اشو آف دي ڊي….معصوم جانور جو ڪھڙو ڏوهه…ڪوڪون ٻڌي جيءُ جھري پيو اٺ جي ڄنگهه ڪپڻ واري واقعي تي شديد ردعمل، ذميوارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو

0
16

 سانگهڙ ۾ اٺ جي ڄنگهه ڪپڻ واري واقعي تي سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، الزام هيٺ آيل وڏيري ۽ ٻين جوابدارن کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ عبدالقدير ميمڻ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سانگهڙ، سنڌ، پاڪستان ، منگلي ٿاڻي جي حد ۾ ظالم زميندار جو ڪيل ظلم، اٺ زمين ۾ پوڻ تي اٺ جي ڄنگهه ڪٽي ڇڏي، ڇا سنڌ ۾ جانورن سان ظلم ڪندڙن لاءِ ڪا سزا ناهي؟ ڇا انهيءَ ظالم وڏيري جون حڪومت ٻئي ڄنگهون نٿي ڪٽي سگهي!؟ آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اٺ جي ڄنگهه ڪٽيندڙ ظالم وڏيري کي گرفتار ڪيو وڃي، جي ايم ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھڪ فوٽو حادثي ۾ معذور ٿيندڙ ڪتي جو آهي، جنهن کي گهمائڻ لاءِ ڦيتا لڳايا ويا آهن. ٻيو فوٽو هڪ اٺ جو آهي، جنهن کي فصل ۾ گهڙڻ تان ڪهاڙي جا وار ڪري ڄنگهه وڌي وئي آهي، سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته معصوم جانور جو ڪھڙو ڏوھه، ان جون ڪوڪون ٻڌي اسان جو ته جي ئي جھري پيو آھي، ايڏي تڪليف مان پيو گذري ھڪ وحشي انسان جي ڪري. جنهن تي حبيب چانڊيو لکيو ته افسوس صد افسوس، منظور علي بروهي لکيو ته جنهن وڏيري بي زبان اُٺ جي ٽَنگ ڪٽي آهي ان وڏيري کي گرفتار ڪري ان جي به ٽَنگ ڪٽي وڃي، رزاق ڪلادي لکيو ته ايس ايس پي سانگھڙ کي فوري طور ظالم کي گرفتار ڪري بي زبان جانور سان تڪڙو انصاف ڪيو وڃي ڄنگھه بدلي ڄنگھه ڪٽي وڃي، عمر بلوچ لکيو ته مسلمان سڏائي وري هن جانور سان ايڏو ظلم ياد رکجو اهي اٺ ڪنهن دور ۾ نبي پاڪ جي سواري هوندا هيا، علي چانڊيو لکيو ته اُٺ جي ٽنگ ڪپڻ وارو به پاڻ کي مُڙس ماڻھو سڏرائيندو ھُوندو اڙي ٻُڏي نٿو مرين، اين بي کوسو لکيو ته اھو سڀ ڪجھه بيڊ گورنس جي ڪري ئي ٿي رھيو آھي، ڪامريڊ وقار گوپانگ لکيو ته انسان جو فڪر ڪريو، حميد پنهور لکيو ته انکي ذبح ڪري ڇڏڻ گھرجي، ان ساسي کي وڌيڪ اذيت کان بچائڻ گهرجي، باغي ڪي ايم تنيو لکيو ته بلڪل وڏي تڪليف ۾ آھي اٺ، اٺ جي مالڪ کي گھرجي ته فورن اٺ کي حلال ڪري، عبدالرشيد درس لکيو ته افسوس، انور علي سنڌي لکيو ته وڏيري خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، محمد عالم مغل جانور سان اهو بلڪل غير انساني رويو آهي، خليل احمد بوهڙ لکيو ته اُٺ جو مالڪ به صفا ڪو بيرحم آ، ڀٽاري کي حلال ڪري وڌيڪ تڪليف کان ته آجو ڪريس، جاويد احمد سولنگي لکيو ته بس هي دور ظالم رهزن جو پيو هلي خدا ان ظالم جون ننڊون ڦٽائينديون،  دودو چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هونئن ته صحافتي سفر ۾ ڪيترا ئي بم ڌماڪا اکين سان ڏٺا، انسانن جا جسم ٽڪرا ٽڪرا ٿيندي هوائن ۾ اڏرندي ڏٺا پر اڄ اٺ جي وڍيل ٽنگ واري تصوير روئاري وڌو، جنهن تي رخسانه پريت لکيو ته ان اٺ جو علاج ڪرايو وڃي، مصنوعي ڄنگهه لڳرائڻ گھرجي، شهناز راهو، وفا عمران علي، فروا ناز، اريج ممتاز، نور بلوچ، نسرين ميمڻ، تهمينه مفتي، امر خورشيد شاهه افسوس جو اظهار ڪيو، ذڪيه چنا لکيو ته اٌٺَ جون دانهون ٻڌي دل جهري پئي،آسماني عذاب هروڀرو ته قومن تي ناھن ايندا. ھي قوم هاڻي الله کي ايلاز پئي ڪري ته عذاب ڏي. اياز کوسو به ان حوالي سان پوسٽ شيئر ڪئي، مصطفيٰ اياز مهيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته منڍ جمڙائو ۾  وڏيري غلام رسول شر اٺ جي ڄنگهه ڪٽي آهي بدلي ۾ ان جي ڄنگهه کي ڪٽيو ته کيس وزن جي خبر پوي، جنهن تي امان الله شر لکيو ته سوشل ميڊيا تي بنا ثبوت جي اهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون آهن، ثبوت آهي ته ڏيو، ريحان اسماعيل ڪنڀر  لکيو ته پاڪستان جو اينيمل ويلفيئر ايڪٽ 2018 هڪ وفاقي قانون آهي جنهن جو مقصد جانورن کي ظلم، غفلت ۽ بدسلوڪي کان بچائڻ آهي. اهو جانورن جي ڀلائي کي بهتر بڻائڻ ۽ جانورن جي شفقت ۽ احترام جي ثقافت کي فروغ ڏيڻ لاءِ لاڳو ڪيو ويو.

ايڪٽ جون اهم خصوصيتون هي آهن:

  1. جانورن جي ڀلائي ۽ ظلم جي تعريف
  2. جانورن جي ظلم، غفلت ۽ بدسلوڪي جي منع
  3. هڪ اينيمل ويلفيئر اٿارٽي جو قيام عمل جي نگراني ڪرڻ لاءِ
  4. جانورن جي تجربن ۽ تحقيق جو ضابطو
  5. ڪم ڪندڙ جانورن جي حفاظت، جهڙوڪ گھوڙا ۽ گڏهه
  6. زو، جهنگلي جيوت، ۽ ڌارين جانورن جو ضابطو
  7. جانورن جي بچاءُ، بحاليءَ ۽ بحاليءَ جو بندوبست.
  8. جانورن تي ظلم جي سزا، جن ۾ ڏنڊ ۽ قيد شامل آهن

اهو قانون سڀني جانورن تي لاڳو ٿئي ٿو، بشمول ساٿي جانور، فارم جانور، ڪم ڪندڙ جانور ۽ جهنگلي جانور. اهو پاڪستان ۾ جانورن جي ڀلائي لاءِ هڪ اهم قدم آهي، ۽ ان جو اثرائتو عمل هڪ وڌيڪ رحمدل سماج ٺاهڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. محمد عمر چانڊيو، اصغر جمالي، ڀورا لال مالهي، عمر ڪنڀر، منير ساگر، سليم مهيري ۽ ٻين افسوس جو اظهار ڪيو. غازي جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بي زبان اٺ جي ڄنگهه ڪٽيندڙ جو وڍڻ ته نڪ گهرجي پر قانون ان جي اجازت نٿو ڏئي، اٺ سان اهڙو ظلم ڪندڙ وڏيري کي پوليس اڃا تائين ظاهر ناهي ڪيو ان هوندي به ان ڏوهه ۾ سندس ساٿ ڏيندڙن کي لاڪ اپ ۾ ڏسي دل کي ڪجهه تسڪين اچي پئي. جنهن تي پير بخش شر لکيو ته قبلا اصل جوابدار اھي آھن صحافي ذاتي بدلو وٺڻ لاءِ ھڪ معزز ڪوڙو بيان ڏنو مالڪ به ان کي جوابدار ڪيون ويٺا آھن