اشو آف دي ڊي … پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ نامنظور ، مهانگائي خلاف مارچ ڪندڙ ڪٿي آهن؟ عوام جو ردعمل

0
131

 پيٽروليم شين جي قيمتن تي واڌ خلاف سوشل ميڊيا تي عوام شديد ردعمل ڏنو، ان حوالي سان علي پوسٽ شيئر ڪئي ته پيٽرول ڏھه رپيا وڌي ويو، حڪومت پيٽرول مان گھڻو ٿي ڪمائي ؟ حڪومت پئٽرول جو اگھه 10 رپيا وڌائي ڇڏيو ، حڪومت کي تيل 152 رپيا ليٽر ٿو ملي ۽ خرچ سميت 180 رپيا ٿو پوي (خرچ سميت 180 رپيا في ليٽر گھڻو آھي پوءِ به حساب ڪجي ته ) جيڪڏھن حڪومت 30 رپيا ليٽر تي وڌيڪ وٺي تڏھن به پئٽرول جو اگھه 210 رپيا  ٿيندو پر حڪومت 50 رپيا ليوي ٽيڪس کان پوءِ به 22 رپيا ليٽر تي مٿي ٿي وٺي، جيڪڏھن حساب ڪجي 5 ڪروڙ لٽر جو تڏھن به 35 سئو ارب رپيا ٿي ڪمائي 70 رپين جي حساب سان، ليوي ٽيڪس جي حساب ۾ 2500 ارب رپيا ٿي ڪمائي، ھاڻي ته 22 رپيا ٻيا به چڙھي ويو آھي حڪومت ٽيڪس ۽ ليوي ٽيڪس کانپوءِ 11 سئو ارب رپيا وڌيڪ ٿي ڪمائي، ھي ڳالھه ته رڳي ھڪڙي پيٽرول جي آھي ڊيزل سميت ٻين تيلن جو حساب الڳ آھي. جنهن تي سيف ڪيريو پوسٽ سان اتفاق ڪيو، غلام مصطفيٰ جمالي لکيو ته صبح ساڻ خوشخبري ملي، عبدالسبحان سنڌي آخر لاٿائون تيل جوڪم، ڪامريڊ سنڌي لکيو ته بھترين خوشخبريءَ صبح ساڻ، شاهد جان لکيو ته ماري ڇڏيو آھي ھنن، پنھنجن گارين ۽ ڪاوڙ جو رخ حڪمرانن ڏي ڪجو، عبدالسلام سنڌي لکيو ته ماري ڇڏين سائين پوءِ ته، ظلم لڳو پيو آھي، وقار سنڌي ۽ عمر سومرو به ردعمل ڏنو، سبحان علي لکيو ته هاڻي صحيح ٿيو، 2000 مليا آهن عوام کي وري سوچن پيا، محبوب لغاري لکيو ته 300 لٽر پيٽرول ڪندا، خير محمد چنا به ردعمل ڏنو، شمشير لغاري لکيو ته ھن ڀيري بائيڪ ڳوٺ ھالا ڇڏي آيس، ھتي ڪراچي ۾ ضرورت به سخت محسوس پيئي ٿيئي، ھڪ دل چئي پئي مسلسل بائيڪ ميسر ھئي ڪراچي ۾ ته ٽينشن نه ھو ھر ڪم ٽائيم ته ٿي ويندو ھو ماڻهو گاڏين جي لھه وچڻ کان بچو پيو ھو پر وري ھر پندرنھن ڏينهن پيٽرول وڌڻ واريون ٿو خبرون پڙھان ته سوچان ٿو بائيڪ ڀلي ڳوٺ بيٺي ھجي، محمد صديق لکيو ته رات جيستائين پيٽرول جي خبر نه ٻڌي تيستائين ننڊ ئي نه پئي اچي، مبين خان لکيو ته خدا ماري پڇندن. منظور علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ ليٽر پيٽرول هڪ ڊالر ۾.ايترو سستو آمريڪا ۾ شايد نه هوندو. پي ڊي ايم. جي علي ڀاڳت مريم نواز جي وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته ڪالھه پيٽرول 118 رپيا لٽر مھانگو ۽ اڄ 284 رپيا لٽر به سستو آهي، علي چانڊيو به مريم نواز جي اها وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته عيد کان اڳ ڪجهه پراڻيون يادون تازيون ڪريو، عبدالحميد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته 10 رپيا پيٽرول مهانگو حڪومت لڳي ٿو هاڻي عوام کي جيئڻ ڪونه ڏيندي ان لاءِ هڪ ئي حل آهي يا ته روڊن تي نڪرڻ يا ته زهر کائي مرڻ، جنهن تي انور علي لکيو ته زھر قبول ڪندا باقي روڊن تي نه نڪرندا، صدام علي مگسي لکيو ته ستل قوم آ ڪجهه نه ٿيندو، ببلو جروار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽنڊوالهيار ۾ هڪ ليٽر پيٽرول هڪ ڊالر ۾. ايترو سستو آمريڪا ۾ شايد نه هوندو، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اهو جيڪو ويٺي ويٺي ڦوڪ ڏيندا آهيو، غريبن کي صفا ساڙي ڇڏيندا آهيو…ظالمو اهو توهان عيد جو تحفو موڪليو آهي  يا پيٽرول بم ڪيرايو آهي، جنهن تي آدم خان جانوري لکيو ته هنن مان اها ئي اميد هئي هن ستل قوم کي، بخشل باغي لکيو ته هي خزاني جو وزير آهي يا خزاني جي خرابي جو،  بيدار ايم ٻرڙو لکيو ته نا اهل حڪومت آهي، مير حسن مري لکيو ته ان جي شڪل ئي نٿي وڻي، عمران غني لکيو ته غلام قومن ته ھميشه باشاھن جي حڪومت ھلندي آهي، تنوير احمد ٻانڀڻ لکيو ته چورن جي حڪومت آهي، اعجاز علي جمالي لکيو ته اهو پاڙن پٽيو جڏهن کان ملڪ واپس آيو آهي تڏهن کان ڪا به شئي گهٽ ٿيڻ جو نالو ئي نٿي وٺي، انهي کان ته ايئن چڱا هئاسين، نعمت الله دايو لکيو ته خدا جو عذاب ڪرندو انھن ظالمن تي ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو اٿن غريب ماڻھن جو جيئڻ حرام ٿي پيو آھي ۽ ھنن کي ان جو ڪو احساس ئي ناھي، زين العابدين سولنگي لکيو ته پھريان مفتاح کي ڏسندا ھئاسين ته ڊڄندا ھئاسين ھاڻي ڊار کي ٿا ڏسون ته ڊڄون ٿا  وڌيڪ خطرناڪ آھن، عمران لغاري لکيو ته مطلب اسان نه اچون نه عيد تي، سڪندر حاجاڻو، مير حسن چاچڙ، رضا محمد چانڊيو به ردعمل ڏنو، جبار شيخ لکيو ته ڊار صفا خراب نڪتو، نوشاد ابڙو لکيو ته عمران خان سٺو آپشن آهي، ريحان علي نظاماڻي به ردعمل ڏنو، فياض حسين مري لکيو ته پنجاب ۾ اٽي وارو حساب وٺن ٿا….عديل ابڙو، زين سيد نقوي، عطا محمد مهر، نثار چانڊيو به ردعمل ڏنو، عرفان علي خاصخيلي لکيو ته  افسوس آھي عوام مٿان ايترو ظلم برداشت ڪري پيو، يوسف رند، ديدار علي به ردعمل ڏنو، عادل ممتاز نظاماڻي لکيو ته خدا جو عذاب ڪرندو انھن ظالمن تي، ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو اٿن غريب ماڻھن جو جيئڻ حرام ٿي پيو آھي ۽ ھنن حرامن کي ان جو ڪو احساس ئي ناھي، اوم سڌواڻي به ردعمل ڏنو، نعمت الله ٿيٻو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هنن کي خبر آهي ته ڇوڪرا پڪ سان عيد تي گهمڻ ويندا تڏهن پيٽرول جو اگهه چاڙهي ڇڏيو اٿن، وفا ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وفاقي سرڪار مھانگائي سٽيل عوام مٿان وري پيٽرول بم ڪيرائي ڇڏيو، پيٽروليم  شين ۾ وري ٿيل اضافي بعد پيٽرول 10 مھانگو ٿيڻ کانپوءِ اھو في لٽر وڌي 282 جو ٿي ويو، جنهن تي سرور ميمڻ لکيو ته وري چاڙهي ڇڏيائون،  عثمان پنهور لکيو ته ملڪ ته آھي ئي ڪونه باقي رڳو مشڪري آھي چور بازاري ڪرپشن ڦرلٽ ڪئي پئي وڃي .ايم علي ميمڻ لکيو ته عيد جو تحفو ڏنو اٿن، علي ايچ مگسي لکيو ته وڏو ظلم آهي. امير گل ڪٽوهر پوسٽ شيئر ڪئي ته پئٽرول ڏھ روپيا مهانگو ٿي 282 ٿي وڃڻ جو ٻڌي موٽر سائيڪل گٽر ۾ ٽٻي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، عبدالرزاق لاشاري وڊيو شيئر ڪئي ته رات عوام جي مٿان پيٽرول  بم ڪرائي انهيَ خوشي ۾ چونڊيل نمائندن جا واٺا  ڊانس ڪندي، جڏهن ته  پاڪستان جي حڪمرانن ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته اسان کي اھڙي قوم ملي آهي جو اسان خوشيون ڪريون ٿا پر عوام اسان کان پڇا ڪرڻ بجاءِ گھري غلامي واري ننڊ ۾ اگھور  ننڊ ستل آهي اھڙي ملڪ جي حڪمراني ملي آهي  جتي ڪير به ڳالھائڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ اسان ھن قوم کي مھانگائي  ۾ ماري ڇڏينداسين. وري به ستل قوم کي مبارڪون ڏيون ٿا ۽ اميد ڪيون ٿا ته اسان جي ھر ناجائزي تي  اگھور ننڊ ستل ئي ھوندا. حر احمد سومرو لکيو ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ نامنظور، اياز کوسو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پئٽرول 10 رپيا مهانگو، 282 رپيا لٽر ٿي ويو، 10 رپين جي واڌ سان ڪروڙين رپيا ڪلاڪ ۾ عوام جي کيسي مان نڪرندا،عاجز عجيب الله به مريم نواز جي پراڻي وڊيو شيئر ڪئي ، قيوم چانڊيو پوسٽ شيئر ڪئي ته پيٽرول پنج روپيه سستو ڪري وري رمضان شريف ۾ ڏھ روپيه مهانگو، ڪهڙو قصور وار فروٽ وارن کي ڪجي هتي ته حڪومت به گهٽ ناهي ڪئي رمضان شريف ۾، عبدالمجيد ميمڻ پوسٽ شيئر ڪئي ته مبارڪون…. پيٽرول جي اگهه ۾ 10 رپيا واڌ ڪئي وئي آهي مهانگائي خلاف مارچ ڪندڙ ڪٿي آهن؟ مظفر خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪئي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 10 رپيا اضافو نئي قيمت 282 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، ڊيزل جي قيمت ساڳئي رھندي،  وفاقي حڪومت کي فورن اسمبيلي ٽوڙي اليڪشن طرف وڃڻ گھرجي، ملڪ ۾ وڌندڙ بحرانن جو حل شاف شفاف چونڊون آھن، تيل جي قيمتن ۾ اضافو عوام جي برداشت کان ٻاهر آهي. آصف علي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وفاقي حڪومت پاران غريب عوام کي عيد جو نئون تحفو ڏئي ڇڏيو، پيٽرول 10 رپيا مهانگو ڪري نئين قيمت 282 رپيا لٽر مقرر ڪئي وئي آهي. موسيٰ خان راڄپر پوسٽ شيئر ڪئي ته پيٽرول جي قيمت ۾10 روپيا في ليٽر واڌڪئي وئي آهي .اها ڳالهه حقيقت آهي ته ڀل ڪيتري به مهانگائي ٿِي وڃي پر اسان خاموش هوندا سين. جميل احمد مريم نواز جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته هن صاحبه کي سهڪندي سهڪندي تقرير ڪندي ٻُڌم، چئي پئي پئٽرول جي قيمت رپيو چڙهڻ تي “بابي” جي ننڊ ڦٽي ويندي آهي، خبر ناهي ڇو “چاچو” شھباز شريف مسلسل پيءُ جون ننڊون حرام پيو ڪري..!!؟ پئٽرول 10 روپيا واڌاري سان 282 ٿي ويو! ٽرانسپورٽ مافيا به هاڻ عيد جا ڀاڙا ٻيڻ کان وڌائي ٽيڻ تي مهانگا ڪندي.