هڪڙا ڌاڙيل ٻيا وري عاشق پوليس وارا، سوشل ميڊيا تي بحث، دلچسپ تبصرا

0
281
هڪڙا ڌاڙيل ٻيا وري عاشق پوليس وارا، سوشل ميڊيا تي بحث، دلچسپ تبصرا
هڪڙا ڌاڙيل ٻيا وري عاشق پوليس وارا، سوشل ميڊيا تي بحث، دلچسپ تبصرا

 ڪراچي ۾ ڌاڙي ۾ 2 پوليس آفيسر ملوث هجڻ ۽ ايس ايچ او جي ڇوڪريءَ سان ٽڪ ٽاڪ وڊيو بعد سوشل ميڊيا تي پوليس آفيسرن جي حوالي سان بحث هلي رهيو آهي جنهن ۾ دلچسپ تبصرن سان گڏ پوليس آفيسرن مٿان تنقيد به ڪئي وئي، فدا حسين جوڻيجو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ايس ايڇ او شَهدادپور ديدار سولنگيءَ جون مَن مَستيون، گرل فرينڊ کي وردي پارائي پوليس موبائيل ۾ کڻي چَڪر ڏيارڻ لڳو، ڇوڪريءَ ٽڪ ٽاڪ ٺاهي وائرل ڪري ڇڏي، ايس ايس پي سانگهڙ صَدام خاصخيليءَ نوٽيس ورتو، صُوبيدار مُعطل ٿي ويو، جنهن تي سجاد حسين ڦلپوٽو لکيو ته جيڪڏهن ڇوڪري پراڻي سراڻي وردي پاتي ته ڪهڙو قهر ٿي پيو، عمران خان ۽ شيخ رشيد جي  حريم شاهه ته پي ايم ۽ گورنر ۽ ٻين الائي ڪهڙي ڪهڙي اعليٰ ڪرسين تي ويهي ٽڪ ٽاڪ ٺاهي

هن ويچاري وردي پائي ٻه ڦوٽڙو ڇا ڪڍيا اربع خطا ٿي پئي، سردار مير بلوچ لکيو ته پوليس هاڻ اهي ڪم شروع ڪيا آهن ڇا؟ عبدالغفار جوڻيجو لکيو ته ايس ايس پي سانگهڙ رٽائرڊ ڪيپٽن مير صدام حسين خاصخيلي هڪ بهترين آفيسر آھي، سو هو پنهنجي ڊپارٽمينٽ ۾ ڪنهن جون اهڙيون من مستيون ڪٿي برداشت ڪندو، حامد علي سنڌي، ممتاز جوڻيجو، مختيار علي چنا، طارق جوڻيجو به ردعمل ڏنو. نعمت کهڙو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي جنهن تي آصف ٿيٻو لکيو ته ادا منھنجي خيال ۾ اھا ھنن جي اظھار جي آزادي آھي.ڇوڪري جي خوشي خاطر ھن ائين ڪيو ھوندو

اشو آف دي ڊي ... هڪڙا ڌاڙيل ٻيا وري عاشق پوليس وارا، سوشل ميڊيا تي بحث، دلچسپ تبصرا

منھنجي خيال ۾ اھو ڪو وڏو ڏوھه ناھي. اھا منھنجي راءِ آھي ڪنھن جو متفق ٿيڻ ضروري ناھي ادا ھڪ ٽڪ ٽاڪر ته عمران خان جي دور حڪومت ۾ ته حريم شاھ پرائيم منسٽر ھائوس ۾ وزيراعظم آفيس ۾ وڃي وڊيو ٺاھي ھئي. خالد مشوري لکيو ته ايس ايڇ او نه رڳو قانوني ڏوھه ڪيوآھي پر اخلاقي حدون به اورانگھيون آھن کيس جوڳي سزا ملڻ کپي، ھن وٽ نه وردي جو احترام ۽ نه وري محافظ واري ڊيوٽي جي پاسداري آھي ايئن ڪو ڇوڪرو ۽ ڇوڪري کيس گشت دوران ھٿ اچن ھا ته کيس قانون جون سڀ شقون ياد اچن ھا ۽ ٻنھي کي لاڪپ ڪري ڇڏي ھا

انس گهانگهرو لکيو ته صوبيدار سان ظلم ٿيو آهي، بحال ٿيڻ گهرجي، ڪهڙو بجاري جيان ڌاڙو هنيو اٿائين، الله جڙيو لکيو ته عشق ڪرڻ ڪو ڏوھ ناھي پر ھر شئي جو ٽائيم ٽيبل ھوندو آھي ھي ھمراهه ڪجھه وڌي ويو، محمد ابراهيم ڳاهو لکيو ته عاشق مجبور آ سائين وري به بحال ٿي ويندو باقي فلحال ته مشهور ٿي ويو، مٺارام رٻاري لکيو ته هن وردي جو به خيال نه رکيو، محمد بچل قمبراڻي لکيو ته وردي جو غلط استعمال ڪيو ويو آهي، راجا خان مارفاڻي لکيو ته هن صوبيدار کي قانون ۽ ورديءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي ها باقي تنقيد اجائي آهي، اظهر شر لکيو ته هر ڪنهن جي پرسنل لائيف به هوندي آهي ڪير ڇا ٿو ڪري ڪيئن ٿو ڪري ان ۾ ٻين جو ڇا ايس ايس پي کي ڪهڙو حق آهي جو ان کي معطل ڪري ڇڏيو اٿس، دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته طارق باجاري ۽ سليم باجاري جو ڀاڻيجو ڊي ايس پي عمير باجاري ڪراچي ۾ واپاري جي فرياد تي ڦر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنهن تي اياز کوسو لکيو ته پئسو واسطا استعمال ڪري ڀلي ڇٽي به وڃي پر دنيا اڳيان پڌرا ٿيا، عبيدالله لاکير لکيو ته افسوس..

چورن ۽ پاٿاريدارن کي سنڌ تي مڙھيو ويو آھي،  عبدالخالق لکيو ته ھن ملڪ جو ڪجھه ڪونه ٿيندو لاقانونيت ۽ ڪرپشن ھن ملڪ جي مظلومن جي تباھي بربادي ڪري ڇڏي آھي، شهباز علي لکيو ته سمورن ڪرپٽ آفيسرن خلاف جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي، نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي کي ڌاڙو ڇا ڪندو…اڳي اهو چورن جو مشهور ڊائيلاگ هوندو هو پر هاڻي ڪراچي ۾ ڌاڙي جي واردات ۾ ملوث انڊر ٽريننگ ڊي ايس پي عمير باجاري پاڻ ته ويو پر پاڻ سان گڏ ايس ايس پي کي به سي پي او رپورٽ ڪرايائين. جنهن تي قطب الدين لکيو ته ٻئي گرفتار ٿيا آهن، امداد الله ڪلهوڙو لکيو ته پبلڪ ڪميشن ۾ مبينا ڏيڍ ڪروڙ ڀري همراهه ڊي ايس پي ٿيو هيو..منير احمد لکيو ته وڃ ايڏو ڪلور اڃا ته ٽريننگ تي آهي..؟ اڇا مطلب ڌاڙي جي ٽريننگ پيو ڪري…..تشڪيل سنديلو لکيو ته واقعي ۾ ڪراچي کي ڌاڙو ڇا ڪندو پر هن ڌاڙي ڌاڻا ڪڍي ڇڏيا همراهن جا

اشرف سولنگي لکيو ته انفارميشن جي بنياد تي ڇاپو لڳو هو، اردو ميڊيا تعصب جو مظاهرو ڪري رهي آهي، عمير طارق پاڻ ارب پتي آهي، ان کي سروس جي شروعاتي اسٽيج تي ڪنهن بنگلي مان ڌاڙي جي ڪهڙي ضرورت، جڏهن ته سون ۽ رقم جو تعداد به معمولي آهي، خبر ۾ سي سي ٽي وي ڏيکاري ڇا ٿي؟ صرف موبائيل گاڏيون جيڪي روايتي طور پوليس ڇاپي دوران هميشه ساڻن گڏ هونديون آهن، ٻيو ڇا آهي ثبوت ۾، ڪير ٻڌائيندو..!؟ شهزاد جوڻيجو لکيو ته ٽريننگ ۾ ئي اهو حال آهي ته اڳتي ڇا ڪندا، حفيظ شر لکيو ته ڪميشن ۾ ڀريل مال ته ٺاهڻو آهي نه، راشد لطيف لکيو ته پئسا ڀري آفيس ٿيندا ته پوءِ ايئن ئي ڌاڙا هڻندا. جي ايم سومرو لکيو ته اهي چورن کان بچائيندا جيڪي پاڻ چور آهن.