اشو آف دي ڊي … هولي ۽ سيرت النبي صه ڪانفرنس بابت راشد محمود جو بيان: سوشل ميڊيا تي بحث

0
343

 سوشل ميڊيا تي راشد محمود سومرو جي وڊيو وائرل ٿي آهي، راشد محمود جي ان وڊيو کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، تنقيد جو سلسلسو شروع ٿي ويو، سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ راشد محمود چوي ٿو ته سنڌ يونيورسٽي، مهراڻ ۾ سيرت النبي جو پروگرام ٿيو، ملحدن جون ننڊون حرام ٿي ويون، هولي ملهائي وئي آهي ڄڻ ته نئين دهلي ۾ ڪو پروگرام ٿو هلي، ڄڻ ته هندستان ۾ پروگرام ٿو هلي، هي سنڌ باب الاسلام هئي، آهي ۽ رهندي. سنڌ يونيورسٽي ۾ سيرت النبي صه جو پروگرام رکيو ويو ته ماڻهن کي ڪاوڙ لڳي وئي، هولي ملهائي وئي ان تي ڪنهن کي ڪو اعتراض ناهي، مون کي به ناهي، اسان سدائين مذهبي رواداري جو ٻج ٻوکيو آهي، پر جيڪڏهن اوهان سيرت پروگرام تي اعتراض ڪري هولي جي پروگرامن جي سرپرستي ڪرڻ ٿا چاهيو ته پوءِ ٻڌو جيڪڏهن هندن کي رهڻ جو جيئڻ جو حق حاصل آهي ته پوءِ سيرت النبي صه جي پروگرامن کي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪير به روڪي نٿو سگهي، اڄ مان اعلان ٿو ڪريان ٿو ۽ جمعيت طلبا کي هدايت ٿو ڪريان ته مهراڻ يونيورسٽي ۾ فوري طور تي سيرت النبي ڪانفرنس رکي وڃي، ڏسون ٿا ڪير ٿو روڪي. ان حوالي سان جامي چانڊيو پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته مذهبَ به تاريخ جا نهايت اهم ۽ حساس علمي ۽ فڪري موضوع آهن، انهن کي اهڙن فردن ۽گروهن جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي جن وٽ علم جو ڪوبه علمي تصور ۽ مذهبن بابت ڪو تاريخي شعور موجود ئي ناهي. عظيم عرب اسلامي انقلاب، نبي سائين (ص) جي فڪر ۽ تاريخي ڪردار بابت يونيورسٽين ۾ علمي گفتگو جي ڪوبه باشعور ماڻهو مخالفت نه ٿو ڪري سگهي. اصل سوال اهو آهي ته يونيورسٽين ۾ اهڙي گفتگو لاءِ اسڪالرس کي گهرايو وڃي، نه ڪي انهن کي جيڪي سائنس ۽ ڪائنات بابت بابت کلڻ جهڙيون ڳالهيون ڪري جڳ کي مٿن علمي رحم کائڻ تي مجبور ڪن ٿا.  سنڌ ۽ ملڪ ۾ ڪيترا ئي اسڪالرس اهڙا آهن جيڪي نبي سائين جي حيات ۽ اسلام بابت عالمانه ۽ تاريخي شعور جي حامل گفتگو ڪري سگهن ٿا. نبي سائين جهڙي عظيم تاريخي شخصيت ۽ آخري پيغمبر جي حيات ۽ ڪردار تي ڳالهائڻ کي رڳو مدرسن جي خطيبن تائين محدود ڇو ڪيو ويو آهي؟ اهي موضوع اسڪالرس ۽ مفڪرن جا آهن ۽ هئڻ گهرجن. سنڌ جو اهو تاريخي، تهذيبي ۽ ثقافتي شعور ئي آهي جو اها جتي سنڌ ۾ مسلمانن ۽ صوفين جي عوامي ۽ ڀلين روايتن کي پنهنجو ڪري ٿي اتي اها سناتن ڌرم، دراوڙ دور جي مائيتي سماج، ٻڌ مت ۽ جيني روايتن ۽ بابا گرونانڪ جي عظيم اصلاحي فڪر جو به ساڳي طرح نه رڳو احترام ڪري ٿي پر انهن کي پنهنجو تهذيبي ورثو سمجهي ٿي. جنهن جنهن کي سنڌ ۾ هولي ۽ ڏياري ملهائڻ تي اعتراض آهي يا سنڌي هندن جي وجود سان جاهلانه بيزاري ۽تعصب جو مسئلو آهي، انهن کي پاڻ کي هتان هليو وڃڻ گهرجي  بجاء انجي جو هو سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جي وارثن کي هتان هليو وڃڻ جون گدڙ ڀڀڪيون ڏين. سنڌ ڪنهن به انتها پسند فرد يا خود ساخته فاشسٽ گروه جي جاگير ناهي، نه اها ڪنهن فاشسٽ ذهنيت جو گهر آهي. سنڌ انهن جو وطن آهي جن کي “سنڌوءَ جي ساڃاهه” آهي ۽ جيڪي سنڌ کي عربستان جي ڪا بيٺڪيت نه پر ننڍي کنڊ جو  هڪ خودمختيار تاريخي وطن ۽ گهڻ مذهبي قوم سمجهن ٿا.شاهه لطيف سنڌ جي انهي تهذيبي ڪثرت جي فڪري وحدت جي وڏي ۾ وڏي علامت ۽ بلندي آهي. مذهبن بابت تنقيدي فڪر رکڻ باوجود هر مذهب  ۽ انهن جي پرامن پوئلڳن جو احترام ڪيون ٿا پر ڪنهن به فاشسٽ فرد ۽ گروهه کي ڪنهن به مذهب جو ٺيڪيدار نه ٿا سمجهئون. پنهنجي عقيدي جو احترام  چاهيو ٿا ته ٻين جي فڪر جو به احترام ڪرڻ  جي فضيلت سکو. جنهن تي حبيب ساجد لکيو ته هڪ ملان جي تعليم ۽ نبي سائين جي تعليم ٻه الڳ شيون آهن، ملان پنهنجي مفادن کي سامهون رکي ڳالهائڻ چاهيندو آهي ۽ نبي سائين هڪ يونيورسل هستي هئا . خادم بالادي لکيو ته اسان انسان جي سموري روحاني علمي تاريخي ورثي ڏانھن اھڙو رويو چاھيون ٿا جنھن جي گھر اوھان محسوس ڪرائي آھي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي انساني تاريخي انقلابي ڪردار بابت اسڪالرن کان ڳالھرايو وڃي،  ساگر مشتاق لکيو ته رسول صه جي تعليمات جي سلسلي ۾، مارڪسي مفڪرن، عالمي ڏاهن جي ترقي پسند فڪر ذريعي سندس پيغام کي سنڌ تائين پهچائجي نه ته هي پنهنجي مفاد لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهن ٿا، ادريس لغاري لکيو ته بلڪل هنن جو حضور (ص) جن جي تعليم سان ڪو واسطو ئي ناهي، سائل پيرزادو، روشن برهماڻي، ملهار چانڊيو، شفيع ملاح، ايوب کوسو، ڪيلاش نجار، سرمد راڄپر، مصطفيٰ بلوچ، محمد دين راڄڙي، مير اعجاز علي ڇلگري، بخشل باغي، مولابخش محبتي، اشفاق ميمڻ، جهانگير ڏاهري،زاهده ابڙو، ممتاز علي پوسٽ سان اتفاق ڪيو، اسحاق مڱريو لکيو ته ٻي راءِ ٻڌڻ جي ضرورت به ناهي، ابن الحسن ٻرڙو لکيو ته جيڪڏھن تعليمي ادارن کي مذھبي تقريبن کان پاڪ رکڻو آهي ته پوءِ ھولي جي پروگرام جي حمايت ۽ سيرت النبي ڪانفرنس جي مخالفت ڇو؟ ويرجي ڪولهي لکيو ته بھترين ۽ چٽو موقف

سنڌ انھن جو وطن آهي جن کي “سنڌو جي ساڃاهه” آهي، زاهد منگي، حريف چانڊيو، هاشم کوسو، حڪيم زنگيجو، راجڪمار وڻجارا، يعقوب چانڊيو، سريش کتري،آغا عاطف مديجي، اصغر لغآري به پوسٽ سان اتفاق ڪيو، ديدار شام لکيو ته مولوي صاحب هڪ ساهي ۾ سنڌ جي صوفين جا نالا ته تقرير ۾ وٺي وڃي ٿو پر سنڌ جي صوفين جي تعليمات کان واقف ئي ناهي. هولي جي مخالفت به ڪري ٿو وري چئي به پاڻ ٿو ته سنڌ صوفين جي سرزمين آهي سنڌ سچل سرمست، ڀٽائي جي زمين اهي، هاڻي هن کان ڪير پڇي تو سچل سرمست پڙهيو آهي، تون لطيف کي سمجهيو آهي؟ جو هولي جي مخالفت ٿو ڪرين! اي بي ڪنڀر لکيو ته راشد محمود سومرو کي سماج ۾جيئڻ لاءِ ڪِي اشو گھرجن جنھن سان محسوس ٿئي ته هو زنده آهي ، هولي بابت سندس بيان به اِن سلسلي جي ڪڙي آهي جو هن وقت جامي سميت اسان سمورا ماڻهوءَ راشد جو ذڪر ڪري کيس جيئاري رهيا آهيون ، باقي هولي جي مخالفت ڪرڻ سان ڪجھه به نه ٿيندو ، خود رياستي آئين قانون هندو مذھب کي به تحفظ ڏي ٿو ، راشد خلاف قانوني ڪارروائي ٿيڻ گهرجي ، ڇاڪاڻ ته انڊيا سميت ٻين ملڪن راشد جي بيان کي جواز ڄاڻائي پاڪستان کي بدنام ڪيو آهي. خدا ڏنو شاهه لکيو ته سنڌ هڪ تاريخي وطن آهي، سنڌ پر امن ۽ لطيف جي ڌرتي آهي. ارباب علي رستماڻي لکيو ته سنڌ ۾ ھڪ مخصوص ٽولو ڳوٺن، وستي واھڻن ۾ پنھنجا خيما کوڙي ڇڏيا آھن. ڪجھه وقت کان پوءِ اھي لکين ٻار جنوني صورت ۾ تيار ٿين پيا. چيتن سمناڻي لکيو ته اسان جي رياست کي تبديل ٿيڻ گھرجي،ھاڻي ته سعودي عرب، يو اي اي پاڻ کي ايڪانامڪ زونن جي ڪري تبديل ڪري رھيا آھن ۽ اسين سڀ سنڌو سڀيتا جي تھذيب جا انڪاري لڳا پيا آھيون، ڏاڍ ڏک ٿيو. ايڊووڪيٽ الطاف احمد شيخ لکيو ته ھاڻوڪي سنڌ بنيادي طور تي پنج ھزار سال ق.م. پراڻي تاريخ، تھذيب ۽ ثقافت جو تسلسل آهي جيڪا ڪنھن به صورت ۾ مٽجڻي يا ختم ٿيڻي ناهي. ٻاھران آيل عرب تھذيب بلڪل ايئن آھي جيئن ھن خطي ۾ ٻاھران آيل انگريز تھذيب آهي. ڪنھن به قسم جو مذھبي يا ڪو ٻيو ويس اوڙھي ڌاري تھذيب کي مقامي ماڻھن تي مڙھڻ يا مڙھڻ جي ڪوشش ڪرڻ ڏاڍ مڙسي ۽ زيادتي آهي جنھن جي ھر صورت مخالفت ٿيڻي آھي ۽ ٿيندي. خليل چانڊيو، سليم تنيو، وجاهت هنڱورجو، آغا پير محمد، حسن شيخ، امام علي ڏيٿو، ممتاز راهو، آفتاب چانڊيو به پوسٽ تي ردعمل ڏنو. غفار ميرجت پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هولي نج سنڌي تهوار آھي جيڪو بهار جي موسم ۾ ڪڻڪ ۽ سرنهن جي فصل لهڻ وقت ايندو آھي، غلام مرتضيٰ ڪيريو پوسٽ شيئر لکيو ته راشد سومرو کي يونيورسٽي اندر ھولي جو پروگرام ٿيڻ تي تڪليف ٿي آهي ته سعودي وڃي مڪمل مذھب جي ورڪ جاري رکي باقي سنڌ ۾ سڀني مذھبن لاءِ اسان وٽ ھڪ جيتري اھميت آهي، جنهن تي اياز احمد لکيو ته اهو بيان ٿڌي دماغ سان ٻڌڻ جي التجا ڪجي ٿي، اصغر لاشاري لکيو ته سعودي ۾ فيسٽيول ٿيو جنهن ۾ دنيا جا ڪلاڪار هئا، اتي نٿا ڪڇن، بادشاهه خان لکيو ته انَ ڪلپ کي جواز ڄاڻائي هروڀرو روشن خيال بڻيل مخلوق مولانا راشد محمود سومرو جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي ته ملان انتها پسندي تي لهي آيو آهي، ماجد سمون لکيو ته سعودي وارا سلمان خان ۽ اميتاڀ بچن کي گهرائي ميوزيڪل شو پيا ڪرائن، هن کي وري سنڌ ۾ اسلام کي خطرو ٿو نظر اچي، ماڻڪ عزيز انصاري لکيو ته سعودي وارا به تبديل ٿي ويا آهن هن کي افغانستان موڪليو، گبول شريف لکيو ته اگر ھڪ جھڙي اھميت آھي ته پوءِ سيرت النبي صه جلسو ڇو منع آهي؟ شوڪت علي حيدري وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته عرب سڳورن به پنهنجي ڌرتي تي ھولي جو ڏينهن ملھايو. ڪنهن به ڪو اعتراص نه ڪيو. دبئي، عمان، مسقط، ابوظهبي ۾ عرب شيخن هندن سان گڏجي هولي جون خوشيون ملهايون، پاڻ کي رنگ هنيو، مذهبي رواداري ۽ اعليٰ انسانيت جا قدر ڏسي سگهجن ٿا، انتھاپسندي معاشري لاءِ زھر آهي. پنهنجي نسل کي انهيَ زھر سان نه ماريو. علي رند پوسٽ شيئر ڪئي ته جميعت علماء اسلام ڀارت ۾ سيڪيولر ازم جي سڀ کان وڏي حامي جماعت آھي. پاڪستان ۾ مخالف، خبر اٿئو ڇو؟ جنهن تي عثمان پنهور لکيو ته  بنيادي طور اھا اسلام نه آهي اھا آھي جمعيت علماء ھند، جنھن کان پوءِ جمعيت علماء سنڌ آھي، جماعتون آهن انھن ۾ لفظ اسلام نه آهي، ذوالفقار حيدر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ملان! سنڌ جي صوفين جو نه مالڪ ٿي نه انھن کي غلط رنگ ۾ پيش ڪر، ڀٽائي ڏياري ۽ بيدل ھولي کي ڳايو، سنڌي بزرگن جا خاص مريد ھندو ھئا، دليپ رتناڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته  ڳاڙهو جهنڊو هٿن ۾ ڳلن تي هوليءَ جو رنگ ڇا ته سيڪيولر ۽ روادار سنڌ جو نقشو چٽيل آهي، هولي سنڌو تهذيب  جو قومي تهوار آهي، سنڌ جا اصل مالڪ اسان آهيون، اوهان اچي قبضو ڪيو آهي، اوهان ته مندرن مان هزارين مڻ سون به چوري ڪري ويا آهيو،اهو به واپس وٺبو ، پر اسان ڪمزور آهيون ڪڇون نٿا اها ٻي ڳالهه آهي. ڀڳوان داس ڪوهستان ۽ شبير پياڪ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته عرب سڳورن به پنهنجي ڌرتي تي ھولي جو ڏينهن ملھايو. ڪنهن به ڪو اعتراص نه ڪيو. دبئي، عمان، مسقط، ابوظهبي ۾ عرب شيخن هندن سان گڏجي هولي جون خوشيون ملهايون، پاڻ کي رنگ هنيو، مذهبي رواداري ۽ اعليٰ انسانيت جا قدر ڏسي سگهجن ٿا، انتھاپسندي معاشري لاءِ زھر آهي. پنهنجي نسل کي انهيَ زھر سان نه ماريو. ولهار خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جيڪڏھن مذھبي جنونيت خراب آھي، ته پاڪستاني لبرلزم وري ڪھڙو چڱو آھي؟ اھو به ته موقعي پرستاڻو ۽ بيھودو آھي!! برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪئي ته هو جڏهن گهوٽڪي جي مندر ۾ آيو ته اسان سمجهيوسين ته بهتر آهي پر اهو به هڪ پبلسٽي اسٽنٽ هئو. ملان راشد چوي ٿو ته جنهن کي هولي ملهائڻي آهي اهو دهلي وڃي سنڌ باب الاسلام آهي، اسان چئون ٿا ته جنهن کي به فتنو ۽ فساد ڪرڻو آهي اهو ڪابل ۽ قنڌار وڃي سنڌ صوفين جي سرزمين آهي. هنن ۾ دم آهي ته دبئي ابو ظهبي بحرين قطر ۽ جدي ۾ هولي ملهائڻ جي مخالفت ڪري ڏيکارين. هي چوي ٿو ته سنڌي قومپرست سنڌ يونيورسٽي ۾ سيرت النبي ص پروگرام جي مخالفت ڪن ٿا، پر هي مذهب جي آڙ ۾ ماڻهو پيو ڀڙڪائي، سنڌ ۾ ڪنهن به سيرت النبي صه ملهائڻ جي مخالفت ناهي ڪئي، سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ ميلاد ۽ مجلس ٿينديون رهيون آهن پر ڪنهن به قومپرست مخالفت نه ڪئي آهي. مذهب جي چادر ويڙهي سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نفرت پکيڙي ويندي ته مخالفت ڪنداسين، باقي شاگرد پاڻ گڏجي ميلاد مجلس هولي ڏياري ڪن ٿا ته ڪنهن کي به ڪو اعتراض ڪونهي. جنهن تي نظر پياسي لکيو ته ھولي ھڪ تھوار آھي ھندو مذھب وارا ملھائيندا آھن. جيئن مسلمان عيد ملھائن ٿا. تاريخ گواھ آھي ته سنڌ م عيد ھجي يا ھولي ھندو مسلمان گڏجي ملھائيندا ھئا ۽ ھڪ ٻئي جي غم خوشيءَ ۾ پڻ شريڪ ٿيندا ھئا. ھاڻي ھي فتني بازي ڇو؟ اھڙيون نفرتون ڇو ٿيون پيدا ڪيون وڃن سنڌ ۾. عبدالستار پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راشد محمود صحيح ته چيو آهي اگر سنڌ يونيورسٽي ۾ هندو هولي ملهائي سگهن ٿا ته اسان نبي ڪريم ﷺ جي سيرت ۾ ڪانفرنس ڇو نٿا ڪري سگهون؟ پريم سوني پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته راشد سومري کي ٻڌايو ته ، سنڌ هر سنڌي جي آهي چاهي اهو هندو سنڌي هجي يا مسلمان سنڌي، اگر سنڌ ۾ مسلمان عيدون ملهائي سگهن ٿا ته هندو هولي به ملهائي سگهن ٿا.!! شاهنواز خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪئي ته پهرين ڳالھه ته جتي ڪٿي اهو هندو هندو واري راڳ بند ٿيڻ گهرجي ڇو جو سنڌ جيتري ماڻڪ، ڏاڙهون، مالڪ ڏني جي آهي ايتري پرڀو، شنڪر ۽ چندر جي به آهي، مذهب ماڻهن جو ذاتي مامرو آهي پر قومي تشخص اجتماعي مامرو آهي ٻئين ڳالهه ته اوهان تقرير ۾ چيو ته يونيورسٽين ۾ سيرت النبي صه پروگرام جي مخالفت ۽ هولي جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي، علامه صاحب ڪنهن به مذهبي پروگرام جي مخالفت مذهبي بنياد تي نه پر ان جي پٺيان لڪيل ايجنڊا آڌار تي ٿيندي آهي، سنڌ جا ماڻهو ته پنهنجي نياڻين کي به قرآن جي ڇانو ۾ رخصت ڪندا آهن ۽ قرآن شريف کي به مٺو ڪري سڏيندا آهن، سنڌ ۾ ته حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي  احترام م مٺو محمد صه اچاري ٻئي هٿ اکين ۽ چپن تي رکبو آهي.. ڪو به ديني پروگرام جي مخالفت ناهي ڪندو پر ان مائنڊ سيٽ جي ڪندو آهي جيڪو سنڌ کي پرتشدد ۽ انتهاپسند بڻائڻ چاهي ٿو، اوهين ڇا ٿا چاهيو ته سنڌ جا ماڻهو انهن پويان لڳي پنهنجا ٻچا ڪهائين جن افغان جنگ ۾ هزارين نوجوانن کي ڊالرن عيوض ويڙهه ڏانهن ڌڪيو، سنڌ ۾ ٿيل هوليون، ڏياريون، عيدون پاڪستان خلاف پروپيگنڊا ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهن پر اوهين انهن جي مخالفت ڪري بين الاقوامي سطح تي پاڪستان جو ڪهڙو تاثر ڏيڻ چاهيو ٿا، مذهب جي مقدس نالي ۾ سنڌ کي يرغمال بڻائڻ وارين سازشن کي سنڌ واسي چڱي ريت سمجهن ٿا….حاجن ڪلهوڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته “هولي دراوڙن جو تهوار آهي.” دراوڙ سنڌو ماٿر جي سيڪيولر تهذيب جا اڏيندڙ آهن. موئن جي دڙي مان ناچڻي جي مورتي ملي آهي، هن سمبارا ايئن رقص ڪيو ٿي، جيئن اڄ دراوڙ هولي تي ڪن ٿا: نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪئي ته جنهنکي سنڌ ۾ هولي جا رنگ نٿا وڻن… اهو ڀلي افغانستان لڏي وڃي باقي سنڌ ته پنهنجي محبتن جا رنگ نه ڇڏيندي…محبتن جي ڌرتي ڌڻين ۾ نفرتون ڦهلائي وري پڇو ٿا سنڌي اسانکي ووٽ ڇو نٿا ڏين….. جميل احمد، ايم عارف گبول، نور احمد پنهور، اربيلو مڱريو، صلاح الدين پتافي، عبدالغني سولنگي ۽ ٻين پوسٽون شيئر ڪندي لکيو ته راشد محمود جي بيان جي حمايت ۾ پوسٽون شيئر ڪيون.