اشو آف دي ڊي عرب شڪارين جي وڊيو ٺاهيندڙ نوجوان جي قتل تي سوشل ميڊيا تي ردعمل: قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

0
137
اشو آف دي ڊي عرب شڪارين جي وڊيو ٺاهيندڙ نوجوان جي قتل تي سوشل ميڊيا تي ردعمل: قاتل گرفتار ڪرڻ جو مطالبو

نوجوان ناظم جوکيو جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو.ان سلسلي ۾ نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪوهستان ۾ ڪو ڪلور ٿيو آهي،هاڻي عرب شڪاري به اسان ڌرتي ڌڻين جا ٻچا مارائيندا، عرب شڪارين جي قافلي واري گاڏي کي روڪي سندن وڊيو ريڪارڊ ڪندڙ سنڌي  نوجوان ناظم جوکيو قتل ٿي ويو.

ڪنهن در ڏجي دانهنڙي، جنهن تي نظر پياسي لکيو ته اهو ڏينهن ڏٺي ظلم آهي، مرتضيٰ سيال لکيو ته سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، شبير احمد لکيو ته پڪ اٿم تہ ھيءَ قرباني رائيگان نه ويندي. شعيب مگسي ليکو ته هي ته واقعي ڪلور آهي، هن سنڌ جو ماتم ڪٿي ڪجي، منظور اڄڻ لکيو ته ان واقعي جي مذمت ڪجي ٿي، قاسم ڪيهر لکيو ته هاڻي اهي مسئلا صرف دانهن ڪرڻ سان حل نه ٿيندا.

ڳوٺن جي ماڻهن کي به اک پٽڻ گهرجي. رشيد ميمڻ لکيو ته تمام افسوسناڪ واقعو.. جوابدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي. فرمان علي ستاري صوفي لکيو ته جيترو افسوس ڪجي گهٽ آهي، مل گنگو لکيو ته نوجوان جي قتل ۾ ملوث عرب شڪارين ۽ ڀوتار کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، ونود ولاسائي، شوڪت لوهار، واقعي جي مذمت ڪئي، سليم ڪلهوڙو لکيو ته سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن توري تحفظ ڏيندڙن ادارن کي گهرجي ته نوجوان جي وارثن سان انصاف ڪن، جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي جيڪي چند ڏوڪڙن عيوض شڪار جي سري عام اجازت ڏين ٿا.

عالم پالاري، سڪندر بڙدي، حاجي خان، ونود ڪمار جئپال، منير ڪانڌڙو به واقعي جي مذمت ڪئي، ساحل سڪندر لکيو ته هن ظلم جي جيتري مزمت ڪجي گهٽ آهي ، سنڌ جي سياسي سماجي ڌرين کي اپيل ٿي ڪجي ته هن ناحق قتل خلاف گڏيل طور تي آواز اٿارين ، بيگناهه قتل ٿيل نوجوان جي درندن قاتلن کي گرفتار ڪرايو وڃي، ضمير ڪوريجو لکيو ته ڇا سعودي عرب ۾ پاڪستاني اھڙي بدمعاشي ڪري سگھن ٿا ؟ نوجوان جي قاتلن ۽ سندن رکوالي ڪندڙن کي گرفتار ڪري پاڪستاني قانون موجب موت جي سزا ڏني وڃي،

رئوف جمالي لکيو ته هاڻ سنڌي ماڻهو سجاڳ ٿين، شاهد سمون لکيو ته عرب شهزادن جي لائيو وڊيو هلائڻ تي نوجوان کي قتل ڪيو ويو، لالا ظهور لکيو ته الله سائين هن مظلوم سان انصاف ڪندو، امام علي ڏيٿو لکيو ته آءِ جي سنڌ کي هن معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺڻ گهرجي. آڪاش ملاح پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عرب شڪارين جي وڊيو ڀريندڙ نوجوان ناظم جوکيو  ڀوتارن ھٿان قتل، قاتل گرفتار ڪيا وڃن. تشڪيل سنديلو، اياز ٻرڙو، محمد خان شيخ به قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، برڪت جمالي لکيو ته سنڌ ڪنهن جي پيءُ جي جاگير ناهي، عربن کي سنڌ ۾ شڪار لاءِ دعوتون ڏئي ڀوتار گهرائن ٿا سڀ سهولتون ڏين ٿا،

رضوان عباسي لکيو ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي.جاويد هاليپوٽو لکيو ته واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي، ان ڪڌي عمل ۾ ڀوتار ملوث آهن، منير علي، حميد خان پالاري، لياقت ميربحر، مشتاق ميراڻي، ايڊووڪيٽ نواب خان بڙدي به قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ۽ واقعي جي مذمت ڪئي.شبير احمد لکيو ته عرب شهزادن لاءِ شڪار جو ڀوتارن وارو ڪاروبار بند ٿيڻ گهرجي، اسان ڪوهستان ٺٽو واسي هاڻي انهن جي ظلم مان تنگ اچي چڪا آهيون،

محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنگشاهي جي ڪوهستاني علائقي ڪارو جبل ڀرسان هڪ ناظم جوکيو بيدردي سان قتل ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، نوجوان جي بيرحماڻي قتل ۽ لاش نه ڏيڻ خلاف وارثن ڌاٻيجي ۾ احتجاج مظاهرو ڪري  قومي شاهراھ تي ڌرڻو هنيو، وارثن جو چوڻ آهي ته اسان جي نوجوان ناظم جوکيو گذريل ڏينهن ڪوهستان ۾ شڪار ڪندڙ عرب شھزادن جي موبائيل تي لائيو وڍيو ٺاهي هئي جنهن کانپوءِ کيس ڌمڪيون ڏنيون ويون،رات دير سان نوجوان ناظم جوکيو کي زبردستي کڻائي ڪارو جبل ڀرسان بااثر سياسي شخصيت جي اوطاق تي پهچايو ويو جتي کيس تشدد ڪري گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، لاش به نٿو ڏنو وڃي.