪرڻ سان گڏ ان تي دلچسپ تبصرن جو سلسلو به شروع ٿي ويو، سوال اٿاريو ويو ته وزيراعظم سوڌو حڪمران جيڪي ڪوڙ هڻن ٿا انهن کي گهڻا سزا ڏني ويندي؟ صدرالدين عمراڻي لکيو ته عمران خان چوندو آهي ته اسان جي دور ۾ غربت گهٽ ٿي آھي، نئون قانون چوي ٿو ته ڪوڙي خبر ڏيڻ ناقابل ضمانت ڏوھ آهي، اسلم نهڙيو لکيو ته قانون صرف غريبن لاءِ آهي، بشير احمد لهر لکيو ته عمران خان تي جائز آهي، محمد امين چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان تمام سٺو وزيراعظم آهي ملڪ جي تاريخ ۾ اھڙو قابل وزيراعظم نه ٿيو آهي نه ئي ٿيندو . ڇا ھن ھيڏي وڏي ڪوڙ تي پنج سال سزا ملندي يا ان کي مذاق سمجھندا، جنهن تي اياز علي لکيو ته سزا ملڻ کپي پر هتي پنج سال پورا ٿيندا ته گلن جا هار پارايا ويندا هن کي، عبدالرسول بروهي لکيو ته ڪوڙ ۽ سچ کي ڪيئن پرکجي؟ آزاد اصغر لکيو ته عمران خان ايترو ڀلو وزيراعظم جو جنهن شيءِ تي ايڪشن وٺي ٿو اها شيءِ اڻلب ٿي وڃِ ٿي، ان تي ڪڏهن ايڪشن ٿيندو، زاهد چانڊيو لکيو ته پنج سال نه ان کان وڌيڪ سزا ڏيڻ گهرجي،

ايچ يوسف مهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪوڙي خبر هلائڻ تي پنج سال سزا ايندي اڄ کانپوءِ آئون جيڪا به پوسٽ شيئر ڪندس ان جي هيٺان ڪاپي ضرور لکندس، جنهن تي رئوف مهر لکيو ته مطلب ته پاڻ سان گڏ ٻين کي به سزا ڏياريندين، ثناءُالله مهر لکيو ته ڪاپي سان گڏ تصوير به رکجان، ايم ايچ بابو انصاري لکيو ته ڪوڙي خبر تي پنج سال سزا، ڪوڙن واعدن تي پنج سال اقتدار، ذوالفقار راهوجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سوشل ميڊيا  تي لکڻ بابت ڪيترا به قانون جهل ۽ سختي ڪن پر لکڻ وارا سڀ ڪجهه لکي ويندا، علم تي  ڪيترو سختي ڪندا اوترو سندس لهجو سخت ٿيندو،1983 ع واري مها آمريت واري وقت ۾ جيتري سختي هئي اوترو نعرا لکتون سخت آيون، اهڙي ليول جو ترجمو ۽ شاعري وڌي حق ۽ سچ جو آواز  دٻائڻ آسان ناهي، صرف علم جو مواد گهرو۽ بلندبالا هجي، اوهين سخت کان سخت حالتن جو مقابلو ڪري سگهو ٿا. جنهن تي برڪت علي جهتيال لکيو ته ڊڪٽيٽر سدائين ناڪام ٿيو آهي، علي رضا جوڻيجو پوسٽ سان اتفاق ڪيو. شهزاد جاگيراڻي لکيو ته هاڻي فيس بوڪ تي ڪوڙ نٿا لکي سگهون قانون پاس ٿيو آهي،

اعجاز راهمون لکيو ته ڪلام شيئر ڪنداسين، سجاد حسين لکيو ته وزيراعظم خلاف به نٿا لکي سگهو اهو قانون عمران خان پاڻ پاس ڪرايو آهي، ايم موسيٰ جاگيراڻي لکيو ته هونئن وري ڪهڙو سچ لکندا آهيو، عمران علي ملڪ لکيو ته اهڙي قانون ۽ آمراڻي سوچ کي اڇلائي ڦٽو ڪنداسين، وقت جو انتظار ڪريو، مبين لغاري لکيو ته قانون ته گهڻا اچن ٿا پر عمل به ٿئي نه، سجاد بلوچ لکيو ته ماڻهو ڪوڙ نه هڻندا ته مري پوندا، بشارت جاني لکيو ته ڀلي آڙ ورتي اٿن پنهنجا پرڪار لڪائڻ لاءِ، انجنيئر امان الله لکيو ته ڪوڙين خبرُن تي پنج سال سزا،  ۽ ڪوڙن واعدن تي پنج سال اقتدار ملندو، عبيدالله عباسي لکيو ته غلط خبر ڦھلايندڙ کي5سال سزا جو آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي، راشد ميمڻ لکيو ته ميڊيا جو ڇا ٿيندو؟ ڪامريڊ لياقت لکيو ته عوام کان ڊنل آهن تڏهن اهڙا قانون پاس ڪن ٿا هاڻي جيڪو سچ لکندو پنج سال سزا ڪاٽيندو، رياست علي ابڙو لکيو ته هنن کي خبر آهي ته ڪامريڊ سچ ٿا ڳالهائن،

ساگر باغي لکيو ته ڀلي سزا ڏئي، سجاد چانڊيو لکيو ته اسان کي اها سزا قبول آهي پر سچ ڳالهائينداسين، هڪ ٻي پوسٽ تي ساجده ميمڻ لکيو ته صدر پاڪستان ان خبر ذريعي مشهور ته ٿيندو، نه ته ڪنهن کي ياد آهي ته ڪو صدر به آهي، رڳو پاڪستان ۾ وزيراعظم پيو ڳڻجي، وڪرم آزاد لکيو ته صبح کان شام تائين سوشل ميڊيا تي رڳو ڪوڙ ٿو هلي، باقي سڀ ڪم ٿي ويا صدر کي رڳو ان ڪم جي جلدي هئي، ايچ محمد علي نهايون لکيو ته ڀلي پاڻ ڪوڙ هڻن انهن کي ڪجهه  نه ٿيندو مهانگائي به عوام لاءِ سزا به عوام لاءِ، نبيل مير محمد ڏيٿو لکيو ته پاڪستان جو صدر آهي ڪهڙو؟ مجتبيٰ جوکيو لکيو ته ڪارو قانون آهي عدالت کي اهو آرڊيننس ختم ڪرڻ کپي، ثناءُالله گرگيج لکيو ته سٺو قدم آهي، الله بخش ڪنڀر لکيو ته ڪوڙ ڳالهائڻ جو حق صرف حڪمرانن کي آهي عوام کان ڪوڙ ڳالهائڻ جو حق کسيو ويو، شاهه محمد لکيو ته جن حڪمرانن عوام سان ڪوڙ هنيا انهن لاءِ گهڻي سزا هوندي؟ شبير احمد لکيو ته پاڻ سڄو سال ڪوڙ ٿا هڻن، آفتاب سرهيو لکيو ته وزيراعظم پاڻ ڪوڙ ٿو هڻي ان کي گهڻا سال سزا ملندي، سلام سليم مهيري لکيو ته سڀ کان وڌيڪ ڪوڙ ته اهي ماڻهو ٿا هڻن جيڪي اسيمبلين ۾ ويٺا آهن، ڪامورا ڪوڙ ٿا ڳالهائن، سڀ قانون رڳو غريبن لاءِ هوندا آهن.