اشو آف دي ڊي … سمن جو مذهب مٽائي پرڻو ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث : مختلف سوال ۽ تجويزون

0
122
سمن جو مذهب مٽائي پرڻو ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي بحث : مختلف سوال ۽ تجويزون

 ڏيپلي سان تعلق رکندڙ ناري سمن لوهاڻو جو مذهب مٽائي پرڻو ڪرڻ واري معاملي تي سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو، مختلف سوال اٿاريا ويا، اسٽاپ فورسڊ ڪنورزن، سيو مينارٽيز اِن پاڪستان، سيو سنڌي هندو گرلز، اسٽاپ ڪنورزن ٽرينڊ هلايا ويا، ان حوالي سان اياز حسين عباسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سماجيات ۽ نفسيات جا ماهر سمجهائين ته هندو نياڻي مذهب تبديل ڪري نڪاح ان ڇوڪر سان ڪري ٿي، جنهن جي ذات،رواج، کاڌ ۽ رهڻي جي خبر به ناهي. ابي جو اي سي  وارو گھر ڇڏي ڇاپري ۾ ڇو رهندي!؟ ساگر مڪيش پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مذهب تبديل ڪرائي هندو يا ٻين ڇوڪرين کي گهرواري ئي ڇو بڻايو ويندو آهي؟ ڪڏهن ان کي ڀيڻ، ڌيءُ ڇو ناهي بڻايو ويندو، پسند جي شادي مقصود هوندي آهي ته ان لاءِ مذهب تبديل ڪرڻ ڇو ضروري آهي؟ برڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هندو ڇوڪريون مسلمان ڇو ٿيون ٿين؟ هيءُ هڪ سوال بار بار ان وقت ڪر کڻي ٿو جڏهن ڪنهن هندو ڇوڪريءَ جي اغوا ۽ مذهب تبديل ڪري شادي ڪرڻ جون خبرون گردش ڪن ٿيون. جنهن کان پوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ رونشو شروع ٿي وڃي ٿو اهو رونشو تيسيتائين جاري رهي ٿو جيسيتائين ڪا ٻي ڇوڪري اغوا نه ٿئي بس نالي جي تبديليءَ سان وري نئون رونشو شروع ٿي وڃين ٿو. مذهبي ڌريون اهو چون ٿيون ته ڇوڪري اسلام جي تعليمات کان متاثر ٿي ڪلمو پڙهي ايمان آندو آهي. لبرل ڌريون ان پوري عمل کي هڪ اقليت جي مٿان جارحاڻو وار سمجھي زباني ڪلامي نندا ڪن ٿيون. سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ عمل اها خاموشي آهي جيڪا سنڌ جي قومپرست تنظيمن ۽ روشن خيال سماجي ڪارڪنن جي طرفان اختيار ڪئي وئي آهي. ڪي روشن خيال نيم دانشور ان پوري سازش کي هندو سماج جي اندروني ڀڃ ڊاھ ۽ هندو سماج جي مروج ريتن رسمن خلاف بغاوت سمجھن ٿا. اسلام رواداريءَ جو مذهب آهي، اسلام کي ذاتي عياشي يا شاديءَ جي مقصدن لاءِ استعمال نه ڪريو. اهو ئي اسلام ترڪي، مصر، لبنان ۽ فلسطين ۾ عيسائي ڇوڪرين کي پناھ ڏئي رهيو آهي. ترڪي، مصر، لبنان ۽ فلسطين جون عيسائي ڇوڪريون پنهنجو مذهب يا پنهنجو گھر ڇڏي ڇو مسلمان نه ٿيون ٿين؟ سنڌ تي رحم ڪريو، سنڌي نياڻين تي رحم ڪريو، هندو نياڻين تي رحم ڪريو. منهنجي نياڻين تي رحم ڪريو. لالا رحمان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪالھوڪي سمن / اڄوڪي ڪائنات ، منھنجي ڌيءَ مثل آھي . ھن نوعيت جا جيڪي به معاملا ٿيا آھن ، انھن تي ڳوڙھي جاچ ٿيڻ گھرجي ، انھن جا سماجي، معاشي ، ثقافتي ، مذھبي ، مت ڀيد ، عورت ناتي ھر قسم جي استحصال ، جبر ، بليڪ ميلنگ سميت سمورن مسئلن جو ڇيد ٿيڻ گھرجي . ھن وقت تائين مذھب مٽائيندڙ نياڻين جي عملي زندگي مجموعي طور تباھ ۽ برباد ٿيل آھي . آئون ڪنھن عدالتي ڪميشن جو مطالبو نه ڪندس ، عدالتون ھاڻي گھڻي ڀاڳي ، انصاف جي ڪرسي بجاءِ اکين تي پنھنجي ذاتي ۽ نظرياتي مفادن جي ڪاري پٽي ٻڌي ويھن ٿيون ، ان لاءِ ھڪ اھڙو جاچ ڪميشن جڙڻ گھرجي  جنھن ۾ سماج جا اھي فرد ھجن جن جي ساک تي ڪير به شڪ نه ڪري ، ان فيڪٽ فائنڊنگ ۾ عالمي سطح جا اھي پرڏيھي به ھجن جيڪي ھر خطي جي  حالتن جو تز تجزيو به ڪري سگھڻ جي سگھه رکندا ھجن . نظام الدين اوليويا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مذھب مٽائڻ سان رت جا رشتا ختم ڪونه ٿيندا آھن. سوال ھي آھي ته والدين پنھنجي رت کان صرف انڪري بيزار ڇو ٿي ويندا آھن ته اھو مذھب تبديل ڪري چڪو آ؟ سنڌو نواز گهانگهرو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جبري مذهب تبديلي تي پابندي جي قانون کي اختيار ڪرڻ ۽ لاڳو ڪرڻ گهرجي، آخر ڇو صرف ٻارڙيون ئي متاثر ٿين ٿيون اسلام کان….جنهن تي مقصود احمد چانڊيو لکيو ته سوال ته اھو ئي آھي ڇوڪرا پڙھيل وڌيڪ آھن اھي اسلام ڇو ڪونه ٿا قبول ڪن، شهزاد راءِ وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي ته ظلم ٿي رهيو آهي، نعمت کهڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڏيپلي سان تَعلق رَکندڙ هِندو نِياڻي سُمن ڪُماري کي جَهڙي نَموني مُسلمان ڪيو ويو ۽ اُن کانپوءِ جَهڙي نَموني سُمن عُرف ڪائنات بيبي جي سَجاد مَهر نالي نوجوان سان پَسند جي پَرڻي جي خبر اَچي وَئي ته اُن سان هِڪ نَئون بَحث ڇِڙي پَيو آهي، اڪثر ماڻهو اُهو سَوال ڪري رَهيا آهن ته آخر اَڪثر ڪري هِندو برادريءَ جُون نوجوان ڇوڪريون ئِي ڇو اسلام قبول ڪن ٿيون…؟؟ ڪا پوڙهي، يا ڪي وَڏي عُمر جا مَرد وِرلي اَهڙو ڪو قدم کڻن ٿا، نه ته اَڪثر ڪري ننڍي عُمر جُون ڇوڪريون، ۽ جَوانُ نياڻيون اسلام قبول ڪري اُن دين ۾ داخل ٿِي وَڃن ٿيون، جيڪو هاڻي پَنهنجي مُسلمان ڀائرن، خاص طور تي عورتن کي به تحفظ ڏئي نَٿو سَگهي، ماڻهن جو ٻيو سَوال هِي آهي ته اُهو سَڀ ڪُجهه آخرڪار ڏهرڪيءَ جي درگاهه ڀَرچونڊي شَريف تي ئِي ڇو ٿِئي ٿو، جو اَڪثر هِندو نياڻيون اَچي ڪلمو پڙهي مُسلمان ٿِين ٿيون…؟؟ ڇا ٻئي هَنڌ ڪي ڀَلڙا عالم سَڳورا، ۽ نيڪ مَرد ناهن، جو اُهي ڇوڪريون اَچي اسلام قبول ڪن…؟؟ هِڪ اَهم سَوال هِي به آهي ته ننڍي عُمر جُون ڇوڪريون، يا جَوانُ نياڻيون اسلام قبول ڪري فوري طور تي پَسند جو پرڻو ڪِيئن ڪن ٿيون…؟؟ ڪِٿي اِئين ته ناهي ته اُنهن کي تَنگ، پَريشان، ۽ بليڪ ميل ڪري مَذهب مَٽائڻ تي مَجبور ڪيو وَڃي ٿو…؟؟ جنهن تي اسد حسين لکيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو مذهب آهي ان ۾ ڪنهن به قسم جي جبر ۽ ڏاڍ جي گنجائش نه آهي، مير مرتضيٰ چانڊيو پوسٽ سان اتفاق ڪيو، مظفر مصطفيٰ لکيو ته پسند جو پرڻو ڪرڻ هڪ سماجي معاملو آهي. هي ڪو سياسي مسئلو ناهي جو اجايو شور ڪجي. مجيب ميمڻ لکيو ته هندو نياڻي گهران نڪري ته مبارڪون، پنهنجي نياڻي گهران نڪري ته غيرت جو مسئلو ؟ غلام نبي ملڪ لکيو ته بلڪل غلط عمل آهي ڪنهن جو زبردستي مذهب مٽائڻ اسلام به اجازت نٿو ڏئي، آزاد سحر علي پالاري لکيو ته مذهب مٽائي ڀيڻ ڪر، زال ڇو ٿو ڪرين ؟ امر سنڌو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سمن وار معاملو پسند جي شادي جو گھٽ ۽ بليڪ ميلنگ وارو وڌيڪ لڳي ٿو، سمن سان نڪاح ڪندڙ سجاد منظرعام تي ڇو نه آندو ويو آهي؟ سڀني سياسي پارٽين جا هيڏا سارا وڪيل آهن قومي مسئلن تي هڪ مٺ ٿي بيهندا  آهن، ڀلا سمن قوم جي نياڻي ناهي ڇا ؟ ستارا تنيو به ان معاملي تي پوسٽ شيئر ڪئي، اسد چانديو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اسلام کان متاثر هندو نياڻيون ايئن ئي آهن جيئن برسات ۽ ٻوڏ متاثر، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڇوڪري جنھن سان پرڻي لاءِ ڏيپلي کان ڏھرڪي پھتي آھي، ان جي پوري نالي جي خبر نه اٿس، رنڪل ڪماري کان وٺي اڄ تائين خبر ناھي ته ڪيترين ڇوڪرين جو جبري مذهب تبديل ڪرايو ويو آهي ڇا اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ ڪو قانون ناھي…؟ همٿ مغيري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ جي ڪابه قومپرست پارٽي سنڌي هندن جي نياڻين سان ٿيندڙ ظلم ۽ قبيلائي تڪرار تي  ڪا ڀرپور تحريڪ هلائڻ لاء تيار نه آهن .  آخر ڇو؟ اسد ممتاز رڏ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڀلا مڃون سين ته پيار ٿيو، پيار ۽ شادي لاءِ مذهب جي تبديلي ڇو ؟؟؟ ڪبير ڀيل پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مذھب جي تبديلي ۾ جتي بليڪ ميلنگ ۽ جبر اهم سبب ۽ ظاهري حقيقت آھي اُتي وري مذھب جي تبديلي ۾ خود هندو مذھب ۾ ذاتيات جو ناسور پڻ اهم سبب ۽ لڪيل حقيقت آھي. جيستائين سڀ هندو، ذات پات واريون هٿرادو جوڙيل بيهودا ۽ غيرمنطقي حدون ڇڏي پاڻ ۾ شاديون نه ڪندا، لاڳاپا قائم نه ڪندا ۽ سماجي طرح نه جُڙندا تيستائين مذھب جي تبديلي جو سوال حل ٿيڻو ناهي. منهنجو چوڻ جو مقصد لوهاڻا، مهاراج، ٻاوا، ڀيل، ڪولهي، ميگهواڙ، اوڏ، کتري، جوڳي، ٺڪر، باگڙي، چارڻ، جنڊاوڙا، لوهار، ڪلال، بالميڪي، سوٽھڙ، رٻاري ۽ ٻيون سڀ ذاتيون پاڻ ۾ شاديون ڪن، هڪ ٻي سان رشتيداريون ڪن ان سان الائي ڪيترا فرق ختم ٿي ويندا ۽ ڪافي مسئلا پڻ حل ٿي ويندا. اشو لوهاڻو پوسٽ شيئر ڪئي ته تون ته سمن مان ڪائنات ٿي وئين پر تو پنهنجن جي ڪائنات ئي اوندهه ڪري ڇڏي، ڪڇي شيوا پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڏي ڏک ۽ افسوس جھڙي ڳالهه آھي جو ڏيپلو واسي نياڻي سمن لوھاڻو جي وارثن سان ٿيل ملاقات دوران ميان اسلم ۽ ڪجهه ٻيا ماڻهو نياڻي سان گڏ ويٺا رھيا جيئن نياڻي مٿان دٻاءُ برقرار رھي، اھا سراسر ناانصافي آھي اھڙي حالت ۾ ڪابه نياڻي وارثن سان ڳالھائي نه سگھندي نه ڪي ڪا دل جي ڳالهه ڪري سگھي ٿي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن سميت سڀني قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سنڌي ھندو نياڻين واري معاملن تي نوٽيس وٺي قانونسازي عمل ۾ آڻڻ گھرجي، ماڻهن ۾ وڏو خوف ۽ حراس آھي حڪومت ۽ ادارن کي سوچڻو پوندو، سنڌي ھندو نياڻين واري معاملن تي سنڌ حڪومت جي خاموشي ڪنهن وڏي تحريڪ کي جنم ڏيندي، سنڌ حڪومت کي ڏنل الٽيميٽم ۾ باقي 15 ڏينهن ان بعد وزيراعلي ھائوس اڳيان احتجاجي ڌرڻي جو سڏ ڏينداسين. جنهن ي عالم چنڊ ڪولهي، اشوڪ ڪولهي، ارباب ڪنڀر، سهيل لغاري، ڪانجي ڪڇي، اشوڪ ڪمار، هيمن ڪمار، ڪيلاش ڪمار ۽ ٻين به ردعمل ڏنو. نجمه ڀٽي پوسٽ شيئر ڪئي ته ڏيپلو واسي نياڻي سمن لوھاڻو جو والد فوت ٿي چڪو آھي بيوس امڙ ۽ ڀائر روئي روئي بيحال بڻجي چڪا آھن مالڪ نه ڪري ڪنهن جي گھر ۾ اھڙو واقعو پيش اچي ماڻهو جيئري ئي مري ٿو وڃي ھڪ سلجھيل پڙھيل لکيل ڪاروباري فيملي ۾ اھڙو واقعو انتھائي ڏکوئيندڙ آھي. شڪيل ڇڄڙو پوسٽ شيئر ڪئي ته مذهبن جا معاملا پاڻ وٽ رکو! پر يار جنھن جي نياڻي گهران نڪري وڃي ٿي اھو ته جيئري ئي مري ويندو آهي! ممتاز آريسر پوسٽ شيئر ڪئي ته اگر ڪنهن به مذهب ۾ ڪنهن فرد تي زوري زبردستي سان تبديل ڪرائي عمل ڪرايو وڃي اهو فرد ان زوري مذهب مٽائڻ کي تسليم ڪري سگهي ٿو ته اها ڳالھه منهنجو ذهن تسليم نٿو ڪري. حق ابڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته آخر هندو سنڌي نياڻيون صرف شادي لاءِ مذهب ڇو ٿيون مٽائن ۽ اهو به اڪثر ميان مٺو ۽ پير سرهندي جي سهڪارسان ؟ صرف اسان ان سوال جو جواب ڳولهيو ته سڄي حقيقت سامهون اچي ويندي.نارائڻ داس ڀيل، راج پرمار ۽ ٻين به پوسٽون شيئر ڪيون. شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڪيڏو نه ٻٽو معيار آهي هن ملڪ ۾ ڪا مسلمان ڇوڪري ڪورٽ ميرج ڪري ٿي ته توهان هٿيارن جي زور تي به ڪورٽ مان کڻي اچو ٿا ۽ اهو بيان ڏيو ٿا ته شادي / نڪاح ۾ والدين جي مرضي ضروري آهي، اهو نڪاح قابل قبول ناهي!!اتي ڪنھن 14/ 12  سالن جي هندو نياڻي کي زبردستي اغوا ڪري بندوق جي زور تي ڪورٽ پهچايو ٿا.  هوءَ خوف ۾  بيان ڏئي ٿي ته توهان ان ئي ڪورٽ مان ان نياڻي کي نعرن ۽ گلن جي ورکا ڪري وٺي ٿا اچو، ان وقت پوءِ توهان کان والدين جي مرضي جو هجڻ  ياد ئي ڪونه پيو رهي نه ئي ننڍپڻ جي شادي وارو قانون!! ان کانپوءِ اهي نياڻيون ڪھڙي حالت ۾ ڪٿي ڪنهن وٽ رهن ٿيون ڪنهن کي خبر ئي نه!!