اشو آف دي ڊي … سنڌي ادبي سنگت ۾ عورت جي الڳ شاخ هجڻ گهرجي يا نه؟ ان تي سوشل ميڊيا تي بحث

0
15

 سنڌي ادبي سنگت ۾ عورت جي الڳ شاخ هجڻ گهرجي يا نه؟ ان تي سوشل ميڊيا تي بحث هلي رهيو آهي، ان حوالي سان شانل کوسو  پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ مسئلي کي ڪافي ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي ڏسان پئي جنهن جي حمايت ۽ مخالفت ۾ تمام گهڻو بحث ٿئي پيو .سنڌي ادبي سنگت ۾ عورتن لاءِ الڳ شاخ کولڻ لاءِ مختلف شهرن ۾ گڏجاڻيون ٿين پيون! سوشل ميڊيا تي بحث ڏسي هن ننڍڙي ذهن ۾ هڪ سوال پيدا ٿئي پيو ته ڇا عورتن لاءِ الڳ شاخ کولڻ ضروري هو يا موجوده شاخ جي اندر رهي ڪري عورتن جي لاءِ اسپيس قائم ڪرڻ ضروري آهي؟ ان ئي گڏيل ادبي شاخ ۾ رهي ڪري پنهنجي لاءِ ويڙھه وڙهي اصل مقام نه وٺجي؟ منهنجي خيال ۾ جيڪي به الڳ شاخ کولڻ ۾ انٽيليڪچوئل ڀينرون/منهنجون ساٿياڻيون حامي ڀرين ٿيون، يا شامل ٿين ٿيون انهن بهادري سان هن سماج سان ويڙھه وڙهي لکڻ سان گڏوگڏ پنهنجي شناخت پڻ جوڙي آهي، جنهن جي لاءِ انهن سماج سان جنگ جوٽي ۽ جنسي متڀيد واري رويي جي فرق کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيتريون تهمتون کنيون اڳيان آيون ته پوءِ ڇا هينئر هڪ ئي شاخ ۾ رهي ڪري ساڳي جدوجهد ڪري اهو مقام حاصل نٿو ڪري سگهجي؟اتي رهي ڪري مضبوط حيثيت سان گڏجي ڪم نٿو ڪري سگهجي؟ هڪ طرف اسين برابري جي ڳالھه ڪيون ٿا ٻئي طرف الڳ شاخ لاءِ وکون کڻون پيا ته منهنجي خيال ۾ پوءِ اسين شايد وري واپسي واري دور ڏانهن سفر ڪرڻ جي تياري نٿا ڪيون؟ ڇا بنا ڪنهن جنسي فرق جي سڀني کي گڏجي سنڌي ادبي سنگت ، سنڌي ٻولي ۽ خاص ڪري نون لکندڙ نوجوان ليکڪ عورتن / مردن کي همٿائڻ لاءِ بهتر ماحول جوڙڻ لاءِ ڪم نه ڪرڻ گهرجي؟ جنهن تي سينگار نوناري لکيو ته متفق، امر سنڌو سينگاري نوناري کي مينشن ڪندي لکيو ته توھان عورتن لاءِ وومين ڏيموڪريٽڪ فورم ڇو ٺاھيو…ان تي اھي ساڳيا اعتراض ڇو لاڳو نٿا ٿي سگھن؟؟ شڪيل ڇڄڙو لکيو ته صلاح سٺي آھي، ايڊووڪيٽ عنايت کوسو لکيو ته عورت کان سواءِ تبديلي ممڪن ئي ڪانهي، خالده منير لکيو ته مون ٻڌائڻ جي ضرورت ڪونهي، ھر سياسي سماجي تنظيمن ۾ عورتن جي الڳ ونگ آهي رڳو ادبي سنگت ۾ نه هجي، بشير آچو اياز لکيو ته توهان جي تجويز بھترين آھي مگر اها تجربي جي بنياد تي نه آھي، اگر توهان ڪنھن شاخ سان سلهاڙيل هجو هان اتان  جي ماحول روين ۽گهرجن کان باخبر هوندي اها  ڳالھه چئو هان ته وڌيڪ برجستي هجي هان توڻي جو توهان جا دليل بھترين وزنائتا آھن، هت اسان اڃان تائين بيھودي سوچ وارن ماڻھن آجا ٿي نه سگهيا آھيون،انھي ڪري ماحول الڳ رهڻ بھتر آهي پر جتي ماحول سٺو آھي اتي گڏجي هلجي ڪا خرابي ناهي پر اڃان تائين توهان باضابطا طور اسان کان ۽اسان جي ادبي هفتيوار پروگرامن کان پري آھيو، جان بروهي به راءِ جو اظهار ڪيو، خان غفار خان لکيو ته اصولي طور توهان جي ڳالهه درست آهي پر ٽيڪٽس جي طور تي الڳ شاخ ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته کوڙ اهڙيون عورتون هونديون جيڪي گڏيل تنظيم ۾ اچڻ بدران عورتن جي تنظيم ۾ شامل ٿيڻ کي وڌيڪ ترجيح به ڏينديون ته پاڻ کي محفوظ به سمجهنديون. ٻيو ته بغير وڌاءَ جي ڳالهه ڪجي ته 90 سيڪڙو کان وڌيڪ اديب اوهان کي اهڙا ملندا جيڪي پختي سياسي ادبي سوچ رکندڙ عورتن کي هراس ڪرڻ کان وٺي سنگت کان ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪندا اتي جيڪڏهن سيکڙاٽ ادڙيون آيون ته انهن سان ڪهڙو حشر ڪندا اهو عورت دشمن سماج ۾ رهندي ۽ سياست ڪندي اوهان کي اندازو هجي گهرجي. انهيءَ ڪري گهٽ ۾ گهٽ پهرين مرحلي ۾ عورتن لاءِ الڳ شاخ ٺهي ٿي ته ڀليڪار ڪرڻ گهرجي. ناجي چنا به راءِ جو اظهار ڪيو، غوث پيرزادو لکيو ته خان غفار خان توهان ته انهن روايتي مردن وانگر سوچي رهيا آهيو جن کي هر عورت گهر کان ٻاهر غير محفوظ لڳندي آهي ته متان کيس جنسي طور حراسان نه ڪيو وڃي، لاکو صابر لکيو ته اهو پاسو به آهي بحث ٿيڻ گهرجي، حاڪم منگي لکيو ته صحتمند بحث آهي، نجم مگسي لکيو ته الڳ شاخ قائم ڪرڻ دقيانوسي خيالن جي عڪاس آهي. اگر عورت کي الڳ ڪرڻ ايترو ئي ضروري آهي ته گھرن ۾ عورتن سان گڏ ڇو ٿا رھن، مقابلي جو ماحول تڏهن جڙي سگهي ٿو جڏهن ھڪ ئي پليٽ فارم تي ڪم ڪجي. بلال خان چاچڙ، سائقه مڱڻهار، زين عبدالله، گلاب خان انڙ به راءِ جو اظهار ڪيو.