اشو آف دي ڊي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا نفرت انگيز بينر: سوشل ميڊيا تي ردعمل

0
293
اشو آف دي ڊي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا نفرت انگيز بينر: سوشل ميڊيا تي ردعمل

  ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم پاران بينر لڳائڻ واري عمل خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو آهي، بينر ۾ لکيو ويو آهي ته ٻهراڙي سنڌ جو شهري قبضو تي نامنظور، ان بينر جي تصوير شيئر ڪندي منظور چانڊيو لکيو ته ڇا سرڪار هي بينر لاهي نٿي سگهي؟ هي بينر hate crime   آهن. انهن جي پڙهڻ سان ڪروڙين سنڌين جي دل آزاري ٿي رهي آهي.  ديهي پنجاب، ديهي ڪي پي ڪي. وغيره ڀلي هجن پر ديهي سنڌ وارا نه ؟ اها کليل نفرت آهي. لنڊن ۽ دنيا جا سڀ شهر ٻهراڙين جي ماڻهن وسايا آهن. ڇا ٻهراڙي جا سنڌي پنهنجي شهرن ۾ نٿا اچي سگهن؟ جنهن تي احمد سومرو لکيو ته ان ۾ ڪهڙو hate crime آهي؟ شهري سنڌ کي احتجاج جو حق حاصل آهي. آئون به شهري سنڌ جو رهواسي آهيان. منهنجي ته ڪا به دل آزاري نٿي ٿئي اهڙا بينر ڏسي.

دل آزاري جي ڳالھه ته تڏهن ٿئي جڏهن سنڌ جي ورهاست يا سنڌي ماڻهن بابت نفرت انگيز بينر لڳايا وڃن. عنايت الله ڇٽو لکيو ته ان دل آزاري جو فائدو حڪومت کي پھچي رھيو آھي، عبدالله انصاري لکيو ته انهن نعرن سان پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو ووٽ بينڪ مضبوط ٿيندو آهي، لجپت راءِ لکيو ته  پ پ کي صوبي جي مستقل اردو آبادي کي اختيارين ۾ سندن جائز حصو ڏيڻو پوندو. سنڌ جي بقا ان ۾ ئي آھي. مان ته اھو چوندس ته اڃا وڌيڪ باھ لڳندي، ديھي سنڌ قابض ناھي، سنڌ جي مڙني وسيلن تي اتر سنڌ جو صرف ۽ صرف وڏيرو قابض آھي. ۽ اھا ڳالھه ڪرڻ ڪنھن به صورت ۾ سنڌ دشمني ناھي.

مان ته اھو چوندس ان ناانصافي تي نه ڳالھائڻ درحقيقت سنڌ دشمني آھي.باغي ٿهيم لکيو ته ٻهراڙي سنڌ  مان مراد پ پ حڪمران آهي، اهو احتجاج سندن حق آهي، عبيدالله لاکير لکيو ته اهي ناشڪر آهن، احمد نديم ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اهڙو پوسٽ قابل قبول ناهي، جنهن تي شهناز راهو لکيو ته سنڌي ماڻهن کي شهرن مان ڪڍڻ لاءِ شازش تحت هنن کي تيار ڪيو پيو وڃي هي وقت سوچڻ اکيون کولڻ جو آهي ڪٿي اسان هڪ ٻئي جي دشمنيءَ ۾ سڀ ڪجهه وڃائي نه ڇڏيون،مشتاق ميراڻي لکيو ته سنڌ سرڪار کي اهو بينر فوري طور هٽائڻ گهرجي، صدرالدين عمراڻي لکيو ته پ پ جي دشمني ۾ اها سازش ڪري رهيا آهن، دين محمد لکيو ته اهي سڌرڻا ناهن، حسن ٽڳڙ لکيو ته اردو ڳالهائيندڙ انهن جي ڳالهه نٿا ٻڌن اهي موقعي پرست آهن، الطاف مجاهد لکيو ته انهن ڪراچي تي قبضو ڪيو آهي، عبدالسلام سنڌي لکيو ته پوسٽر ٺاهڻ ۽ هڻڻ واري تي ڪيس داخل ڪجي جيئن اڳتي اهڙي غلطي نه ڪن،

ظفر شيخ لکيو ته مڪاني چونڊون اچڻ واريون آهن پنهنجي دور ۾ انهن ڦرلٽ ڪئي پنهنجي عوام لاءِ ڪجهه نه ڪيو هاڻ وري تعصبي رينگٽ شروع ڪيو آهي، اعجاز حسين قريشي لکيو ته انهن کي ڪيترو به پاليو اهي سڌرڻا ناهن، مسعود هاشمي لکيو ته ثقافتي ڏهاڙي جي ريلين جي ردعمل ۾ اهو ڪيو ويو آهي، اهي پوسٽر لاٿا وڃن، منير سومرو لکيو ته اهڙي عمل جي مذمت ڪجي ٿي، نفرت جو ٻچ پکيڙيندڙن خلاف حڪومت کي پنهنجي قانون موجب ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، مقبول احمد لکيو ته انهن پوسٽرن جو مقصد ماڻهن کي ورهائڻ آهي. راشد مراد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنهنجي گهر ۾ پناهه ڏني جن کي، گهر جي جي تقسيم لاءِ ان مون تي بندوق رکي آهي، جنهن تي ياسمين قاضي لکيو ته ڪيترا گهر هئا؟ بختاور لکيو ته اسان گهر اسان ٺاهيا آهن.