ايف آءِ اي ڪارروائين بعد پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين پاران پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث شروع ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ چيو پيو وڃي ته پي ٽي آءِ ۾ گروپ بندي ٿي رهي آهي، جهانگير ترين ڪيترن ئي پارلياماني ميمبرن جي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي. اظهر جاويد ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته نواز ليگ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿي وئي، تحريڪ انصاف ۾ بغاوت ٿئي پئي، فارورڊ بلاڪ جي شروعات ٿي وئي آهي، جهانگير ترين پنهنجي خلاف ٿيندڙ ڪارروائين تي کلي ڪري سامهون اچي ويو آهي، 29 قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جهانگير ترين جي آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي، پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت کي خطرو آهي، عمران خان بليڪ ميل ٿيندو يا استعيفا ڏيندو؟ جنهن تي حماد خان لکيو ته ن ليگ مان ش ليگ ڪڍڻ لاءِ پي ٽي آءِ (ج) پيش خدمت آهي، سڪندر شيخ لکيو ته عمران خان نه بليڪ ميل ٿيندو نه استعيفا ڏيندو پر مخالفن کي خواري کي منهن ڏيڻو پوندو، هڪ صارف لکيو ته عمران خان نه استعيفا ڏيندو نه وري بليڪ ميل ٿيندو پر جهانگير ترين کي منٿون ڪندو. سليم الدين انصاري لکيو ته سڄو ڊرامو هلي رهيو آهي عمران خان کي سياسي شهيد ڪري ٻيهر وارو ڏيڻ جي ڪوشش لڳي رهي آهي، سڀ ڪيس نيب ۾ آهن ۽ ترين ڪيس ايف آءِ اي ۾ آهي؟ ساجد مغل لکيو ته اها غلط فهمي آهي ته جهانگير ترين ڌار گروپ ٺاهيندو، ڇو ته انهن سڀني جا گڏيل مفاد آهن، محمد احسان اشرف لکيو ته سڄو ڊرامو آهي اصل ۾ مسئلن تان ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ٽوئيٽر تي جهانگير ترين ٽرينڊ پڻ هلايو ويو جنهن ۾ جهانگير ترين جي پي ٽي آءِ ايم اين ايز، ايم پي ايز، صوبائي وزيرن ۽ مشيرن کي ڏنل آجياڻي جي حوالي سان پوسٽون شيئر ڪيون ويون.