اشو آف دي ڊي نئون وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ سوشل ميڊيا تي تبصراحريم شاهه، مولانا اسد کهڙو، ممتاز مولائي يا وينا ملڪ کي وزيراعظم بڻايو

0
488
اشو آف دي ڊي نئون وزيراعظم ڪير ٿيندو؟ سوشل ميڊيا تي تبصراحريم شاهه، مولانا اسد کهڙو، ممتاز مولائي يا وينا ملڪ کي وزيراعظم بڻايو

 سوشل ميڊيا تي اهو سوال ڪيو پيو وڃي ته عوام ايندڙ وزيراعظم ڪنهن کي ڏسڻ چاهي ٿو جنهن ۾ مختلف نالا تجويز ڪيا پيا وڃن، ان سلسلي ۾ جاويد علي پلهه به پوسٽ شيئر ڪئي ته پاڪستان جو نئون وزير اعظم ڪنھن کي ڏسڻ چاھيو ٿا پنهجي راءِ ڏيندا، جنهن ۾ اڪثر ماڻهن بلاول جي حق ۾ راءِ جو اظهار ڪيو، ان بعد عمران خان، نواز شريف، شهباز شريف، فضل الرحمان، جونيئر ذوالفقار، فاطمه ڀٽو، قائم علي شاهه، اياز لطيف پليجو، سعد رضوي جا نالا ڏنا ويا جڏهن ته حريم شاهه، مولانا اسد الله کهڙو، ممتاز مولائي، وينا ملڪ جا نالا به ورتا ويا، ڪيترن ماڻهن پاڻ لکيو ته مون کي وزيراعظم بڻايو، گلزار پلهه، ڪامران کوسو، محمد نواز ملڪ، الهڏنو هنڱورجو، جبار کوسو، ايم ايس جان، خالد حسين ڪالادي،مولاداد گبول، مير رفيق جمالي، خان سنڌي، موسيٰ جان، ظفر علي، زاهد سولنگي، عبدالرحمان جمالي، سترام ڪمار،اسلم جمالي، گل حسن بروهي، ايم شاهد، علي مراد کوسو، لکيو ته بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻجڻ گهرجي. طاهر مسعود، سرفراز حيدر، معين جاني جوڻيجو، اختر رند، اظهر چانڊيو، بشير لنجو، عبدالجبار ڳنواس، غلام شبير، شهداد خان، وارث بلوچ، قادر بخش ڀنڀرو لکيو ته عمران خان کي ٻيهر وزيراعظم ٿيڻ گهرجي باقي سڀ ڪرپٽ آهن.

منير ڀٽو، ولي گبول،. نور احمد گبول، جواد لغاري لکيو ته مولانا فضل الرحمان کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي، شمس نظاماڻي، حفيظ پيرزادو، حميد سوهو، ،شبير ويسر، علي محمد کوسو، معشوق بروهي، علي مصطفيٰ جمالي لکيو ته نواز شريف يا وري نواز ليگ مان وزيراعظم اچڻ گهرجي. لکمير کوسو، علي رضا، ڀاڳو مل ميگهواڙ، قدير سولنگي، لکيو ته جونئير ذوالفقار ڀٽو يا فاطمه ڀٽو کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي غلام مصطفيٰ کوکر به سروي ۾ حصو ورتو، اعجاز علي بلوچ لکيو ته باراڪ اوبام کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي، مرتضيٰ خاصخيلي لکيو ته حريم شاهه کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي، علي گل ، علي حسن پنهور لکيو ته قائم علي شاهه کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي، باغي ذيشان لکيو ته مولانا اسدالله کھڙو کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي، مالهي شنڪر سنڌي لکيو ته ممتاز مولائي کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي، ڪامريڊ سعيد سنڌي لکيو ته وينا ملڪ کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي،محسن رضا، ايم بي ، بابو مجيد جمالي لکيو ته مون کي وزيراعظم بڻايو وڃي، ايم بخش پنهار لکيو ته صدارتي نظام اچڻ گهرجي،

حڪيم راڄپر لکيو ته ھڪ مسلمان کي جنھن کي دين ايمان جي خبر ھجي انسانن جي فڪر ھجي موت جو ڊپ ھجي الله پاڪ کان ڊڄڻ وارو ھجي دين محمد صلي الله عليه وآله وسلم جي سنت تي ھلڻ وارو ھجي اهو وزيراعظم ٿيڻ گهرجي، ڪي ڊي چانڊيو لکيو ته وزير اعظم ڪير به ٿئي مگر فيصلا ڪنھن ٻئي جا ھوندا، وزير اعظم چينج ٿيڻ سان ڪوبه فرق نه پوندو جيستائين نظام نه مٽجي، اگر وزير اعظم جون پاليسيون ھلن ته ان تي بحث ڪجي وزير اعظم ڪير به ھجي مگر پاليسي ميڪر اھي ئي ھوندا ته چھرو مٽ ٿيڻ سان ڪھڙو فرق پوندو، يا توھان جي سوچ مطابق وزير اعظم پاڪستان جون پاليسيون ٺاھيندا آھن؟ ايم شريف بروهي لکيو ته ڪونه ڪو سچو انسان جيڪو جيڪو ملڪ کي ترقي ۽ عوام کي رليف ڏئي. شاڪر چاڪي لکيو ته جهڙا اسان جا اعمال هوندا اهڙا ئي حڪمران مسلط ٿيندا، عاشق راڄپر لکيو ته ڪنهن به ڪرپٽ حڪمران کي نٿا ڏسڻ چاهيون ٽري وڃن منهنجي اکين جي اڳيان، امير بخش وگهيو لکيو ته سڀ ڊرامي باز آھن،عوام لاءِ ڪير ناھي، ڪرم الله عباسي لکيو ته سڀ سياستدان آهن ڪنهن جي به محبت ڪونهي،ياسين بڙدي لکيو ته ڪير به سنڌ جو سڄڻ ڪونهي بس پنهنجي مفاد لاءِ آهن. علي عابد لکيو ته ھڪ مسلمان کي جنھن کي دين ايمان جي خبر ھجي.

امان انصاري لکيو ته هتي حڪمراني ڪندڙ عوام جا دشمن رهيا آهن،خوشحال سنڌي لکيو ته جيڪو ڪرپٽ نه هجي، فقير ايف امداد علي لکيو ته فضول پوسٽ ۽ فضول ڪمينٽ آھن سڀ وڏا سياسي ليڊر وڏا صحافي وڏا تجزئي نگار ٿي ويا آھن اڄ ھر ڪو پاڻ کي وڏو سياڻو ۽ ٻئي کي بيوقوف ٿو سمجھي اسان ويٺا رنگ ڏسون ۽ ٻڌون ماڻھو پنھنجا ۽ پنھنجن جا خود پاڻ دشمن ٿيو ويٺا آھن ته پراوا وري ڪھڙا سڄڻ ٿيندا، علي حسن لکيو ته نئين وزيراعظم سان سنڌ جو ڇا وڃي،سانول گوپانگ لکيو ته ڪو به فرق نه پوندو ڇو جو جيڪو ايندو اهو سليڪٽڊ هوندو ان وٽ ڪو به اختيار نه هوندو، سنجر خان کوسو لکيو ته پاڪستان کي وزير اعظم کان بس آهي سڀني حڪمرانن ڪهڙيون پڳون ٻڌرايون آهن، نثار الاهيون لکيو ته سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ ظالم آھن ڪير به اچي فرق نٿو پوي، رجب ٽانگڙي لکيو ته سچو ايماندار هجي،

نعيم خان لکيو ته ڪير به هجي اسان ڪمائي کائينداسين، خادم حسين ٻرڙو لکيو ته جنھن ملڪ۾ عوام جي عزت نه ھجي ان ملڪ۾ وزير اعظم ھجڻ يا نه ھجڻ جو ڪوبه فرق نٿو پوي، سليم رضا خاصخيلي لکيو ته جيڪو به ٿئي فرق نٿو پوي، غلام سرور پيرزادو لکيو ته ھن ملڪ جي عوام تاريخ ۾ ڪڏھن ھتي وزيراعظم ته ٺھيو پر ايم پي اي ئي ڪونه چونڊيو آهي ھتي عوامي ووٽ جو يا راءِ جو ڪو به احترام نه ھوندو آھي، سڪندر جان عباسي لکيو ته هر ڪو پنهنجو گهر ڀريندو، ظفر شير لکيو ته ڪنهن پورهيت هاري مزدور جي پٽ کي وزيراعظم ٿيڻ گهرجي،عبدالسميع، جاويد علي شر، جي ڪي مشوري، پپو سومرو، عمران نواب ڏاهاڻي،رضوان علي، مصطفيٰ عباسي، غلام حسين ڪنڀر، شوڪت علي ڪورائي،سبحان سمون، وقار، مير مرتضيٰ منڌرو، سيد محمود شاهه، صالح ڪوريجو، آبن علي، لياقت علي گبول، عابد علي ڪالرو، اريس احمد ملاح، جميل جمالي، عبدالصمد جمالي، سرائي غلام نبي خاصخيلي، عطاءُالرحمان، مير مگسي، انور علي ڊومڪي،عاقب جمالي، مير خان،امام بخش راڄپر، نواب علي بروهي، رياض حسين انڙ، لال مهر،  عبدالنبي کهاوڙ، رزاق علي، محمد رفيق، ممتاز قادري، غوث علي، نظير احمد، ذوالفقار ٽانوري، وقار ڇٽو به راءِ جو اظهار ڪيو.