اشو آف دي ڊي … خيرات نه، روزگار کپي: سوشل ميڊيا تي مهم

0
175

 ڪراچي : سوشل ميڊيا تي عوام پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ته خيرات نه، روزگار کپي، ماڻهن کي پنائڻ سيکارڻ بدران روزگار ڪرڻ سيکاريو وڃيسوشل ميڊيا تي چيو ويو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت بجيٽ ۾ 450 ارب رپيا رکيا ويا آهن، جيڪڏهن هڪ ارب جي هڪ فيڪٽري به لڳائي وڃي ته سنڌ ۾ 450 فيڪٽريون لڳي وينديون، عورتن کي وظيفا ڏيڻ بدران انهن فيڪٽرين ۾ روزگار ڏنو وڃيبرڪت نوناري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بنگلاديش ۾ بيروزگاري ڪونھي، ڪا به عورت بينظير انڪم سپورٽ جي خيرات جي آسري ۾ ڪونھي. بنگالي عورتون ٽيڪسٽائيل انڊسٽريءَ ۾ مزدوري ڪن ٿيون. جنھن وقت بنگلاديش آزاد ٿيو ان وقت بنگلاديش جي ڪل ملڪيت 6 ارب ڊالر ھئي ھينئر ٽي سئو اٺھٺ ارب ڊالر اٿس. سنڌ ۾ عورتن کي ھنر ناھي سيکارڻو صرف پنڻ سيکارڻو آھي؟ جنهن تي مکڙي زاهد مسرت لکيو ته لکيو ته اسان زنده قوم آهيون، چندر سکاڻي لکيو ته پاڪستان ۾ ليڊر بس پنهنجا ڀڀ بدران ڪجهه ملڪ لاءِ ڪن ته پاڪستان وٽ سڀ ڪجهه آهي، نورمحمد چانڊيو، شاهد عليظهر چانڊيو ۽ سريش ملهاڻي به ردعمل ڏنوعرفان علي گوپانگ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ 30 ضلعا ۽ 150 تعلقا آهن، سڀني ضلعن ۽ تعلقن ۾ ٻه ٻه فيڪٽريون لڳايون وڃن جتي صرف عورتون ڪم ڪن، انڪم سپورٽ بدران ڪيئن رھندو؟ جنهن تي عبدالرئوف ٻرڙو لکيو ته صحيح رهندو پر اهو ڪندو ڪير؟ نندلال جئپال لکيو ته اهو بهتر رهندو، شمع فاطمه لکيو ته بي آءِ ايس پي ۾ ڪافي عورتون بزرگ آهن انهن جو گذارو ان تي آهي اهي بي سهارا آهن، مجيب بوهڙ لکيو ته اسان کي فقير بڻجڻ ڏيو، اسان کي فيڪٽرين جي ضرورت ناهي حڪومت 12 هزار رپيا ڏئي رهي آهي، هر ضلعي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت سلائي سينٽر ٺاهي عورتن کي هنر سيکاريو وڃي، امتياز حسين لکيو ته خيرپور ۾ کاڪن کي صاف ڪرڻ سوڌو ٻين ڪمن جون فيڪٽريون هيون جيڪي حڪومتي سهڪار نه هجڻ ڪري ختم ٿي ويو، خيرپور، سکر، روهڙي ۾ اهڙيون فيڪٽريون کولڻ جي ضرورت آهي، سائقه مڱڻهار لکيو ته ايئن ته سنڌ جو عورتون معتبر ٿي وينديون جيڪي هي چاهين نٿا، محمد پليجو لکيو ته وڏيرو ڪيئن چاهيندو ته عوام پنهنجي پيرن تي بيهي، نظير احمد چاچڙ لکيو ته ملڪ معاشي مشڪلاتن جو شڪار آهي عورتن جي روزگار سان خوشحالي به ايندي، نثار احمد نظاماڻي لکيو ته ڪورنگي ۾ وڏيون فيڪٽريون عورتن کي ملازمت ڏيڻ لاءِ منٿون ڪن ٿيون پر عورتون ڪم نٿيون ڪن، امداد ڏيپر لکيو ته انهي سان بيروزگاري به ختم ٿيندي، فرحان جوڻيجو لکيو ته هائوس فيڪٽري کي به هٿي ڏني وڃي، عبدالله جوڻيجو لکيو ته محنت وڏي ڏکي آهي، علي شير لکيو ته پوءِ ماني ڪير پچائيندو، فقير حيدر لکيو ته بجيٽ ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام لاءِ 450 ارب رکيا ويا آهن جيڪڏهن هڪ فيڪٽري هڪ ارب ۾ لڳائي وڃي ته 450 فيڪٽريون لڳي سگهن ٿيون، قوم کي پنڻ نه پر ڪمائڻ سيکاريوعلي رضا ٻرڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌيو پنڻ بجاءِ بک تي ويھو انڪم سپورٽ پروگرام جو بائيڪاٽ ڪريو، 450 ارب مان ننڍن شھرن ۾ فيڪٽرين لڳائڻ جي گھر ڪيو، محنت سان ئي خوشحالي ايندي، عامر خان ساريو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ 450 ارب استعمال ڪرڻ بجاءِ لاڙڪاڻي، قمبر شھدادڪوٽ ، ۽ ٻين پوئتي پيل شھرن ۾ فيڪٽريون حڪومت کي کولڻ کپن، جيئن عوام پنڻ بجاءِ محنت ڪرڻ جو عادي ٿي. جنهن تي ملهار ساريو لکيو ته اسان پنڻ کان بس ڪيون ته ٻئي ڪم تي ڌيان ڏيون نه، سهيل سنڌي، عبدالجبار ڀٽي، ضمير حسين ٽانوري، سجاد علي جلباڻي، شريف کوسو، نادر علي ڏيٿو، غلام نبي چنجڻي، عبدالخالق به فيڪٽريون لڳائي روزگار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، نياز احمد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جنهن مُلڪ جي تعليم جي بجيٽ 80 ارب ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي بجيٽ 450 ارب ھجي اُتي ماڻهو سائنسدان گهٽ فقير وڌيڪ بڻجندا آهن