اشو آف دي ڊي زور جي ميندي ناهي لڳندي: سم يا سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ بدران پئسا ڏيو پوءِ ڏسو ڪيئن هر ڪو ويڪسين ٿو هڻائي

0
203

سنڌ ۾ ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ جي رڳو موبائيل سِم نه، پر سوشل ميڊيا اڪائونٽس به بلاڪ ڪيا ويندا، سنڌ سرڪار طرفان ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙن خلاف مرحليوار ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آھي، پهرئين مرحلي ۾ ويڪسين نه ڪرائيندڙن جون موبائيل سِمز بلاڪ ٿينديون، ٻئين مرحلي ۾ فيس بُوڪ، واٽس ايپ سوڌو سوشل ميڊيا اڪائونٽس بلاڪ ويندا،ٽئين مرحلي ۾ موبائيل فون ذريعي ڪم ڪرڻ جي سهولت ختم ڪئي ويندي، چوٿين مرحلي ۾ موبائيل فوِن سِم مڪمل بلاڪ ڪئي ويندي، اهڙي خبر سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو ۽ دلچسپ تبصرن جو سلسلو شروع ٿي ويو، اڪثر ماڻهن چيو ته ويڪسين هڻائي وڃي، ان سلسلي ۾ فيس بوڪ تي ٽائيم نيوز جي پيج (TheTimeNews.TV) تي شيئر ڪيل خبر تي ڪمينٽ ڪندي رياض احمد لکيو ته اسان پاڻ خوش آهيون ته 2000ع کان اڳ وارو دور اچي، نه موبائل هئي نه وري ضروري سمجهون پيا، وي سي آر هئي سڀ دوست گڏ ويهندا هئا ڪچهري ڪندا هئا، ذوالفقار ساسولي لکيو ته ويڪسين نامنظور، ڪاشف راٺوڙ لکيو ته ٻڏي مرڻ جو مقام آهي، محمد نعيم بلوچ لکيو ته ان ۾ نقصان وري به حڪومت جو آهي، حسين علي مهيسر لکيو ته ڀلي بند ڪريو پر ويڪسين پوءِ به لڳي ٿو نه هڻائيندا، احمد خان ڀرڳڙي لکيو ته رڳو پئسن جي پويان آهن، جيڪڏهن عوام سان سچا آهن ته اسپتالون ڏسن اتي عوام سان ڪهڙو ظلم آهي، رزاق گهانگهرو لکيو ته تمام سٺي ڳالهه آهي، پر جيڪڏهن 1000 رپيا في ڪارڊ تي هجن ته ڪير به نه رهجندو سڀ ويڪسين لڳرائيندا، غلام ياسين لکيو ته ڊرامو بند ڪن، علي نواز کوسو لکيو ته هنن جي چوڻ تي هاڻ وفاق سمون بند ڪندو، هي وڃي درگاهون ۽ اسڪول بند ڪن جتي هنن جو وس هلي ٿو، عبدالواحد لغاري لکيو ته تجرباتي ويڪسين هڻايو، شاهجهان نوتڪاڻي لکيو ته چورن، ڦورن، منشيات فروشن خلاف به اهڙو قانون ٺهي،ظهير احمد سهندڙو لکيو ته هن عمل ۾ جعلي سمون بند ٿي وينديون، محمد ايوب لکيو ته سمون ڀلي بند ڪن اسان جو ڪهڙو نقصان ٿيندو. استاد خالد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪورونا ويڪسين نه ڪرائڻ وارن جا فيس بوڪ ۽ واٽس ايپ اڪائونٽ بلاڪ ٿيندا جنهن تي رانجها لکيو ته هاڻ سولا ٿيا، هڪ ٻي پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي ايم بي ٻروچ لکيو ته ڀلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪري ڇڏن اسان جا ڪهڙا وري کنڊ جا جهاز ٻڏن پيا، بيگ محمد راڄپر لکيو ته سنڌ حڪومت جو اهو بهترين فيصلو آهي، جنيد ميمڻ لکيو ته صحيح فيصلو آهي بند ڪري ڇڏيو، حاجي محمود پنهور لکيو ته شرم اچڻ گهرجي اهڙن حڪمرانن کي، اهي شيون هنن وٽ آهن ئي ڪونه، هيڏي مهانگائي بيروزگاري بدامني نظر ئي نٿي اچين بس ڪورونا نظر ٿي اچي، سيد محمد باقر نقوي لکيو ته اسان ٽيليگرام استعمال ڪنداسين، ڪبير سنگهه لکيو ته وي پي اين زنده آباد، ڪپل ديو لکيو ته جيڪڏهن پوءِ به ڪنهن ويڪسين نه لڳرائي ته ڇا ڪندا؟ زوار محسن رضا لکيو ته زور جي ميندي ناهي لڳندي، منور علي بڙدي لکيو ته ڪجهه به ڪريو پوءِ به نه هڻائيندا، عقيل سهتو لکيو ته پئسا وٺڻ لاءِ حڪمران ايئن ٿا ڪن، اسد مصطفيٰ لکيو ته مون ويڪسين هڻائي آهي، مير فواد لکيو ته ڪجهه به نه ٿيندو ڀلي سوشل ميڊيا اڪائونٽس بند ڪن، سرتاج احمد عباسي لکيو ته اهڙا زبردستي جا فيصلا نامنظور، توصيف حيدر لکيو ته پهريان چوندا هئا ته ڪنهن کي به زوري ويڪسين نه هڻنداسين، راهول ڪمار لکيو ته ايڏو وڏو ڪوڙ،شيراز لکيو ته شادي تي به پابندي لڳائي وڃي.