اشو آف دي ڊي … سمورين عدالتن جون ڪارروايون سڌي ريت نشر ڪرڻ گهرجن، ان سان ڪهڙا فائدا يا نقصان ٿيندا ؟

0
115

  سيد منير حيدر شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻڌڻي لائيو ڏيکاري وئي، ڇا سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ سموريون عدالتي ٻڌڻيون ٽي وي ۽ سوشل ميڊيا (يوٽيوب، فيس بوڪ) تي لائيو ڏيکارڻ گهرجن يا نه؟

                         ان سان ڪهڙا فائدا يا نقصان ٿيندا؟ جنهن تي استاد حبيب رند لکيو ته لائيو ڏيکاريون ته ڪھڙو انقلاب اچي ويو آھي، ماڻھن کان مھانگائي وسري بجلي جا بل وسري ويندا پيٽرول جو اگھه وسري ويندو ماڻھون واھ واھ ۾ لڳي ويندا ۽ ٽيم پنھنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ٻه قدم اڳتي وڌندي کلاڙي پيا کيڏن تماشائي جو ڪم تاڙي تاڙي تاڙي، محمد افضل ميمڻ لکيو ته لانگ ٽرم ۾ فائدو ئي ٿيندو. انھن ججن ۽ وڪيلن جن کي، جن کي قوم جي سامھون وڏا دماغ ۽ اعليٰ ڪردار وارو ڪري پيش ڪيو ويندو آهي انھن جو طرز عمل عوام سامھون ايندو ته هڪ طرف ماڻھن کي اصليت جي خبر پوندي ته ٻي طرف انھن تي بھتر پرفارم ڪرڻ جو ڪجھه پريشر پوندو.، پير ايم آصف شاهه لکيو ته اها روايت جڙي وئي، هاڻي ماتحت عدالتون به لائيو ڏيکاري سگهن ٿيون، عبدالغفار چنا لکيو ته سپريم ڪورٽ ھجي يا پارليامينٽ ھجي. ٿيندو اھو جيڪو………. چاھيندا. باقي لائيو ھلي يا نه، عوام کي ڪجھه فائدو نه آهي.

آفتاب سولنگي لکيو ته لائيو ڏيکارڻ ساڻ فائدا ئي فائدا پوندا، ذوالفقار علي سومرو لکيو ته بلڪل ڏيکارڻ کپن ان سان ججن جي روين ۾ بهتري ايندي انصاف جي حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي عام ماڻهن کي، علي شير ڀٽي لکيو ته فائدا گھڻا آهن ۽ نون وڪيلن کي سکڻ ۾ مدد ملندي. واحد چاچڙ لکيو ته سائين ٻارنھن آنا مسئلا حل ٿي ويندا، سڄي خرابي جو بنيادي ڪارڻ ئي انصاف جي نه ھجڻ ڪري آھي. شهمور گهوٽو لکيو ته لائيو اچڻ گهرجي، عبدالرئوف لکيو ته لائيو انگريزي ۾ ٿا اچن ڄڻ قوم کي ايڏي تعليم ڏني اٿن جو سمجهندا، سورج ڪمار لکيو ته بلڪل فائدو ٿيندو، مريد عباس لکيو ته منهنجي دل جي ڳالهه ڪئي اٿو، عامر امداد لکيو ته بلڪل ڏيکاريون وڃن هي جيڪي نيوز چينل لولي پوپ ڏئي ٿا ڇڏين فيصلو محفوظ ٻيو فائدو هر عام ماڻهو کي کي ڀلي وڪيل نه هجي ايڪٽ آرٽيڪل جو ٿورو شعور ته ايندو بلڪه جي اوهان واري ڳالھه تي فل عمل ٿئي ته ماڻهو سياڻا ۽ جواب ڏيڻ جي لائق ٿي ويندا رڳو ٿا ڪرڪيٽ تي جوا کيڏن،

محمد عمر خاصخيلي لکيو ته حقيقي انصاف لاءِ ڪيمرائن جي ڪھڙي ضرورت تقوا ۽ خوف خدا ھجي بس اسان لاءِ رول ماڊل حضرت عمر بن الخطاب رضه ڪافي آھي پاڪستان جا ڊراما پاڪستان ۾ ته ڇا انڊيا ۾ به ڏاڍا پاپولر آھن اھو تجربو پاڪستان ۾ به ڏاڍو مشھور آهي، ايم اي ابڙو لکيو ته ڪرپشن جو خاتمو ۽ انصاف جي فراهمي ٿيندي، عرفان شيخ لکيو ته ايل ايل بي جي شاگردن لاءِ فائدو آهي ڪارروائي ٻڌي سکندا، حڪيم جروار لکيو ته مسنگ پرسن جي ڪاروائي لائيو ڏيکارين، منصور سومرو لکيو ته لائيو ڪورٽون هلائڻ سان شفاف انصاف کي فروغ ملندو، تاريخ تي تاريخ نه ٿيندي، ڪيس جلدي اڪلائجي ويندا. انصاف جي حصول تڪڙو ٿيندو، ڇو جو هر ڪورٽ پنهنجي ڪارڪردگي سٺي ڏسڻ چاهيندي.

معشوق حسيني لکيو ته بلڪل اھو ڪم سمورين ڪورٽن ۾ ھئڻ گهرجي بلڪه قانون پاس ڪيو وڃي، ذوالفقار علي منگي لکيو ته جيڪي ڪيس پينڊنگ پيا آھن اھم ۽ سلامتي وارا اھي جلدي ڪيس ھلائي متاثرن کي انصاف ڏيارن اھائي انصاف جي خدمت ۽ انصاف پرستي آھي، نويد عباسي لکيو ته  ڪو حرج ناھي انصاف جي ادارن تي ٿيندڙ تنقيد ۽ ججز جو ڪنھن جي ڌر ھجڻ يا ڪنھن جي پريشر ۾ اچڻ واري تاثر جي به خبر پئجي ويندي ۽ فضول ٽڪر يا تجزين مان جان آجي ٿي پوندي، نظير احمد بلوچ لکيو ته گهڻا وڪيل محنت مزدوري ڪندي نظر ايندا، انصاف مجبورن ڏنو ويندو رشوت جي بازار گهٽ ٿيندي، چيڪ اينڊ بيلنس جو نظام مضبوط ٿيندو،عام انسان لاءِ فائدا ئي فائدا آهن،

 الله بخش شورو به ردعمل ڏنو، محمد آصف سومرو لکيو ته ان ٻڌائڻ سان بک بدحاليءَ بدامنيءَ جھالت بيماري لاقانونيت ڦر ڌاڙن اغوا براءِ تاوان قبيلائي جھيڙن جو خاتمو ٿيندؤ ملڪ جو استحصال ڪندڙن ججن جرنيلن بيوروڪريٽن سياستدان جاگيردارن کان ڦر لٽ ٿيل اموال واپس ٿئي قومي خزاني ۾ جمع ٿيندا. مير سيوهاڻي نوحاڻي لکيو ته لائيو ڏيکارن يا نه، بس انصاف ۽ قانوني ادارن کي خودمختيار ڪن، خادم علي لکيو ته  قلم ڪيس تي وڪيلن کي جرح جي خبر ھوندي ۽ جج کي رمارڪس ڇا ڏيڻا آھن جي ڄاڻ ھوندي ت سڌو سنئون هلائيندا، سهيل احمد جاگيراڻي لکيو ته اهو تمام سٺو قدم آهي، سترام داس ڀيل به ردعمل ڏنو، سئم حيدر سنڌي لکيو ته ھڪ ته عوام جو عدليا تي اعتماد وڌندو ۽ گڏوگڏعوام ڪرپٽ سياستدان جي اجائي جھڳي ٻڌڻ بدران سندن مٿان ھلندڙ بدعنوانين جا ڪيس ٻڌي سگھندو، راجپوت درشن لکيو ته خاص ڪري ھيٺين عدالتن جي ڪاروائي لائيو ڏيکاري وڃي جئين ججن جي قابليت ۽ وڪيلن جو ڪمال سڀ جي سامھون اچي ، وڌ ۾ وڌ خرابي به انھن عدالتن ۾ آھي ۽ ماتحت عملي جي ڪرپشن به ھتي گھڻي آھي، علي، مير اختر بلوچ، ڪاشف عباسي، سعيد احمد به راءِ جو اظهار ڪيو.