اشو آف دي ڊي تيل اگهن ۾ واڌ – پمپن تي رش: بوسٽر ڊوز جي اڳواٽ تياري هئي

0
86
اشو آف دي ڊي تيل اگهن ۾ واڌ - پمپن تي رش: بوسٽر ڊوز جي اڳواٽ تياري هئي

 پيٽرول ٻيهر مهانگو ٿي رهيو آهي، اهڙيون خبرون  سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون جنهن کانپوءِ عوام شديد ردعمل ڏنو، حڪومت مٿان تنقيد ڪئي وئي اتي وري دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ سرمد ساگر احمداڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ 25 رپيا واڌ جي سمري وزيراعظم پاران منظور، نئون اگهه 237.56 في لٽر هوندو، جيئو ڪرنيس، جنهن تي جمن احمداڻي لکيو ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ تي ماڻهن کي مڪاني چونڊن جو بائڪاٽ ڪري گهر ويهڻ گهرجي، ننگر خان احمداڻي لکيو ته ظلم جي انتها آهي، مظفر حسين سهتو لکيو ته اها غلط رپورٽ آهي. يونس چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول پمپ انتظاميا طرفان پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ جو ٻڌي پيٽرول ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، لائيٽون بند ڪري ڇڏيون، عملو غائب ٿي ويو، ھي ڪٿان جو انصاف آھي؟ حڪومت کي کپي ته پيٽرول مافيا ذخيرو ڪندڙ ۽ پيٽرول منافعي خورن خلاف ڪارروائي ڪري  عوام کي سهولتون ڏنيون وڃن. ماجد سمون لکيو ته پيٽرول 500 رپيا في لٽر ٿيندو تڏهن به ماڻهو برداشت ڪري وٺندا، جيڪا صورتحال محسوس ٿي رهي آهي، مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽرول مهانگو ڪرڻ جي ڳالهه ئي ناهي ڪئي،بس ان کي ٽي وي تي ڏسي ماڻهو ڇرڪ پيا ڀرين، نانگ جو کاڌل نوڙيءَ کان ڊڄي.

شبير لغاري لکيو ته اهو پيٽرول جو اگهه وڌائڻ جو اعلان ڪندي ٻهڪي پوندو آهي، سيد جاويد سيوهاڻي لکيو ته هاڻي پيٽرول پمپ تي هڪ چهبڪ وارو به بيهارين جيڪو تيل ڀرائي ان کي 3 چهبڪ به هڻي.سرور ميمڻ لکيو ته منهنجي وس جي ڳالهه ناهي، آر بي هنڱورجو لکيو ته دلير قوم آهيون، قربان منگي لکيو ته هن ملڪ ۾ بس رهيل اهو آهي ته پيٽرول خريد ڪرڻ وقت پئسن سان گڏ 10 لتر  هڻندا ته به ماڻهو خاموش رهندا. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته او ادا پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافو اڄ رات نه پيو ٿئي. اجايو لائينون نه لڳايو.سڀاڻي جا ڀاڳ سڀاڻي سان….جنهن تي انور سنڌي لکيو ته جڪيڏهن انهن لائينن جي بجاءِ احتجاج ڪن ته اهو ڀلو يا ايندڙ نسلن کي به لائينن جي آسري ڇڏي ويندا،  مجيب الرحمان جمالي لکيو ته عوام کي انجيڪشن صرف ڏيکاري اٿن هنئي ڪو نه اٿن، عوام ٻار وانگي ڏسي ڪري دانھون پيو ڪري ڇو جو نانگ جو ڏنگيل نوڙيءَ کان به ڊڄندو آهي رات جو ستل هونداسين پوءِ اٿي اعلان ڪندا صبح جو گڊ نيوز ٻڌڻ ۾ ايندي، سيد ساجد جيلاني لکيو ته اڃا عوام ۾ دم آهي، نئين ڊوز جي اڳواٽ تياري ڪن پيا، آڪاش ملاح لکيو ته انهن کي حڪومت تي ڀروسو ناهي، ذيشان حيدر شيخ لکيو ته دوکو ٿي ويو، ماسات جي چوڻ تي 400 جو پيٽرول ڀرائي ڇڏيو،

اڪرم رانجهاڻي لکيو ته هي ايڊوانس پروگرام ۾ آهن، عابد شر لکيو ته مفتاح ٽهڪ ڏئي ڳالهه ڪري اها صورتحال پيدا ڪئي آهي، گهرام خان کوسو لکيو ته وڏي حالت هئي حيدرآباد ۾ ته ڊگهيون قطارون لڳل هيون، اهي قطارون روڊن تي قيمتن ۾ واڌاري خلاف لڳن ها ته ڪجهه نه ڪجهه عوام جو بچاءَ ٿئي ها، محمد عارف چاچڙ لکيو ته اھڙي قوم لاءِ اھڙا حڪمران سزا طور ڪافي آھن. ان ماڻھن کي ڪير سمجھائي ته قيمت وڌڻ کان اڳ ڪجھه لٽر وجھائڻ سان وڌ ۾ وڌ 150 رپيا بچندا پر جي اھي ساڳا ماڻھو روڊ تي اچن ته شايد حڪومت تي به ڪجھه اثر پوي. حيدر سنڌي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پيٽرول جي قيمت ۾ اضافي جي امڪاني خبر ٻڌي ماڻهو گاڏيون ڪاهي پيٽرول پمپن تي پهچي ويا جن کي ڏسي مون کي ان بادشاھه ۽ سندس عوام واري ڪهاڻي ياد اچي وئي. جنهن تي مير اختر بلوچ لکيو ته الائي ڇا ٿيندو هن قوم جو، برڪت جهنڊير پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وري تيل مهانگو ڪرڻ جا سانڀاهه،ملڪ مان لڏڻ لاءِ ڪهڙي گاڏي ملندي ؟ عبدالجبار لکيو ته اسان به اوهان سان گڏ هلنداسين،

حضور بخش لکيو ته گڏهه گاڏو، محمد شهبان چاچڙ لکيو ته سائيڪل، قاضي اشفاق احمد لکيو ته جيڪا به گاڏي هوندي پيٽرول تي ئي هلندي. عرفان عالماڻي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مفتاح اسماعيل چيو آهي ته پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ نٿي ٿئي، رلي ته پيٽرول پمپ وارا ويا جن فائدي جي چڪر ۾ 8 ڪلاڪ اڳ پمپ بند ڪري لکين رپيا نقصان ڪيو. جنهن تي ڪانجي رام لکيو ته پوءِ مون اجايو 500 رپين جو پيٽرول ڀرايو، شمس ميراڻي لکيو ته رلي ته اهي ماڻهو به ويا جن اگهه وڌڻ جو ٻڌي 5-5سئو لٽر ڀرائي ڇڏيا، عرفان لنجواڻي لکيو ته اسان به ٻه ڪلاڪ لائين ۾ لڳي رلي وياسين. ممتاز ڇٽو لکيو ته سٺو ٿيو پيٽرول پمپ وارن سان، آزاد ٽالپر لکيو ته اسان جهڙا جن ڊرم ڀرايا. امتياز علي مڱريو لکيو ته جرمني ۾ پيٽرول جو اگھه ھڪ ڀيرو وري وڌايو ويو ته گاڏين ۾ سفر ڪندڙ ھزارين نه پر لکين جرمن ماڻھن رستن تي پنهنجون ذاتي گاڏيون بيهاري چاٻيون ڪڍي ڇڏيون ته جيئن روڊ رستا بند ٿين ۽ حڪمرانن کي مھانگائي جو احساس ٿئي. ھڪ ڪلاڪ اندر جرمن حڪومت تيل جا اگهه گهٽائي ماڻهن کي مطمئن ڪري ڇڏيو. ھاڻي اسان سڀني کي ھڪ آواز اٿارڻو پوندو.