اشو آف دي ڊي … ڇا ڄام اويس وانگر گهنور اسراڻ خلاف به قدم کنيو ويندو؟ ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل خلاف عوام جو ردعمل

0
502
اشو آف دي ڊي ... ڇا ڄام اويس وانگر گهنور اسراڻ خلاف به قدم کنيو ويندو؟ ناظم جوکيو ۽ فهميده سيال جي قتل خلاف عوام جو ردعمل

عرب شڪارين کي پکين جي شڪار کان روڪڻ تان قتل ٿي ويل ناظم جوکيو جي قتل خلاف گذريل ڏينهن به سوشل ميڊيا تي ردعمل جاري رهيو، جسٽس فار ناظم جوکيو ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيو، قاتلن کي سخت سزا ڏيڻ جو جو مطالبو ڪيو ويو، پ پ ايم پي اي ڄام اويس وانگر ميروخان جي ايم پي اي گهنور خان اسراڻ خلاف به ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو. سوشل ميڊيا تي سوال اٿاريو ويو ته ڇا پ پ سرڪار ڄام اويس وانگر گهنور اسراڻ خلاف به قدم کڻندي؟

ناظم جوکيو واري واقعي تي پوسٽ شيئر ڪندي مصطفيٰ اياز مهيري لکيو ته عرب انڊيا ۾ ته شڪار ڪري ڏيکارين، انڊيا جي راجسٿان ۾ به تلور ٿيندو آهي، تتر، چڪور ٿيندو آهي عرب سنڌ ۾ ئي ڇو ٿا اچن؟ جنهن تي راجڪمار وڻجارا لکيو ته قانون جي حڪمراني جو مسئلو آهي، شبير پياڪ لکيو ته عرب سڄي پاڪستان ۾ اچن ٿا ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي شڪار جو لائسنس ڏيڻ جو فيصلو وفاقي حڪومت جو اختيار آهي، اهو مامرو پرڏيهي وزارت ڏسندي آهي،

همٿ مغيري وڏيرا ڀوتار خدمتون پيش ڪندا آهن. چيتن ڀيل کيو ته هتي لاقانونيت جي ڪري وڏيرا شاهي گهڻي آهي. شفقت نوناري لکيو ته ناظم جوکيو جي بي رحماڻي قتل خلاف سنڌ واسين جي سخت احتجاج کانپوءِ قتل الزام هيٺ آيل ايم پي اي ڄام اويس جوکيو پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي، مقتول جي وارثن قاتلن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. وحيد بروهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ڌرتي ڪيترن ئي سالن کان ھن وڏيرپائي، سرداري نظام  ھيٺان پسجي پئي. آخر سنڌ ڪيستائين ھن سرداري، وڏيرپائي نظام کي برداشت ڪندي رھندي…؟  روهت ڇاٻڙيا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگشاهي جي جوڌي کي سلام جنهن جان ڏئي عرب شڪارين ۽ ساٿارين کي تاريخ ۾ هميشه لاءِ ذليل ڪري ڇڏيو،

منظور چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته حڪمران پارٽين سميت هر سياسي پارٽي اندر هڪ احتساب ونگ به هجڻ گهرجي جيڪا پارٽي جي ناڪامين، ڪڌن ڪمن، بدعنوانن، ڀوتارڪي روين، اڻپورن واعدان ۽ بدفعلن جو احتساب ڪري، سعيد گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جبر خلاف سنڌ مزاحمت جو روپ ڌاري ورتو آهي هاڻ ڪنهن به ڀوتار وڏيري رئيس سردار جي ڳچي پڪڙڻ لاءِ پاڻ ۾ جرئت پيدا ڪرڻي پوندي. اخلاق بخاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ سرداري نظام خلاف اهڙي باهه مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪٿي به ناهي ڏٺي، سنڌ بدلجي پئي سنڌ تمام تيزي سان بدلجي پئي.فرحان خان تنيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  بيگناهه ماڻھن کي بيدردي سان مارين به پاڻ ٿا وري تعزيتون به پاڻ ڪن ٿا،

سنڌ کي هن بدترين ڀوتارڪي ڪلچر ۽ ڌپاريل نظام مان جند آجي ڪرائڻ لاء ڪو انقلابي سياسي متبادل آڻڻو پوندو. محسن رند لکيو ته ثابت ٿي ويو ته عوام ئي سپر پاور آهي جيڪو ٿوري تحرڪ سان جبل به جهڪائي سگهي ٿو. غازي جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شهيد ناظم جوکيو جي قتل ڪيس ۾ سردار کي هٿڪڙيون هڻي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو اسان جو قانون هنن طاقتورن لاءِ ڪورئيڙي جي ڄار جيان آهي پر جڏهن خلق کين للڪارڻ لڳي ته هٿڪڙيون لڳيون اٿن، سڀاڻي ڦاهي تي ٽنگيل نظر ايندا. ذوالفقار سولنگي لکيو ته وزيراعليٰ پاران ڄام اويس ۽ گهنور خان اسراڻ جي ايم پي اي شپ معطل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.

جسٽس فار ناظم جوکيو ٽرينڊ ۾ حليمه سومرو، آزاد علي، مبشر زيدي، عمار علي جان، علي حيدر زيدي، زرار کهڙو، عبدالجبار ڀنڀرو، اصغر ناريجو، سراج احمد مزاري، ايڊووڪيٽ نواب بڙدي، صفي الله تنيو، شمع جوڻيجو ۽ ٻين حصو ورتو.  ناظم جوکيو جي قتل واقعي وانگر پکو ۾ عورت جي قتل واري واقعي خلاف به سخت ردعمل جاري رهيو جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته عورت فهميدا سيال جي قتل جو الزام پ پ ايم پي اي گهنور اسراڻ مٿان لڳايو ويو آهي.آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀوتار ايم پي اي گهنور اسراڻ هڪ نياڻي کي قتل ڪرايو آهي کيس گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪجي ٿو، اصغر ساگر لکيو ته اهڙا يم اي اي ٿيندا ته پوءِ عوام جو الله واهي آهي، محمد علي چانڊيو لکيو ته نياڻي جي ناحق قتل تي پ پ ايم پي اي گهنور اسراڻ کي گرفتار ڪيو وڃي.

نويد لاشاري، معشوق بلوچ، اظهر چانڊيو، نثار احمد چانڊيو، نظام علي چانڊيو، سجاد علي ميرجت ۽ ٻين لکيو ته قتل ۾ ملوث کي سزا ملڻ گهرجي ايم پي اي کي گرفتار ڪيو وڃي. اڪبر سهتو، عاشق منگي، ڪمال حسين هليو، آصف ملڪ، اقبال ڪوريجو، زوار رشيد احمد، فقير ارسلان چانڊيو، پنهل لاڙڪ، آصف ملڪ ۽ ٻين اهڙي واقعي خلاف پوسٽون شيئر ڪيون، سوشل ميڊيا تي چيو ويو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي ايم پي ايز تي ڪنٽرول ڪري اهي هاڻ ماڻهو ماري رهيا آهن. سوشل  ميڊيا تي هڪ تصوير به وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته پنهنجي پارٽي جي ميمبر ايم پي اي گهنور اسراڻ جي هٿان قتل ٿيل قمبرشهدادڪوٽ جي  نياڻي فهميده سيال جي لاش کي نادر مگسي ڪلهو ڏئي ثابت ڪيو ته مظلومن سان گڏ بيٺل آهي.